Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر سريراڳ جَي سيوا ۽ سار جو بيت
جيڪِي مَنجِهہ جَھانَ، سو تارِيءَ تَڳي تُنھِنجي،
لُطِفَ جِي لَطِيفُ چئَي، تو وَٽِ ڪَمِي ڪانَہ،
عَدُلَ ڇُٽان آئُون نَہ، ڪو ڦيرو ڪِجِ فَضُلَ جو.
رسالن ۾ موجودگي: 79 سيڪڙو
سمجهاڻي
(اي خالق) هن جھان (ڪائنات) ۾ جيڪي ڪجهہ (مخلوقات يا شيون) آهن، اهي سڀ تنھنجي سھاري تي پيون هلن (اهي سڀ تنھنجون محتاج آهن، پر تون ڪنھن جو محتاج نہ آهين). عبداللطيف چوي ٿو (اي سٻاجها سائين) تو وٽ مهر ۽ ٻاجهہ جي ڪا کوٽ يا گهٽتائي ڪانهي (اها اڻ کٽ آهي). عدل انصاف (حساب ڪتاب) ٿيندو تہ آءٌ بچي ڪونہ سگهندس، تون ڪا بخشش ڪر! (وڏي مهرباني ڪر).
[روميءَ مثنويءَ ۾ خدا ۽ ٻانهي يا خالق ۽ مخلوق جي تعلق کي ڪيترن ئي مختلف طريقن سان سمجهايو آهي، ليڪن هڪ هنڌ چوي ٿو:
تو چو جاني، ما مثال دست و پا،
قبض و بسط دست از جان شد روا.
(دفتر پنجم، ب- 3313)
معنيٰ: تون ساھ وانگر آهين ۽ اسين هٿن پيرن وانگر آهيون. هٿن پيرن جو هلڻ يا چُرڻ ساھ کان سواءِ ناممڪن آهي.
مثنوي رومي ۾ هونئن تہ دعا جا ڪيترائي بيت آهن، پر هتي صرف هڪ پيش ڪجي ٿو.
اي خدا، اي فضل تو حاجت روا،
باتو ياد هيچکس نبود روا.
(دفتر اول، بيت- 1860)
معنيٰ: اي مولا! تنھنجو فضل ئي منھنجي سولي سڻائي ڪندو، تنھنجي مهربان نالي کان پوءِ ٻئي ڪنھن کي ياد ڪرڻ درست ناهي.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود راڳ، بيت نمبر : 1404
جٖيْڪٍ مَنجِ جِھَانَ سُوْ تَارِيَ تَکٖيْ تُوْهْجٖيْ﮶
لُطْفَ جِيْ لَطِيْفُ چٖيْ تُوْ وَٽِ ڪَمٍ ڪَانَ﮶
عَدْلِ ڇُٽَا آَنَ ڪُوْ ڤٖيْرُوْ فَضْلَ جُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जेकी मंझि जहान। सो तारीअ तगे॒ तुंहिंजे।
लुतिफ़ जी लतीफ़ु चए। तो वटि कमी कान
अदुलि छुटां आन न। को फेरो किजि फज़ल जो।
ROMAN SINDHI
Jekee manJh jahan'a, so taaree'a tagge tuhinje,
Lutif'a jee latif'u chae, to watt kamee ka na,
Adul'a na chhuttan Aaon na, ko Phero kaj fazul'a jo.
TRANSLATIONS
O Allah! Whatever exists in the universe subsists on your patronage. Latif says: “Your mercy is unrestricted. I do not expect to be let off on the basis of justice. Kindly blend it with compassion”.
Verily Allah is most Indulgent, most Forgiving (43, Al- Nisa)
What ever exists in the world, by the grace doth it live,
They mercy, Latif says, has no limit,
By justice I cannot be spared by thy compassion alone I be saved.
All that is in universe depends for its subsistence on you,
Lateef says, there is no limit to your mercy,
Not justice but compassion can redeem me.
كل العالم والكون يلقي مأمنا رديك ويجري على أملك.
أنت أرحم الراحمين فالباب بابك ليس يرجي غيره.
أنت عادل وأنا مذنب عفوك أعظم وبالعداله وبالميزان لا أستطيع أن أتخلص من ذنوبي فيرجي غفرانك.
فامنن عليّ بغيت فضلك سيدي يا غاية الآمال يأكل المني.
جہان ہر شیءِ کہ می دارد، نگہبانش تو ئی یاربُّ
کمی لُطف ر کرم را نیست اَندر بارگاہِ تو
نیابم راستگاری من، زِعَدلت ای خدا ہر گز
مگر فضلَت کند آزاد و بَر آیم بہ راہِ تو
جو کجھ ھے اس دنیا اندر قائم اوہدے سہارے
مہر کرماں دی کمی نا کوئی، اوس سچے دربارے
یہ رنگا رنگ موجودات عالم
بقید زیست ہیں جن کے سہارے
’لطیف‘ اس کا اگر لطف و کرم ہو
تو پھر جائیں نہ کیوں یہ دن ہمارے
تیری مہر و وفا سے قائم، سارے موجودات،
کہے لطیف کہ لطف و کرم کی، کتنی ہے بہتات،
فضل سے تو ملے نجات، عدل سے کب مل سکتی ہے۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آڇاڙا عَمِيقَ جا، گَڏِئا غَواصَنِ،…
- (بيت) آڏو چِڪَڻُ چاڙُه، مُنھِنجِي مَوجَ…
- (بيت) اَٺَئِي پَھَرَ اوڙاھَ تي، مَنجِهہ…
- (بيت) اِيءَ گَتِ غَواصَنِ، سَمُنڊُ سوجِهَيائون،…
- (بيت) جَنِي سودي سَچَ سين، وَکَرُ…
- (بيت) سارِي راتِ سُبحانُ، جاڳِي جَنِ…
- (بيت) سارِي راتِ سُڄاڻَ، سودو ڪَنِ…
- (بيت) سي پُوڄارا پُرِ ٿِئا، سَمُنڊُ…
- (بيت) سيوا ڪَرِ سَمُنڊَ جِي، جِتِ…
- (بيت) سيوِيو جَنِ سُبحانُ، وِيرِ نَہ…
- (بيت) سَمُنڊَ جٖي سيوِينِ، ماڻِڪَ تَنِي…
- (بيت) سَمُنڊَ ڪِينَ سُڪَنِ، ڪوڙيِين جي…
- (بيت) ويرَ مَ لاھي ويھُ، مَٿي…
- (بيت) ويھُ سي وِساري چَڍا جي…
- (بيت) وِئا جي عَمِيقَ ڏي، مُنھِن…
- (بيت) ٻانَهپَ جو ٻيڙِيُنِ ۾، وَکَرُ…
- (بيت) ڪَرِ سَمُنڊَ سيواھاڻِ، ماڻِڪَ موتِي…
- (بيت) ھِڪَ تُراڙي گُناھَ، سَڀَيئِي سَنوارِئا،…
- (بيت) ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي…
- (بيت) ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي…
- (بيت) ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي…
- (بيت) ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي…
- (بيت) ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت

سريراڳ: شاستري سنگيت جو ھڪ مکيہ راڳ
ٺاٺ: پوربي (پوروا)
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: سا ري ما پا ني سا
آوروھا: سا ري ني ڌا پا ما پا ڌا ما گا ري سا
ھن راڳ جو وادي سر ”رکب“ ۽ سموادي سر ”پنڇم“ ٿئي ٿو.
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
وڊيو سيڪشن
