Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر سريراڳ جَي سيوا ۽ سار جو بيت
سَمُنڊَ ڪِينَ سُڪَنِ، ڪوڙيِين جي ڪائو ٿِئي،
پاڻِيءَ سين پيکُ ڪِئو، تيلاھَن وَڻِجارَنِ،
لالُون سي لَھَنِ، جَنِي سيوِئو سَمُنڊَ کي.
رسالن ۾ موجودگي: 36 سيڪڙو
سمجهاڻي
سمنڊ ڪڏهن بہ سڪي خشڪ نہ ٿيندا آهن توڻي جو پاڻيءَ ۾ ڪيتري بہ وڏي (انداز کان ٻاهر) لاٿ ڇو نہ اچي. بلڪہ وڻجارا پاڻ اهڙيءَ صورتحال ۾ سمنڊ جي پاڻيءَ سان وڌيڪ واهپو ۽ چاھ رکن ٿا ۽ ان سان محبت ڪن ٿا. (ياد رک) موتي ماڻڪ اهي ئي حاصل ڪن ٿا جيڪي هميشه سچ جو سودو ڪن ٿا، (جيڪي ڪپت ۽ ڪوڙ نٿا ڪن).
[سمنڊن مان موتي ملڻ بابت روميءَ هينئن چيو آهي:
در تگ دريا گهر با سنگهاست،
فخر ها اندر ميان ننگهاست.
(دفتر سوم، ب- 866)
معنيٰ: (اها ڳالهہ سمجهہ) سمنڊ جي تھ ۾ موتي پٿرن (گند گاھ) سان رليل هوندا آهن. کريون ۽ سچيون ڳالهيون خراب يا بيفائدي ڳالهين سان مليل هونديون آهن.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود راڳ، بيت نمبر : 1454
سَمُنْڊَ ڪِيْنَ سُڪَنِ ڪُوْرِي﮼ جٖيْ ڪَاؤُ ٿِي﮼﮶
پَانِيَ س﮼ پٖيْکُہ ڪِئُوْ تٖيْـلَا وَنِجَارَنِ﮶
لَعْلٌ سٖيْ لَھَنِ جَنٍ سٖيْوِئُوْ سَمُنْڊَ کٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
समुंड केन सुकनि। कोड़ियें जे काओ थिए।
पाणीअ सें पेखु किओ। तेलाहन वणिजारनि।
लालूं से लहनि। जनी सेविओ समुंड खे।
ROMAN SINDHI
Samundh keen'a sukaan, koreen jey kao thiyei,
Panee'a seein pekh'u kiyo, telahan wanjaran,
Laaloon se lahaan, janee sewiyo samundh khey.
TRANSLATIONS
Even if the sea were to abound in trash (instead of pearls), still it would attract the sea-farers. The love of water would attract the traders to it. They alone would find out pearls, who transact truth. (The truthfuls alone would receive guidance and the Divine knowledge for which they strive. The others would succumb to the multifarious attractions in which the world abounds).
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آڇاڙا عَمِيقَ جا، گَڏِئا غَواصَنِ،…
- (بيت) آڏو چِڪَڻُ چاڙُه، مُنھِنجِي مَوجَ…
- (بيت) اَٺَئِي پَھَرَ اوڙاھَ تي، مَنجِهہ…
- (بيت) اِيءَ گَتِ غَواصَنِ، سَمُنڊُ سوجِهَيائون،…
- (بيت) جيڪِي مَنجِهہ جَھانَ، سو تارِيءَ…
- (بيت) جَنِي سودي سَچَ سين، وَکَرُ…
- (بيت) سارِي راتِ سُبحانُ، جاڳِي جَنِ…
- (بيت) سارِي راتِ سُڄاڻَ، سودو ڪَنِ…
- (بيت) سي پُوڄارا پُرِ ٿِئا، سَمُنڊُ…
- (بيت) سيوا ڪَرِ سَمُنڊَ جِي، جِتِ…
- (بيت) سيوِيو جَنِ سُبحانُ، وِيرِ نَہ…
- (بيت) سَمُنڊَ جٖي سيوِينِ، ماڻِڪَ تَنِي…
- (بيت) ويرَ مَ لاھي ويھُ، مَٿي…
- (بيت) ويھُ سي وِساري چَڍا جي…
- (بيت) وِئا جي عَمِيقَ ڏي، مُنھِن…
- (بيت) ٻانَهپَ جو ٻيڙِيُنِ ۾، وَکَرُ…
- (بيت) ڪَرِ سَمُنڊَ سيواھاڻِ، ماڻِڪَ موتِي…
- (بيت) ھِڪَ تُراڙي گُناھَ، سَڀَيئِي سَنوارِئا،…
- (بيت) ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي…
- (بيت) ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي…
- (بيت) ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي…
- (بيت) ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي…
- (بيت) ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت

سريراڳ: شاستري سنگيت جو ھڪ مکيہ راڳ
ٺاٺ: پوربي (پوروا)
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: سا ري ما پا ني سا
آوروھا: سا ري ني ڌا پا ما پا ڌا ما گا ري سا
ھن راڳ جو وادي سر ”رکب“ ۽ سموادي سر ”پنڇم“ ٿئي ٿو.
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
