Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر کنڀات جَي چنڊ جو بيت
اَڄُ پُڻ اَڇائِي، چوڏِھيِنءَ ماھَ چَنڊَ جي،
مُون ڏُونھَن مُون پِرِيَنِ جي، اَچَڻَ جِي وائِي،
مُون گهَرِ واڌائِي، پيئِي کامِ کَرَنِ ۾.
رسالن ۾ موجودگي: 73 سيڪڙو
سمجهاڻي
اڄ چوڏهينءَ جي چنڊ جي (کير جھڙي سفيد) چانڊوڪي هر طرف پکڙيل آهي. اڄ ئي مون ڏانھن پرينءَ جي اچڻ جي ڳالھ منھنجي ڪن تي پيئي آهي. جيئن منھنجي گهر ۾ خوشيءَ جي اها خبر پھتي آهي تيئن رقيبن ۾ ساڙ ۽ حسد پيدا ٿي ويو آهي.
10
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود کنڀات، بيت نمبر : 1306
اَڃُہ پَنْ اَڇَائِيْ چُوْڎِيْهَ مَاہَ چَنڊَ جِيْ﮶
مُنْ ڎُوْہُ مُنْ پِرْيَنِجِيْ اَچَنَ جِيْ وَائِيْ﮶
مُنْکَرِ وَاڌَائِيْ پٖيْئِيْ کَامِ کَرَنِم﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
अजु॒ पण अछाई। चोडि॒हींअ माह चंड जे।
मूं डूं॒हं मूं प्रियनि जे। अचण जी वाई।
मूं घरि वाधाई। पेई खामि खरनि में।
ROMAN SINDHI
Ajj'u punn achaee, chodheen'a maah'e chand'a je
Moon doonhn moon pireyan je, achanje waee,
Moon ghar wadhaee, peyi khaam kharan me.
TRANSLATIONS
(old). Tonight is the full-moon night. It is in the air that my beloved would be visiting my house during the night. Every body felicitates me on it. My rivals however are very unhappy at the news.
فلک آوارہ بہر سو کندم میدانی
رشک می آیدش از محبت جان پرور ما
(Hafiz)
The sky whirls round and round me because it gets jealous of my association with the Nourisher of my life.
Today too there is radiance of full moon,
There are tidings of beloved's coming to my abode,
It is all joy in my house and rivals are burning with jealousy .
پورا چن آکاشی چڑھیا دنیا مڑ کے آئی
میرے گھر اج سجن آونا اُڈی ایہو ہوائی
میرے گھر مِلن ودھائیاں، دوکھی سڑدا پھردا
آج پھر چودھویں کا چاند ابھرا منتظر ہوں کسی کے آنے کی
دل مسرت سے لہلہاتا ہے کوئی پروا نہیں زمانے کی
چمکا ہے پھر چاند گگن میں، اُجلی پونم رات،
میرے یار کے آنے کی تو، آج چلی ہے بات،
خوشیوں کی برسات، رقیب کے گھر میں ہوگا ماتم۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آئُون جٖي ڏِيَئِين سَنِيھَڙا، چَنڊَ…
- (بيت) آيو چَنڊُ چَڙِهي، چارِيءَ جو…
- (بيت) اَڄُ اَچَڻَ ويرانِ، جاڳو نيڻَ…
- (بيت) اَڄُ جَهمَڪِي ماءَ، ھِينئَڙو مان…
- (بيت) اَڄُ پُڻ اوڀارو، چوڏِھِينءَ ماھَ…
- (بيت) اُونداھِيءَ اَڌ راتِ ۾، پِرِينءَ…
- (بيت) اُڀِرُ چَنڊَ پَسُ پِرِين، تو…
- (بيت) تُون چَنڊُ اُھوئِي، جَو ھُتي…
- (بيت) جَا نِشانِيءَ نُورَ جِي، سا…
- (بيت) جَا پيشانِيءَ ۾ پِرِينءَ کي،…
- (بيت) جَنِي لاءِ ڪِئا مُون، چاڙِھيڪا…
- (بيت) حَياتِيءَ ھيڪاندِ، ڌَڻِي ڪَرِيندين ڪَڏِھِين،…
- (بيت) سانگِ مَ وَڃَنِ سُپِرِين، مَرُ…
- (بيت) سَھِسين سِجَنِ اُڀِري، چوراسِي چَنڊَنِ،…
- (بيت) قَمَرَ ڪارو نانگُ، توکي کائي…
- (بيت) ناسِيندي نَظَرُ، پھرِين ڪِجِ پِرِيَنِ…
- (بيت) ناسِيندي نِرتِ، پھرِين ڪِجِ پِرِيَنِ…
- (بيت) ناسِيندي نِگاھَ، پھرِين ڪِجِ پِرِيَنِ…
- (بيت) ناسِيندي نِھارَ، پھرِين ڪِجِ پِرِيَنِ…
- (بيت) ڀَلا ئِي آھِينِ، پِرِين ڀَلائِيءَ…
- (بيت) ڀَلائِيءَ جا ڀيرَ، پيشانِيءَ ۾…
- (بيت) چوڏِينھَن چَنڊن اُڀِرِي، سَھِسين ڪَرِين…
- (بيت) چوڏِينھَن چَنڊَن اُڀِري، اُوڻَٽِيھَن پَسي…
- (بيت) چَنڊَ تُنھِنجِي ذاتِ، پاڙِيان تان…
- (بيت) چَنڊَ لڳنئِي مَنڊَ، سَنجهيئِي ٿو…
- (بيت) چَنڊَ ميرائِي سُپِرِين، کارا جِھَڙا…
- (بيت) چَنڊَ مَ اُڀِرُ سَنجَهہ، تَہ…
- (بيت) چَنڊَ ٿو چُئَئِين حَقُ، وِڙِھين…
- (بيت) چَنڊَ ٿو چُئَئِين سَچُ، وِڙِھين…
- (بيت) چَنڊَ چَوانءِ سَچُ، جي مَٺِين…
- (بيت) چَنڊَ چِٽائِي تُنھِنجِي، تارا بي…
- (بيت) چَنڊَ چِٽائِي تُنھِنجِي، سَھائِي مُون…
- (بيت) چَنڊَ کي چورائي جُهڙَ جَهپيئيِ…
- (بيت) چَڱا چَنڊَ چَئيجِ، سَنِيھا کي…
- (بيت) ڪِٿي ھُوندَمِ ھيرَ، ھِينئَڙي سَڄَڻَ…
- (بيت) ھيڪاندا ھُونِ پِرِين، سانگِ مَ…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت


ھي کماج ٺاٺ جو راڳ نالي کماچ، کاڊو سمپورن راڳ آھي. ھن جي ڳائڻ جو سمو بہ اڌ رات کان پوءِ جو آھي. ھن راڳ جي سُرن جي بيھڪ ھيٺينءَ ريت آھي:
آروھي: سا گا ما پا ڌا ني سا
آوروھي: سا ني ڌا پا ما گا ري سا
ھن جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ اٿس.
