اَڇائِي بابت
معنيٰ
سفيدي، اَڇاڻ، چِٽائي. سوجهرو، روشني. پاڪيزگِي. پاڪدامني، سَتُ. ساراه، تعريف. صفائي، فيصلو، چِٽائي نِرواري ليکي يا حساب ڪتاب ۾.
Whiteness, light, goodness, merit, virtue, righteousness, good deed, a good quality.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَڄُ پُڻ اَڇائِي، چوڏِھيِنءَ ماھَ چَنڊَ جي، مُون ڏُونھَن مُون پِرِيَنِ جي، اَچَڻَ جِي وائِي، مُون گهَرِ واڌائِي، پيئِي کامِ…[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- سُرمو سُفيدِيءَ جو، جَڏھِن وِڌو جَنِ، تَڏِھِين ڏِٺِي تَنِ، اَڇائِي عالَمَ ۾.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- عُمَرَ اَڇائِي تو کي، توڙائِين لِکِي، جِيئَن تو سامائِي، مامَ نَہ ڀَڳِي مارُوئين.[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]