چَنڊَ بابت
معنيٰ
چَندرَ قمر، ماهتاب، چَندِرُ مانَ.
The moon, the first day of the Islamic month being that when the new moon shows itself.
بيتن ۽ وائين ۾
- ناسِيندي نِھارَ، پھرِين ڪِجِ پِرِيَنِ ڏي، آئُون جي ڏِيَئِين سَنِيھَڙا، چَئِجِ چَنڊَ اَپارَ، ساجَنَ سَڀَ ڄَمارَ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- آئُون جٖي ڏِيَئِين سَنِيھَڙا، چَنڊَ پَلَئِہ ٻَڌُ، چَئِجِ حالُ حَبِيبَ کي، نيئِي نِوِڙائي ڪَنڌُ، تو تيڏاھِين پَنڌُ، جيڏاھَن عالَمَ آسِرو.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- چَڱا چَنڊَ چَئيجِ، سَنِيھا کي سَڄَڻين، اَڱَڻَ مَٿان اُڀرِي، پِريان جي پَئيجِ، جِهيڻو، ڳالَهائيجِ، پيرين وِجِهي ھَٿَڙا.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- اُڀِرُ چَنڊَ پَسُ پِرِين، تو اوڏا مُون ڏُورِ، سَڄَڻَ سُتا وِلَهہ ۾، چوٽا ڀَري ڪَپُورُ، پيرين آئُون نَہ پُڄَڻِي، ٻاٻَلُ…[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- اَڄُ پُڻ اَڇائِي، چوڏِھيِنءَ ماھَ چَنڊَ جي، مُون ڏُونھَن مُون پِرِيَنِ جي، اَچَڻَ جِي وائِي، مُون گهَرِ واڌائِي، پيئِي کامِ…[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- اَڄُ پُڻ اوڀارو، چوڏِھِينءَ ماھَ چَنڊَ جو، مُون گهَرِ مُون پِرِيَنِ جي، اَچَڻَ جو وارو، سَڄَڻُ سوڀارو، ڀيڄَ ڀَنِيءَ گهَرِ…[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- چوڏِينھَن چَنڊَن اُڀِري، اُوڻَٽِيھَن پَسي نَہ عامَ، مَٿِسِ ناھِ مَلامَ، جيڪو پُڇين پُڇُ سو.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- سَھِسين سِجَنِ اُڀِري، چوراسِي چَنڊَنِ، باللہ ري پِرِيَنِ، سَڀَ اُونداھِي ڀانيان.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- چَنڊَ کي چورائي جُهڙَ جَهپيئيِ نَہ وَڃيين، اُونداھِي آھي، اَجهو عاشِقَنِ جو.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- چَنڊَ مَ اُڀِرُ سَنجَهہ، تَہ اُونداھِي اَجهو ڪَرِيان، ڀَري کَٿُورِيءَ ھَنۡجَ، رُٺا پِرِين پَھايانَ.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- چَنڊَ چِٽائِي تُنھِنجِي، سَھائِي مُون سُورُ، لايان لالُ لِڱَنِ کي، چَندَنَ ڀَري ٻُورُ، ڪُوماڻو ڪَپُورُ، مُون واجهائِيندي پِرِينءَ کي.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- چَنڊَ چِٽائِي تُنھِنجِي، تارا بي ڌُڻِي، ڍائو ڪو نَہ چُڻِي، جهوتُون ڏيِندي جَهنگَ ۾.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- چَنڊَ لڳنئِي مَنڊَ، سَنجهيئِي ٿو شِيخَ ٿِئَين، ڪَرِ اُونداھِي اَنڌَ، تَہ مِلان مَحبُوبَنِ کي.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- چَنڊَ ٿو چُئَئِين حَقُ، وِڙِھين جي وِچِڙين، ٻَہ اَکِيُون ٽِئون نَڪُ، تو ۾ ناھِ پيشانِي پِرَ جِي.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- چَنڊَ ٿو چُئَئِين سَچُ، وِڙِھين جي وِچڙين، ڪَڏِھِين اُڀِرين سَنِهڙو ڪَڏِھِين اُڀِرين ڳَچُ، مُنھَن ۾ ٻَريئِي مَچُ، تو ناھِ پيشانِي…[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- چَنڊَ چَوانءِ سَچُ، جي مَٺِين نَہ ڀانئِيين، جو تو ۾ ٻَري مَچُ، سو پَدَمُ پِريان جي پيرَ ۾.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- چَنڊَ تُنھِنجِي ذاتِ، پاڙِيان تان نَہ پِرِينءَ سين، تُون اَڇو ۾ راتِ، سَڄَڻَ نِتُ سوجِهَرا.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- چَنڊَ ميرائِي سُپِرِين، کارا جِھَڙا کِيرَ، ڪَڙا گهاءِ ڪيوِڙي، آڪا گهاءِ عَنبِيرَ، ساجَنُ ڀَرِئو ڌِيرَ، مَنان مُورِ نَہ وِسِري.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- ڪارِي راتِ ڪَچو گهَڙو، اُڻَٽِيھِين اُونداھِي، چَنڊَ نالو ناھِ ڪو، دَرياھَ دَڙَ لائِي، ساھَڙَ ڪارَڻِ سُهڻِي، آڌِيءَ ٿي آئِي، اِيءُ…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- گَنيَرَ گَتِ سِکَنِ، چَلَڻَ جِي چاءِ پَئِي، ھِندُو حَيرَتَ ۾ پِئا، لالِي ڪِي لَبَنِ، چَمڪَنِ چوڏِسِ چَنڊَ جِيئَن، وِڄَڙِيُوِنَ وِھسَنِ،…[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- ڏاڙِهي رَتَ رَتِياسِ، ڏَندَ تَہ موتِيُنِ ڳُتِيا، چوڏَھِينءَ ماھَ چَنڊَ جِيئَن، پِڙَ ۾ پيشانِياسِ، سِيمَاهُمْ فِي وُجُوهِهِم ، مُنھَن ۾…[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- ڏَاڙِهي رَتَ رَتِياسِ، ڏَندَ تَہ ڏاڙُهونءَ گُلَ جِيئَن، چوڏِھِينءَ ماھَ چَنڊَ جِيئَن، پِڙَ ۾ پاڳَڙِياسِ، ميڙي ۾ مُحَّمَدَ جي، مَرُ…[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- چَنڊَ وِھاڻَيءَ چَڙِهئا، مَلَ مَدِينا مِيرَ، تَنِ سين طَبَلَ بازَ تَبَرُون، ڪُندَ ڪَٽارا ڪِيرَ، عَلِيءَ پُٽَ اَمِيرَ، ڪَندا راڙو رُڪَ…[ سُر ڪيڏارو - ڳجهُون ۽ چنڊ ]
- چَنڊَ وِھاڻِيءَ چَڙِهئا، مَلَ مَدِينا گهوٽَ، تَنِ سين طَبَلَ بازَ تَبَرُون، ڪُندَ ڪَٽارا ڪوٽَ، عَلِيءَ پُٽَ اَموٽَ، ڪَندا راڙو رُڪَ…[ سُر ڪيڏارو - ڳجهُون ۽ چنڊ ]
- چَنڊَ وِھاڻِيءَ چَڙِهئا، مَلَ مَدِينا ڄامَ، اُنِ سين طَبَلَ بازَ تَبَروُن، نيزا ۽ نِيشان، عَلِيءَ پُٽَ اِمامَ، ڪَندا راڙو رُڪ…[ سُر ڪيڏارو - ڳجهُون ۽ چنڊ ]
- راڻي جِيءَ رِھاڻِ ۾، ڪو آديسِي آيو، چوڏھِينءَ ماھَ چَنڊَ جِيئَن، ڪِئو سامِيءَ سَھائو، لَٿو اُونداھو، جوڳِيءَ سَندِيءَ جوتِ سين.[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- جِتي عَرشُ نَہ اُڀُ ڪو، زَمِينَ ناھِ ذَرو، نَڪو چاڙاھو چَنڊَ جو، نَڪو سِڄَ سَرو، اُتي آديسِيَنِ جو، لَڳو دَنگُ…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- ھيڏِيءَ ويرَ ڪِئا، ڪِينجُهرَ ۾ باھِہ ٻَري، نَڪو تارو اُڀَ ۾، نَڪو چَنڊَ اُھاءُ، نَڪو وَرَنُ وِڄُ جو، نَڪو شَمسَ…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]