Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر سارنگ جَي سيڪارا سارنگ جو بيت
گَنيَرَ گَتِ سِکَنِ، چَلَڻَ جِي چاءِ پَئِي،
ھِندُو حَيرَتَ ۾ پِئا، لالِي ڪِي لَبَنِ،
چَمڪَنِ چوڏِسِ چَنڊَ جِيئَن، وِڄَڙِيُون وِھسَنِ،
لوچَنِ ٿا لَطِيفُ چئَي، پَسَڻَ لاءِ پِرِيَنِ،
ڪيسَرَ قَرِيبَنِ، سَنباھَي ساڻُ کَنيا.
رسالن ۾ موجودگي: 65 سيڪڙو
سمجهاڻي
سڄڻ جي سهڻي چال ڏسي هاٿي (جنھن جي هلڻي سهڻي آهي) پڻ ريس ۾ محبوب واري سهڻي هلڻي پيا سکن. محبوب جي چپن جي ڳاڙهاڻ ۽ سرخي ڏسي هنڊوا (مينھن وساڙا ڳاڙها جيت) پاڻ وڏي اچرج ۽ عجب ۾ پئجي ويا (ڇو تہ محبوب جي لاليءَ جو ڪو جواب ڪونهي). آسمان ۾ چوطرف کنوڻيون (سڄڻ جو ديدار ڪري) چنڊ وانگر پيون مرڪن ۽ کلي خوش ٿين. عبداللطيف ٿو چوي بلڪ اهي تہ دوست جي ديدار لاءِ پيون واجهائين، ڇو تہ منھنجي محبوب رنگارنگي پيلا ڳاڙها سرها ويس ڪيا آهن.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سارنگ، بيت نمبر : 1846
کَيَّرَ کَتِ سِکَنِ چَلَنَ جِيْ چَاءِ پَئِيْ﮶
هِندُّوْ حَيْرَتَم﮼ پِئَا لَالِيْ ڪِيْ لَبَنِ﮶
چَمَڪَنِ چَوْڎِسِ چَنڊَّ جِنْ وِڃَرِيٌ وِهْسَنِ﮶
لُوْچَنِ ٿَا لَطِيْفُ چٖيْ پَسَنِ لَىءِ پِرْيَنِ﮶
ڪَيْسَرِ قَرِيْبَنِ سَنبَّاهٖيْ سَانُ کَيَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
गंयर गति सिखनि। चलण जी चाइ पई।
हिन्दू हैरत में पिआ। लाली की लबनि।
चमकनि चौडि॒सि चन्ड जीअं। विज॒ड़ियूं विहसनि।
लोचनि था लतीफ़ चए। पसण लाइ पिरियनि।
केसर क़रीबनि। संबाहे साणु खंया।
ROMAN SINDHI
Kheer khar sikhan je chaah peiye,
Hindhu heranm peiya laali ke laban,
Chamkan chodas chand jin, winjre wehasan,
Lochaan tha Latif chaey pasan lee pireen.
TRANSLATIONS
Even the elephants, out of envy, may learn and adopt the gait of the beloved (the Prophet). The rain-seeking red bugs are amazed to see his ruby-like red lips. To the delight of the separated lovers he sparkles like the full moon. According to Latif, all are solicitous to see the beloved. At the (Fountain of) Kousar, the latter would collect the companions (i.e. the believers) and lead them (to Paradise on the Day of Judgement).
Indeed! We have given you the Kousar .(1, AI-Kousar).
TRADITION: The Prophet shall wait for his followers at the Kousar.
Clouds' gliding movements teach graceful walk to elephants,
Lightning's crimson color baffles the rain bugs,
Like the full moon lightning shines,
Every one tries to see the loved one,
Who has taken with himself abundant saffron?
Elephant envy my friend's gait, and want to learn it,
Handwas'* marvel at my beloved's red lips,
Lighting flashes as full moon radiates,
All are, says Lateef, yearning to see the beloved,
The dear one walks alonng is saffron- colored radiance.
لعل يتعلم الأفيال أسلوب المشي من الشوق ومن الرغبة البق الحمر تحيرت لأن البق الحمر تتوالد فى أيام يبق المطر.
واحمرت الشفهات تلمع البروق بأنوارها مثل البدر.
فى كل جهة وفى كل ناحية.
كل واحد يكتئب ويدور ويكد لرؤية الحبيب.
الأحباء أخذ معهم لون الزعفران.
ہاتھی حیرت سے دیکھے ہے، میرے پی کی چال،
لال گلاب بھی شرمائے ہے، ہونٹ پیا کے لال،
چندا، بجلی چمک کے دیکھیں، روشن حسن جمال،
کہے لطیف کہ دیکھن کارن، دونوں ہیں بے حال،
خوشبو رنگ، گلال، ساجن سنگ ہے لایا۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آگَمَ ڪِيو اَچَنِ، سَڄَڻَ سانوَڻَ…
- (بيت) آگَمِجِي آيُون، اُتَرانِ ڪَري اُورِ،…
- (بيت) اوڇَڻُ گُهرِجي آجِڪو، جُهوپو سَھي…
- (بيت) اوڇَڻُ گُهرِجي آجِڪو، پَکو نَہ،…
- (بيت) اُتَران جو آيو، تَنھِن ڪَڪَرَ…
- (بيت) جَنِي گهَرِ گَهٽَ مَٽَ، سَرلي…
- (بيت) سَڄَڻَ سانوَڻَ مِينھَن جِيئَن، جُهڻِڪَنِ…
- (بيت) سڄو صافُ نَہ اُڀِري، سَرلي…
- (بيت) مُحِبَ مُنھِنجا سُپِرِين، آڻيئِي اللهُ،…
- (بيت) مُون جُهڙُ ڏِٺو اُڀَ ۾،…
- (بيت) مِينڍو مِينھَن پُسايو، سَڙِي ٿِيو…
- (بيت) واھُوندِئان وِڄُون ٿِيُون، گُڙِيو ڏُونھِن…
- (بيت) وَسُ بادَلَ وَسُ، تو وَسَندي…
- (بيت) پاڇاٽِئان پَئِي، ٿِئو آڳاٽِئان اَڳِرو،…
- (بيت) ٿاوَرَ اُٿِي پَسُ، ڏيھِ کِوَندِي…
- (بيت) ٿَرُ گَجِئو بَرُ گَجِئو، گَجِئو…
- (بيت) ڇَنَ ڇَڏي پَئُہ ٻَنَ، نَئِين…
- (بيت) ڏيئِي ريجُ رائُڪَ کي، ڪِيائين…
- (بيت) گَنگُو جِئان گوڙِ ٿِي، ڪَھِيو…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت

سارنگ راڳ جو جنم سنڌ جي قديمي ٺاٺ ڪافي مان ٿئي ٿو. ھي راڳ اوڍو ۽ کاڍو يعني پنجن ۽ ڇھن سرن جي روپ ۾ سرگم تي ٻڌل آهي. ھن راڳ ۾ گنڌار (گا) جو سر ناھي لڳائبو. ھن راڳ جو وادي سر رکب (ري) ۽ سم وادي سر پنچم (پا) آھي. سارنگ راڳ ۾ ڌيوت جو سر خلاصو ڪري استعمال ۾ آڻبو آهي. دکن جي گرنٿن ۾ ھن راڳ ۾ تيور گنڌار ۽ تيور مڌم جو استعمال ڏيکاريو آھي، پر ھي قانون ھند جي ڪنھن سنگيت يا قانون ۾ لاڳو ناھي. سنگيت پاريجات ۾ شڌ سارنگ ۾ ٻئي مڌم يعني (ما) ۽ (مي) ۽ ٻئي نکاد يعني (ني) ۽ (نا) پڻ راڳي لڳائيندا آھن. ھي مت بہ رواجن شڌ سارنگ جي استعمال ۽ راڳ جي شڪل ٺاھڻ کان غير رواجي ثابت ٿيندي .صحيح شڌ سارنگ جي شڪل ھندستان جي سنگيتڪار چتر پنڊت پنھنجي سنگيت ۾ ھن ريت ڏني آهي:
آروھي: سا، ري، ما، پا، ني، سا
آمروھي: سا،ڌا، ني، پا، ما، ري، سا
