Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر سارنگ جَي سيڪارا سارنگ جو بيت
سَڄَڻَ سانوَڻَ مِينھَن جِيئَن، جُهڻِڪَنِ پاسي جهوڪَ،
ڏِيندا پاھُ پَٽَنِ کي، مَنجهان مِينھَنِ موڪَ،
لَسَ پِياري لوڪَ، آگَمَ ڪِئو اَکِيُنِ سين.
رسالن ۾ موجودگي: 86 سيڪڙو
سمجهاڻي
منھنجا سڄڻ سانوڻيءَ جي مينھن وانگر ماروئڙن جي ماڳ طرف لاڳيتو (آواز سان) پيا وسن. ايڏي عام جام مينھن جي پاڻيءَ سان هر هنڌ پَٽن ۽ پوٺن تي سائو گاھ پيدا ٿي پيو آهي. (هر طرف ساوڪ جو نظارو آهي). سهڻا سڄڻ پنھنجي (مڌ ڀريل آبدار) اکين سان هر ڪنھن سڪايل عاشق کي هڪجھڙو (گهٽ وڌائيءَ کان سواءِ) پيا پيارين ۽ اڃ لاهين!
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سارنگ، بيت نمبر : 1801
سَڃَنَ سَاوَنَ مِيْهَ جِنْ جُنْڪَنِ پَاسٖيْ جُوۡكَ﮶
ڎيْدَا پَاہُ پَٽَنِکٖيْ مَنجَا مِيْھِيَنِ مُوْڪَ﮶
لَسَنِ پِيَارٖيْ لُوْڪَ آَکَم﮼ ڪِئُوْ اَکِنِس﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
सज॒ण सांवण मींहं जीअं। झुणिकनि पासे झोक।
डीं॒दा पाहु पटनि खे। मंझां मीनहनि/मींहनि मोक।
लस पियारे लोक। आगम किओ अखियुनि सें।
ROMAN SINDHI
Sajan sawan meihan jeinrh, jhatkan paase jhok,
Deinda paah patan khe, manjhan meinhun moke,
Las piyari loke, agham kow akhyen seen.
TRANSLATIONS
Like the monsoon rains the Beloved seems to be humming i.e. sheding mercy in the direction of ‘Jhok’. He would make that land verdant due to plenty of rain water. The Beloved serves the mankind with water (of guidance) that is supplied by the clouds of mercy in His eyes.
And We have sent you not but as a mercy for all peoples (107, Al-Anbiya).
Through season's rain loved one in Jhoke brings about downpour,
Plains will become green with plenty of water from this source,
Clouds eyes pour pure water for people to drink.
Beloved, like a monsoon rain, hums toward Jhok,*
Making plains verdant with heavy rainfall,
Cloud pours abundant water on people with overcast eyes.
الأحباء مثل مطر الربيع يرقصون ويتوجهون إلى جهوك.
هم يروون الميادين بماء المطر.
ويلونون الأرض بالاعشاب الخضرآء هم يصبون الدموع الغزيرة من عيونهم ويسقون العالم.
ماء القيا وصافيا.
بادل اب ساجن کی صورت، گرجے "جھوک" کی اور،
بدلتا رنگ دھرتی کا، چھائی گھٹا گھنگھور،
"لس" پر برکھا شور، اکھیوں جل برسائے۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آگَمَ ڪِيو اَچَنِ، سَڄَڻَ سانوَڻَ…
- (بيت) آگَمِجِي آيُون، اُتَرانِ ڪَري اُورِ،…
- (بيت) اوڇَڻُ گُهرِجي آجِڪو، جُهوپو سَھي…
- (بيت) اوڇَڻُ گُهرِجي آجِڪو، پَکو نَہ،…
- (بيت) اُتَران جو آيو، تَنھِن ڪَڪَرَ…
- (بيت) جَنِي گهَرِ گَهٽَ مَٽَ، سَرلي…
- (بيت) سڄو صافُ نَہ اُڀِري، سَرلي…
- (بيت) مُحِبَ مُنھِنجا سُپِرِين، آڻيئِي اللهُ،…
- (بيت) مُون جُهڙُ ڏِٺو اُڀَ ۾،…
- (بيت) مِينڍو مِينھَن پُسايو، سَڙِي ٿِيو…
- (بيت) واھُوندِئان وِڄُون ٿِيُون، گُڙِيو ڏُونھِن…
- (بيت) وَسُ بادَلَ وَسُ، تو وَسَندي…
- (بيت) پاڇاٽِئان پَئِي، ٿِئو آڳاٽِئان اَڳِرو،…
- (بيت) ٿاوَرَ اُٿِي پَسُ، ڏيھِ کِوَندِي…
- (بيت) ٿَرُ گَجِئو بَرُ گَجِئو، گَجِئو…
- (بيت) ڇَنَ ڇَڏي پَئُہ ٻَنَ، نَئِين…
- (بيت) ڏيئِي ريجُ رائُڪَ کي، ڪِيائين…
- (بيت) گَنيَرَ گَتِ سِکَنِ، چَلَڻَ جِي…
- (بيت) گَنگُو جِئان گوڙِ ٿِي، ڪَھِيو…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت

سارنگ راڳ جو جنم سنڌ جي قديمي ٺاٺ ڪافي مان ٿئي ٿو. ھي راڳ اوڍو ۽ کاڍو يعني پنجن ۽ ڇھن سرن جي روپ ۾ سرگم تي ٻڌل آهي. ھن راڳ ۾ گنڌار (گا) جو سر ناھي لڳائبو. ھن راڳ جو وادي سر رکب (ري) ۽ سم وادي سر پنچم (پا) آھي. سارنگ راڳ ۾ ڌيوت جو سر خلاصو ڪري استعمال ۾ آڻبو آهي. دکن جي گرنٿن ۾ ھن راڳ ۾ تيور گنڌار ۽ تيور مڌم جو استعمال ڏيکاريو آھي، پر ھي قانون ھند جي ڪنھن سنگيت يا قانون ۾ لاڳو ناھي. سنگيت پاريجات ۾ شڌ سارنگ ۾ ٻئي مڌم يعني (ما) ۽ (مي) ۽ ٻئي نکاد يعني (ني) ۽ (نا) پڻ راڳي لڳائيندا آھن. ھي مت بہ رواجن شڌ سارنگ جي استعمال ۽ راڳ جي شڪل ٺاھڻ کان غير رواجي ثابت ٿيندي .صحيح شڌ سارنگ جي شڪل ھندستان جي سنگيتڪار چتر پنڊت پنھنجي سنگيت ۾ ھن ريت ڏني آهي:
آروھي: سا، ري، ما، پا، ني، سا
آمروھي: سا،ڌا، ني، پا، ما، ري، سا
