پاھُ بابت
معنيٰ
گدامڙي يا ٻين مصالحن کي ملائي تيار ڪيل تيزاب، جنھن ۾ کٽي يا رنگريز ڪوري ڪپڙي کي رنگ ڏيڻ کان اڳ ٻوڙيندا آھن، تہ جيئن ڪپڙي جي ميرائي (ميل) وغيرہ صاف ٿئي.
A substance dissolved in water, in which cloth is steeped in preparing it for dying. Sulphur and oil given for manage to camel etc.
بيتن ۽ وائين ۾
- سُورِيءَ چَڙَهڻُ سيڄَ پَسَڻُ اِيءَ ڪَمُ عاشِقَنِ، اُوءِ پاھُون ڪِينَ پَسَنِ، سائُو ھَلَنِ سامُھان.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، ٻوڙِيائِين ٻانھُون، ويچارِيءَ وَڏِيُون ڪِيُون، وِچِ دَرياھَ دانھُون، موٽُ مُحِبَ پاھُون، تاڪُنِ تَڪِي آھِيان.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن چَيائُون، مِيثاقا ميھارَ سين، لَڌِيُون مُون لائُون، سو موٽي ڪِيئَن پاھُون، جو مَحفُوظا مَحڪُمُ ٿِئو.[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- سَڄَڻَ سانوَڻَ مِينھَن جِيئَن، جُهڻِڪَنِ پاسي جهوڪَ، ڏِيندا پاھُ پَٽَنِ کي، مَنجهان مِينھَنِ موڪَ، لَسَ پِياري لوڪَ، آگَمَ ڪِئو اَکِيُنِ…[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- ھَلَندِي ھاڙھو مَڻِي، سِسِي ڏيِندِيَسِ ساھُ، لِڱَنِ تان لَطِيفُ چئَي، پاري نِئُمِ پاھُ، ڪَندو ٻاجَهہ اللهُ، وِھان تان نَہ وَسِ…[ سُر معذوري - ھاڙھو پنڌ ]
- اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، اَسُونھِين آئُون، چِيٽا چورَ چُنجِهنِ ۾، بَرَ ۾ بَلائُون، موٽِجِ پُنهون پاھُون، مَڇُڻ مُحِبَ مَرِي رَھان.[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- پَرتَوو پُنهونءَ جو، سَھائِي سِياھُ، مُنھُن ڏيئِي مُون آيو، رَنگا رَنگِي راھُ، پھرِين ڏِيندا پاھُ، پوءِ رَڱِيندا رَڱَ ۾.[ سُر ڪوھياري - لاچارگي ۽ ساھس ]
- ڪَتَڻُ ٻَنِ ڪَپاھُ کُوءِ، آتَڻُ ٻَنِ جيڏِيُون، ساڄَنُ مُنھِنجو ساھُ، ھاڃي ۾ ھَڻِي وِئو.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- ڪِي جو ڪاڪِ تَڙان، چانگي چَرَھو چَکِئو، ڪَرَھي ڪاڻيٺُون رَتِيُون، نائي ناگيلا، وَڳُ واسِئائِين پانھِنجو، سَڀوئِي سُراھِيان، ڪَرَھو سَرَھو ڏيھَ…[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- گُلِتانَ جَھِڙِيُون گُجَرِيُون، اَرَمَ اوڍئائُون، جوٽا تيلَ ڦُليلَ سين، واسِينگَ ويڙھِئائُون، سُتِي لوڪَ لَطِيفُ چئَي، رَڻُو رانيائُون، سو موٽِي ڪِيئَن…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- پائي پاندِ ڪَپاھُ، مُون آتَڻَ سَڀَ نِھارِئا، کَڻي ڪا نَہ پَساھُ، سَرَتِيُون وَڃِي سُتِيُون.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]