Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر يمن ڪلياڻ جَي محبت جو ميدان ۽ ڪانُ جو بيت
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، ڪِي جو آھي رَنگُ،
ڪوڙيِين وِئا ڪيتِرا، نِينھَن نِباھي نَنگُ،
عِشقُ نانگُ نِسَنگُ، خَبَرَ کاڌَنِ کان پَئي.
رسالن ۾ موجودگي: 21 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي عاشق، عشق جي ميدان ۾ رڳو رُڪ جي ترارين جو تماشو (عاشقن جي سِسين وڍجڻ) لڳو پيو آهي. اهڙي هنڌ سَون منجهان ڪو هڪڙو (سچو عاشق) هوندو جيڪو محبت جو مان رکندو ۽ ناتو نباهي ڏيکاريندو. بيشڪ عشق ڏاڍو زورآور نانگ آهي ۽ ان جي خبر تن کي پوي ٿي جيڪي سندس شڪار ٿيا آهن.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
महबत जे मेदान में। की जो आहे रंगु।
कूड़ियीं विआ केतिरा। नींहं निबाहे नंगु।
इशक़ु नांगु निसंगु। ख़बर खाधनि खां पई॥
ROMAN SINDHI
MuHabat'a je maidan'a me, kee jo Aahe rang'u,
Korreen wiya ketra, neenhn nibahe nang'u,
IshQ'u naang'u nisang'u, Khabar'a khadhan khan paye.
TRANSLATIONS
The realm of love is a realm of marvels. Innumerable have ventured there to attain love, yet only a handful stand resolute and uphold their loyalty to the Beloved. (Oh seeker) Love is akin to a lethal serpent; seek wisdom from those who have felt its sting.
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) جَي ھُو پائِينِ ڪانُ ڪَمانَ…
- (بيت) جَي ھُو پائِينِ ڪانُ ڪَمانَ…
- (بيت) جَي ھُو پائِينِ ڪانُ ڪَمانَ…
- (بيت) دائُودِي دَيُون ڪَري، رَڪَنِ ڪونِهي…
- (بيت) دائُودِي دَيُون ڪَري، رَڪَنِ ڪونِهي…
- (بيت) عُقابِي اَکِيُنِ سين، تِيرَ چَلايا…
- (بيت) عُقابِيلَ اَکِيُنِ ۾، بارِي توکي…
- (بيت) عُقابِيلَ اَکِيُنِ ۾، توکي تِکا…
- (بيت) عُقابِيلَ اَکِيُنِ ۾، تِيرَ تِکا…
- (بيت) عِشقُ نَہ آھي راندِ، جِيئَن…
- (بيت) لورِي جِتِ لَڳومِ، اُتي اُڀو…
- (بيت) مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، اَچي…
- (بيت) مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، رَڪَنِ…
- (بيت) مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، سِرَ…
- (بيت) مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، سِرَ…
- (بيت) مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، عاشِقَ…
- (بيت) مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، ڪَرِ…
- (بيت) مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، ڪُڏِي…
- (بيت) مَحَبتَ جِي مَيدانَ ۾، رَڪَنِ…
- (بيت) پائي ڪانُ ڪَمانَ ۾، مِيان…
- (بيت) ڪَيو ڇَڏِينِ ڪانُ، ھَڏِ نَہ…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت
يمن ڪلياڻ: شاستري سنگيت جو ھڪ راڳ
ٺاٺ: ڪلياڻ
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: ني، ري، گا، ما، پا، ما، ڌا، ني، سا
آوروھا: سا، ني، ڌا، پا، ما، گا، ري، سا
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
(ھن راڳ جا سڀ سر تيور ۾ آھن)
