Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر آبڙي جَي ويھُ مَ مُنڌ جو بيت
نااُميدِي نُورُ، اُميدَ اوندَھِ اُنِ کي،
سَندو ساجَنَ سُورُ، جَنِ سَرِئو تَنِ سُکُ ٿِئو.
رسالن ۾ موجودگي: 29 سيڪڙو
سمجهاڻي
انهن (سالڪن) لاءِ ’نااميدي‘ ڄڻ روشني آهي، ۽ اميد انهن لاءِ اونداھ آهي، جن کي دوست جو درد پلئہ پيو، انهن کي ئي سک حاصل ٿيندو.
[اڪثر صوفين وٽ- جن ۾ مولانا رومي ۽ شاھ لطيف شامل آهن- ڏک ۽ سک نااميديءَ ۽ اميد فراق ۽ وصال جي فڪر مطابق هر شيءِ جيڪا معشوق جو درجو رکي ٿي، اها عاشق جي نامراديءَ تي خود عاشق آهي. هو چوي ٿو:
آدمي، حيوان نباتي و جماد،
هر مرادي عاشق هربي مراد.
بي مرادان برمرادي مي تند،
وان مرادان جذب ايشان مي کند.
(دفتر سوم، ب-43۽ 4444)
معنيٰ: نامراد (عاشق) ئي محبوب جي پٺيان چڪر ڪاٽيندا وتن ٿا. ڇو جو اهي محبوب (مراد) پاڻ هنن کي ڪشش ڪن ٿا. (ورنہ هو انهن جي ڪڍ ڇو لڳن). هڪ ٻئي هنڌ چوي ٿو:
گرمرادت را مذاق شکرست،
بيمرادي، ني مراد دلبر دست.
(دفتر اول، ب- 1748)
معنيٰ: جيڪڏهن توکي پنھنجي مراد ماڻڻ ۾ مزو اچي ٿو تہ پوءِ بي مرادي بہ سندس مرضي وٽان آهي (مطلب عاشق صادق ٻنهي مراد ۽ بي مرادي مان لطف اندوز ٿيندو آهي).]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2575
نَا اُمِيْدِيْ نُوْرُ اُمَيْدَ اُنْڌَہِ اُنِکٖيْ﮶
سَندُّوْ سَاڃَنَ سُوْرُ جَنِ سَرِئُوْ تَنِ سُکُہ ٿِئُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
नाउमेदी नूरु। उमेद ऊंदहि उनि खे।
संदो साजन सूरु। जनि सरिओ तनि सुखु थिओ।
ROMAN SINDHI
Naa'Umeedi noor'u, umeed'a oondah'ay un'ay khhay,
Sando saajan'a soor'u, jan'ay sari'o tan'ay sukhh'u thiyo.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَوَلِ آخر آھِ، ھَلَڻُ مُنھِنجو…
- (بيت) جَي سِجهائِي سِڪَ، تَہ پُڻ…
- (بيت) ساڄَنَ ڪارَڻِ سُڃَ، مَرُ قَبُولي…
- (بيت) سَتِ سُورَنِ جي سَسُئِي، ڏري…
- (بيت) سَدا سائِرَ سِيرَ ۾ اُنِ…
- (بيت) سَسُئِي سَڄِيائِي سِڪَ، تَہ پُڻ…
- (بيت) سَسُئِيءَ ڪِينَ سَمجِهئو، اوري آرِيءَ…
- (بيت) سُکين ٿِئي نَہ سَنِري، ڏُکين…
- (بيت) سُکين ٿِيءُ مَ سَنِرِي، پَسِي…
- (بيت) لَڳِي ڪوسو واءُ، لوڪُ مِڙيوئِي…
- (بيت) مَحَبتَ جَنِ جي مَنَ ۾،…
- (بيت) مَحَبتَ سَندو مَنَ ۾، پُرِ…
- (بيت) مَھِندِ مُحتاجِي ڪَري، حُجَ وِڃائي…
- (بيت) مَھِندِ مُحتاجِي ڪَري، پُٺِيءَ پيرُ…
- (بيت) نااُميديءَ جي نِجُهري، پيھِي پُڇُ…
- (بيت) ويھُ مَ مُنڌَ ماٺِ ڪَري،…
- (بيت) ويھُ مَ مُنڌَ ماٺِ ڪَري،…
- (بيت) ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾،…
- (بيت) ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾،…
- (بيت) ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾،…
- (بيت) ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾،…
- (بيت) ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾،…
- (بيت) وَڃَڻَ ڪِجي وَسُ، سيڻَنِ ڪارَڻِ…
- (بيت) پاڻِيءَ مَٿي جُهوپَڙا، مُورَکَ اُڃَ…
- (بيت) پَسِي جهاجِهہ جَمالَ جِي، جَنِي…
- (بيت) ڪَرِ ڪو واڪو وَسُ، ويھُ…
