نُورُ بابت
معنيٰ
خدا جي روشني، نہ اجهماندڙ لاٽ يا لھڪ قدرت جي لھٽ، نہ ختم ٿيندڙ چمڪ
Slight, luster, eye sight.
بيتن ۽ وائين ۾
- آگي ڪِئا اَڳھَيِن، نِسوروئي نُورُ، لاخَوفُ عَلَيھم ولا ھُم يحزَنُونَ ، سَچَن ڪونِهي سُورُ، مَولا ڪِئو مَعمُورُ، اَنگُ اَزَلَ ۾…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- تَڙِ نَہ گِهڙي تُورُ، مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، ڏاڍو دَورُ دَرياھَ ۾، سِڪَڻُ وَڏو سُورُ، مَنَ ۾ مَوجَ ميھارَ جِي،…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- اَکِئان ميگهُہ مَلارُ، صُورَتَ تيڏِيءَ سَڀَ جَڳُ موھِيا، سَجِدو فِيلَ فِي الحالِ ڪِئو، پَسِي مُطِلِبَ نُورُ نِراَڙَ، ڄاپَڻَ وَقتِ وَرِيامَ…[ سُر سارنگ - وايون ]
- چَلو يارو مُسَلمانو، شَھِيدا ڪافَر مارِئا ھَي، حُسينَ ڪُون، نُورُ ڪا پِيالا خُدا دي، ڀَرِ پِلايا ھي، جِنان دي گهوڙي…[ سُر ڪيڏارو - وايون ]
- نااُميدِي نُورُ، اُميدَ اوندَھِ اُنِ کي، سَندو ساجَنَ سُورُ، جَنِ سَرِئو تَنِ سُکُ ٿِئو.[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- مُون کي ڏِنَڙو دوسِتَ دِلِاسو ڀَلو جيڏِيُون، ڏِنَڙو يارَ دِلِاسو، جُڙِي آھِيان، ھيڏانھَن ھوڏانھَن سُپِرِين، ڪيڏانھَن وارايان پاسو، ھَنڌَ حَويلِيُون…[ سُر بروو سنڌي - وايون ]
- ڪارِي راتِ اَڇو ڏِينھُن، اِيءَ صِفَتان نُورُ، جِتي پِرِينءَ حُضُورُ، تِتي رَنگُ نَہ رُوپُ ھو.[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- ڍَڪَ ڍَڪِيندو مُون نَہ ڇَڏِيندو، شفيعُ شافِعُ سُپِرِين، اَنڌا اُونڌا آکُڙِئا، سَڀَ نِباھي نِيندو، وَٽان ويچارَنِ جي، داڙُو پاڻَ دَڙِيندو،…[ سُر بلاول - وايون ]
- پَسِئو پَسائي، نُورُ نَبِيءَ جو، ظاھِرُ ٿِئو زَمِينَ تي، ڏيھَنِ جو ڏِيو، خاوَندَ خاصُ خَلقِئو، ھِھَڙو ڪونَہ ٻِئو، ڍَرَندو ڇَٽُ…[ سُر بلاول - وايون ]
- پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ جي، تَفرَقو طُورُ، جَي نَظَرَ ۾ نُورُ، تَہ مِھتِ مَڙِهي سَڀَ ھِڪِڙِي.[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]