Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر آبڙي جَي ويھُ مَ مُنڌ جو بيت
مَحَبتَ جَنِ جي مَنَ ۾، تَنِ تِشنَگي تارِ،
پِي پِيالو اُڃَ جو، اُڃَ سين اُڃَ اُٿِيارِ،
پُنهون پاڻُ پِيارِ، تَہ اُڃَ سين اُڃَ اُجهائِيان.
رسالن ۾ موجودگي: 93 سيڪڙو
سمجهاڻي
جيڪي عاشق پنھنجي دل کي محبت سان مڻي ٿا ڇڏين (پنھنجي دل کي محبت سان ٽمٽار ڪري ٿا ڇڏين) تن کي عشق جي اُڃ تشنگي بہ تمام گهڻي ٿيندي آهي (ان اڃ جو علاج اهو آهي تہ) اڃ (عشق) جي پيالي کي اڃ (عشق) جو پيالو ئي ختم ڪري سگهي ٿو. (يعني هن اڃ جو علاج ۽ درمان خود پنهون آهي). اي محبوب! تون ئي اچي انهيءَ عشق واري اڃ جو خاتمو ڪري سگهين ٿو.
هن سلسلي ۾ مثنوي روميءَ جو هيءُ شعر رهنمائي ڪري ٿو. هونئن بہ شاھ لطيف جي بيت ۽ مثنويءَ جي شعر ۾ لفظ ’تشنگي‘ مشترڪ آهي:
آب کم جو تشنگي آور بدست،
تا بجوشد آب از بالا و پست.
(دفتر سوم، ب- 3212)
معنيٰ: پاڻيءَ جي تلاش کان اڳ، اڃ پيدا ڪر، تڏهن پاڻهي تنھنجي مٿان هر طرف کان پاڻي پيدا ٿيندو.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 70
مَحَبَّتَ جَنِجٖيْ مَنَم﮼ تَنِ تِشْنَکٖيْ تَارِ﮶
پِيْ پِيَالُوْ اُنڃَّہ جُوْ اُنڃَّس﮼ اُڃَہ اُٿِيَارِ﮶
پُنُوْہُ پَانُ پِيَارِ تَہ اُڃَ س﮼ اُڃَہ اُجَائِيَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
महबत जन जे मन में। तनि तुश्निगे तारि।
पी प्यालो उञ जो। उञ सें उञ उथियारि।
पुन्हूं पाणु पियारि। त उञ सें उञ उझाइयां।
ROMAN SINDHI
Muhabbat'a Jan'ay Jay Man'a Mayn, Tan'ay Tishnagee Taar'ay,
Pee Piyaalo Unj'a Jo, Unj'a Seen Unj'a Uthiyaar'ay,
Punhoon'a Paann'u Piyaar'ay, Ta Unj'a Seen Unj'a Ujhhaayaan.
TRANSLATIONS
Since the excessive thirst of those in love cannot be quenched, nay it is progressively on increase, they should better increase it further by taking a cupful of thirst. (i.e. they should drink deep of the love potion). O Punhoo! kindly serve me the drink yourself, so that I may quench my thirst (of separation) by the thirst (i.e. craze) of reunion with you.
Those with love in their souls, are thirsty beyond relief,
Drink a cup of longing, thus your longing increase,
Punhoon! yourself offer me the cup of love, That with longing I may quench the thirst.
Thos, who are in love, their thirst is untold,
Drink cupfuls of thirst, sharpen your thirst with thirst,
Serve me a drink, punhoon,
So that I may quench my thirst with thirst.
الذين ملك الفؤاد والحب إزداد الظماء الشديد فيهم إشرب كأس الظمآء وأوقظ الظمآء.
يا بنهون أسقني بنفسيك كأس الظمآء كي أطفى الظمآء بالظماء.
هنا الظماء الحب يعني: الذين ملك الفؤاد الحب إزداد الحب الشديد فيهم الحب وأوقظ الحب يا بنهون!
أسقني بنفسك كأس الحب كي أطفئ الحب بالحب.
من دے اندر نینہ جیہناں دے، تیہناں پیاس اتھاہ
پی پیالہ تریہہ دا، تریہہ نال تریہہ جگا
پنوں آپ پیا، تاں تریہہ نال تریہہ بُجھاواں
نال تریہہ دے تڑفن لُچھن دل وچ عشق جہناں دے
ڈنجھہ پیالے بھر بھر پیندے لگی ڈنجھہ بجھاندے
جے پنوں توں آپ پلاویں تِہہ پے کے تہہ بجھاویں
مرے محبوب اک جامِ محبت
مجھے خود اپنے ہاتھوں سے پلا دے
قسم ہے مجھ کو اس تشنہ لبی کی
سراپا تشنۂ الفت بنا دے
نہ ہو سیری کبھی وارفتگی سے
بجھائوں تشنگی کو تشنگی سے
جن کے من میں پریت پیا کی، پیا سے ہیں وہ سدا،
تو بھی پی کر پریت کے پیالے، پیاس سے پیاس بڑھا،
پنہل آپ پلا، تو پیاس سے پیاس بجھاؤں۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَوَلِ آخر آھِ، ھَلَڻُ مُنھِنجو…
- (بيت) جَي سِجهائِي سِڪَ، تَہ پُڻ…
- (بيت) ساڄَنَ ڪارَڻِ سُڃَ، مَرُ قَبُولي…
- (بيت) سَتِ سُورَنِ جي سَسُئِي، ڏري…
- (بيت) سَدا سائِرَ سِيرَ ۾ اُنِ…
- (بيت) سَسُئِي سَڄِيائِي سِڪَ، تَہ پُڻ…
- (بيت) سَسُئِيءَ ڪِينَ سَمجِهئو، اوري آرِيءَ…
- (بيت) سُکين ٿِئي نَہ سَنِري، ڏُکين…
- (بيت) سُکين ٿِيءُ مَ سَنِرِي، پَسِي…
- (بيت) لَڳِي ڪوسو واءُ، لوڪُ مِڙيوئِي…
- (بيت) مَحَبتَ سَندو مَنَ ۾، پُرِ…
- (بيت) مَھِندِ مُحتاجِي ڪَري، حُجَ وِڃائي…
- (بيت) مَھِندِ مُحتاجِي ڪَري، پُٺِيءَ پيرُ…
- (بيت) نااُميديءَ جي نِجُهري، پيھِي پُڇُ…
- (بيت) نااُميدِي نُورُ، اُميدَ اوندَھِ اُنِ…
- (بيت) ويھُ مَ مُنڌَ ماٺِ ڪَري،…
- (بيت) ويھُ مَ مُنڌَ ماٺِ ڪَري،…
- (بيت) ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾،…
- (بيت) ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾،…
- (بيت) ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾،…
- (بيت) ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾،…
- (بيت) ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾،…
- (بيت) وَڃَڻَ ڪِجي وَسُ، سيڻَنِ ڪارَڻِ…
- (بيت) پاڻِيءَ مَٿي جُهوپَڙا، مُورَکَ اُڃَ…
- (بيت) پَسِي جهاجِهہ جَمالَ جِي، جَنِي…
- (بيت) ڪَرِ ڪو واڪو وَسُ، ويھُ…
