Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر آبڙي جَي ويھُ مَ مُنڌ جو بيت
سَدا سائِرَ سِيرَ ۾ اُنِ کي اَندَرِ لَھي نَہ اُڃَ،
پَسَڻُ جو پِرِينءَ جو، سو سَڀائي سُڃَ،
تيلاھَن مَرَنِ اُڃَ، سَدا سائِرَ سِيرَ ۾.
رسالن ۾ موجودگي: 93 سيڪڙو
سمجهاڻي
عاشق سدائين ساگر جي وڏي سير ۾ آهن، پر سندن اندر جي اڃ لھڻ واري ڪانهي. اهو ان ڪري جو دوست جو ديدار حقيقت ۾ سڃ آهي (ڇاڪاڻ جو مقصد پوري ٿيڻ سان محبت واري اها سِڪ ۽ ڇِڪ باقي نہ رهندي. ن-ب) انهيءَ ڪري سچا عاشق اڃ ۾ مرن ٿا ۽ اڃ ۾ جيئن ٿا، جيتوڻيڪ اهي پاڻيءَ ۾ رهن ٿا.
[روميءَ وٽ عشق جو تصور اهڙي اُڃ وانگر آهي، جيڪا ڪڏهن بہ لھڻ يا پوري ٿيڻ واري ناهي، هن لاءِ وڌيڪ هي شعر ڏسو:
هيچ مستسقي بنگريزد ز آب،
گردو صدبارش کندمات و خراب.
من بهر جائي که بينم آب جو،
رشکم آيد بود من جائي او.
(دفتر سوم ب، 3885 ۽ 3889)
معنيٰ: اڃ جي بيماريءَ ۾ مبتلا ڪڏهن بہ پاڻيءَ کان پري نہ ٿيندو آهي، توڻي جو کيس ٻہ سو ڀيرا پنھنجي تباهيءَ جو يقين ڇو نہ هجي. (هن جي اها حالت آهي جو چوي ٿو) مان جتي بہ پاڻيءَ جو واهڙ ڏسان ٿو، دل گهري ٿي تہ جيڪر مان اتي هجان.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 72
سَدَا سَائِرَ سِيْرَ ۾ اُنِکٖيْ اَندَرِ لَھٖيْ نَاُنڃَہ﮶
پَسَنُ جُوْ پِرْيَجُوْ سُوْ سَڀَائِيْ سُنڃَہ﮶
تٖيْـلَاہَ مَرَنِ اُنڃَّہ سَدَا سَائِرَ سِيْرَ ۾﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
सदा साइर सीर में। उनि खे अन्दरि लहे न उञ।
पसणु जो पिरींअ जो। सो सभाए सुञ।
तेलाहन मरनि उञ। सदा साइर सीर में।
ROMAN SINDHI
Sadaa Saair'a Seer'a Mayn Un'ay Khhay Andar'ay Lahi Na Unj'a,
Pasann'u Jo Pireen'a Jo, So Sabhaee Sunj'a,
Teelahan Maran'ay Unj'a, Sadaa Saair'a Seer'a Mayn.
TRANSLATIONS
They are always in midstreams of love and yet their thirst is not quenched. Since a sight of the Beloved deservedly calls for prior complete self-renunciation, the seekers' thirst is not quenched, though they are in mid stream.
In mid-stream they thirsty remain,
Seeking the Beloved is a journey through a waste,
Thirsty they remain, though in
mid-stream.
Though always in midstream, their thirst remains unsatisfied,
Perceiving beloved is a mirage,
That is why they are thirsty even in midstream.
هم مستمرون بين شدة أمواج البحر بالرغم هذا لاينطفئ الظمأ فى قلوبهم رؤية الحبيب تحصل بعدما تقطع الفيافى والفلوات.
العاشقون فى وسط موج البحر ويموتون من الظمأ.
سردے اندر وسرے فِر وی رہندے سدا تہائے
خالی سکھنے من دے اندر پریتم ہسدا آئے
ساگر کنڈھے رہندے تاں وی پیاس نا بُجھی مولوں
بسیرے جن کے ہیں آبِ رواں پر
انہیں کیوں زحمت تشنہ لبی ہے
وہ پنہوں ہے رگِ جاں سے قریں تر
سسئی جنگل میں جس کو ڈھونڈھتی ہے
سن اے محرومِ رازِ خود شناسی
عبث یہ شکوۂ بیچارگی ہے
سدا ہیں بحر عشق میں وہ، پیاس سے ہیں بے تاب،
کبھی نہ حاصل منزل ہو اور، وصلِ یار سراب،
دریا، موجِ آب، اور پیاس سے نکلے جان۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَوَلِ آخر آھِ، ھَلَڻُ مُنھِنجو…
- (بيت) جَي سِجهائِي سِڪَ، تَہ پُڻ…
- (بيت) ساڄَنَ ڪارَڻِ سُڃَ، مَرُ قَبُولي…
- (بيت) سَتِ سُورَنِ جي سَسُئِي، ڏري…
- (بيت) سَسُئِي سَڄِيائِي سِڪَ، تَہ پُڻ…
- (بيت) سَسُئِيءَ ڪِينَ سَمجِهئو، اوري آرِيءَ…
- (بيت) سُکين ٿِئي نَہ سَنِري، ڏُکين…
- (بيت) سُکين ٿِيءُ مَ سَنِرِي، پَسِي…
- (بيت) لَڳِي ڪوسو واءُ، لوڪُ مِڙيوئِي…
- (بيت) مَحَبتَ جَنِ جي مَنَ ۾،…
- (بيت) مَحَبتَ سَندو مَنَ ۾، پُرِ…
- (بيت) مَھِندِ مُحتاجِي ڪَري، حُجَ وِڃائي…
- (بيت) مَھِندِ مُحتاجِي ڪَري، پُٺِيءَ پيرُ…
- (بيت) نااُميديءَ جي نِجُهري، پيھِي پُڇُ…
- (بيت) نااُميدِي نُورُ، اُميدَ اوندَھِ اُنِ…
- (بيت) ويھُ مَ مُنڌَ ماٺِ ڪَري،…
- (بيت) ويھُ مَ مُنڌَ ماٺِ ڪَري،…
- (بيت) ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾،…
- (بيت) ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾،…
- (بيت) ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾،…
- (بيت) ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾،…
- (بيت) ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾،…
- (بيت) وَڃَڻَ ڪِجي وَسُ، سيڻَنِ ڪارَڻِ…
- (بيت) پاڻِيءَ مَٿي جُهوپَڙا، مُورَکَ اُڃَ…
- (بيت) پَسِي جهاجِهہ جَمالَ جِي، جَنِي…
- (بيت) ڪَرِ ڪو واڪو وَسُ، ويھُ…
