Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر مارئي جَي لوھ نير، مند مارُو جو بيت
ھِنَ مُندَ مارُو سَنِرا، ڍَنگهَرَ ڍارَ رَھَنِ،
پاڻِي پوڄَ پَٽَنِ ۾، پَکَي پاندِ پِيَنِ،
ھِنَ کي لوھَ لَطِيفُ چئَي، ھُوءِ کائُرِ مَنجِهہ کِلَنِ،
کاٽُونبا کاڄَنِ، مِينھَن وَسَندا موٽُ تُون.
رسالن ۾ موجودگي: 87 سيڪڙو
سمجهاڻي
مينھن جي موجوده موسم ۾ ماروئڙا ڏاڍا سرها ٿيا آهن. هو (کليل ميدانن تي) ڍنگهرن جا لوڙها هڻي (جهوپڙن ۾) پيا وقت گذارين. پوٺا جام پاڻيءَ سان ڀريا بيٺا آهن ۽ مارو ماڻهو پکن جي ڀرسان ئي پاڻي ڀري پيا پيئن. عبداللطيف چوي ٿو تہ (پر افسوس ان ڳالهہ جو آهي) مارئي ويچاري ڪوٽن ۾ قابو آهي، ۽ سندس مارو مائٽ کائڙ ۾ خوش پيا گذارين. هو سانوڻ جو کٽو ڏٿ پيا واپرائين، شل انهيءَ مينھن جي موسم ۾ مارئي موٽي پنھنجي ماڳ اچي.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود مارُئي، بيت نمبر : 3154
هِنَ مُدَ مَارُوْ سَنِرَا ڊَکَرَ ڊَارَ رَهَنِ﮶
پَانِيْ پُوْڃَ پَٽَنِم﮼ پَکٖيْ پَاندِ پِيَنِ﮶
هِنَکٖيْ لُوْہَ لَطِيْفُ چٖيْ هُوْءِ کَائُرِ مَنجِ کِلَنِ﮶
کَاٽُوْڀَا کَاڃَنِ مِيْهَ وَسَندَا مُوْٽُ تُنْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
हिन मुंद मारू सनिरा। ढंघर ढार रहनि।
पाणी पोज॒ पटनि में। पखे पांदि पियनि।
हिन खे लोह लतीफ़ चए। हूए खाउरि मन्झि खिलनि।
खाटूंबा खाज॒नि। मींहं वसंदा मोटु तूं॥
ROMAN SINDHI
hin'a munh'a Maaroo saniraa, dhhanghhar'a dhhaar'a rahan'ay,
paanni pojj'a pattan'ay mayn, pakhhi paand'ay piyan'ay,
hin'a khhay loh'a Lateef'u chae, hoo'ay khhaa'ur'ay manjh'ay khhilan'ay,
khhaattoonbaa khhaajjan'ay, meenh'a wasandaa mott'u too'n.
TRANSLATIONS
During the monsoon season the desert folk generally stay near trees from which hedges are readily made for surrounding their temporary sheds. Rain water gets accumulated allround in plenty and these persons get it from just outside their cottages. While poor Marvi is chained (in Umerkot), her kinsmen are happy and gay in 'Khaur' region and they enjoy 'Khatumba' fruit. Shah exhorts Marvi that rains shall come soon and she shall go home.
In this season happy Maru, live near thorny hedges,
Plains are watered by rain, rain water Maru drink,
She is in chains they in Thar are glad,
Wild bushes' fruit is being eaten, rain falls, return Marui maid.
In this season herdsmen are cheerful living with in thorny enclosures,
Water is aplenty and in easy reach of their cottages,
Lateef says, Maarui is in chains, they are happy in Khhaaur,
Every one will eat Khaboota*, it will rain, come my love.
فى هذه الأيام أصحابي يفرحون وهم يسكنون بقرب من السياج.
الماء متوفر فى الصحراء وهم يستقون من ماء الأمطار ومارئي مقيدة بين السلاسل وأهلها يرقصون ويضحكون من الغبطة والبهجة.
فى هذه أيام الغيث الناس يأكلون تربح وأترج وكبار يا مارئي! اعودي إلى وطنك.
باڑاں اندر خوشیاں نچن برکھا دے دن آون
لڈیاں وچوں مینہہ دا پانی پی کے شکر مناون
ماروی جکڑی وچ زنجیراں مارو موج اڈاون
کھاں {گھٹنبے(٭)} نال سوداں چل منا تھر چلیئے
(٭) بیری ورگا پھل
خوش ہیں اس موسم میں مارو، بنائیں گھر کی باڑ،
جل تھل ہے اب پیاسا صحرا، برکھا کی بوچھاڑ،
سکھیاں، کھائر میں مسکائیں، قید کا یاں آزار،
"کھاٹو بنو" کی بہار، آجا برکھا برسے گی اب۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) جيڪُسِ ڪي ڪِئامِ اَوَڳُڻَ اَباڻَنِ…
- (بيت) لوھَ جا لَھِي وِئا، نِيَرُ…
- (بيت) لوھَ جا پُونِ لَھِي، نِيَرُ…
- (بيت) مارُوءَ پاسِ مَلِيرَ ۾، شالَ…
- (بيت) مارُوءَ پاسِ مَلِيرَ ۾، ڌوئِي…
- (بيت) نَہ ڀُلِڪارَ نَہ ڀُلَ، نَڪو…
- (بيت) نِيَرُ نَہ لَھي نِينھَن جو،…
- (بيت) پاڻِهين پَچِي پييُون، ريءَ واھِيَتَ…
- (بيت) ٿاجا ٿَرَ ڀَرَ جَهلَ، پِٻُون…
- (بيت) ٿورا مَنجِهہ ٿَرَنِ، مُون سين…
- (بيت) ھَڏِ نَہ پَڙان ھيڪَڙي، ٿوري…
- (بيت) ھِنَ مُندَ مارُو سَنِرا، جِيائِي…
- (بيت) ھِنَ مُندَ مارُو سَنِرا، ساڻيھَ…
- (بيت) ھِنَ مُندَ مارُو سَنِرا، ويڙِھِيين…
- (بيت) ھِنَ مُندَ مارُو سَنِرا، کائُرِ…
سُر جا ٻيا داستان
- مارُن جو حال
- ڪن فيڪون ۽ قيد
- ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر
- سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ
- سونھن وڃايم سومرا
- بندياڻي واجهائي وطن کي
- مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو
- آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا
- چرن چڻڪن چت ۾
- مارئي ملير جي ستي سيل
- سيئي سارئان سومرا
- جيھا جي تيھا
- جھ سي لوڙائو ٿئا
- مُونھان پوءِ ملير
- سارئان ۽ چڪن چاڪ
- کائر ڏانھن کڻي وئا
- پائران پيھي آيا
- مَ رو، پانڌي پرين پنھوار
- ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا
- زمر زخرف سومرا
- وايون
