Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر مارئي جَي لوھ نير، مند مارُو جو بيت
ٿاجا ٿَرَ ڀَرَ جَهلَ، پِٻُون پائُرَ وَٽِ ۾،
سيئِي سارِئو سُومَرا، اَچي آبُ اُڇَلَ،
تَنِ سانبِيَنِ وِڌَمِ سَلَ، ڏِٺي جَنِ ڏِينھَن ٿِئا.
رسالن ۾ موجودگي: 80 سيڪڙو
سمجهاڻي
منھنجا ماروئڙا ٿر بر ۾ (وسڪاري بعد) تازا توانا ٿي پيا آهن يا ٿر بر ۾ جتي ڪٿي تازگي اچي ويئي آهي. هنن جا اجها هينئر پائر جي پاسي ۾ آهن. اي سومرا بادشاھ، مان انهن مٽن مائٽن کي پيئي ياد ڪريان تہ اکين مان اوچتو آب جاري ٿي وڃي ٿو جيڪو رڪجڻ جو ناهي. جن جيڏين سرتين سان ملئي ڪي وره ٿي ويا آهن، تن جي يادگيري منھنجي اندر ۾ سوراخ ڪري ڇڏيا آهن.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود مارُئي، بيت نمبر : 3124
ٿَاجَا ٿَرَ ڀَرَ جَلَّ پِپٌ پَائُـرَ وَٽِم﮼﮶
سٖيْـئِيْ سَارِئُوْ سُنْمَرَا اَچٖيْ آَبُ اُڇَلَ﮶
تَنِ سَابِيَنِ وِڌَمِ سَلَ ڎِٽٖيْ جَنِ ڎِيْهَ ٿِئَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
थाजा थर भर झल। पिबू॒ पाउर वटि में।
सेई सारिओ सूमरा। अचे आबु उछल।
तनि सांबियनि विधमि सल। डि॒ठे जनि डीं॒हं थिआ॥
ROMAN SINDHI
thaa jaa thar'a bhar'a jhal'a, piBoo'n paa'ur'a watt'ay mayn,
se'ee saari'o Soomaraa, achi aab'u uchhal'a,
tan'ay saanbiyan'ay widham'ay sal'a, ddithhay jan'ay ddeenh'a thi'aa.
TRANSLATIONS
In this season my kinsmen hold their gatherings in 'Paiwat' desert where wild fruit grows in plenty. O Soomra! My eyes overflow with tears when I remember them all. The separation from my relatives has seriously afflicted me. It is indeed an age that I saw them last.
In deserts and plains where wild fruit grows they assemble every where,
Thinking of them my eye fill with tears,
My heart bleed for those who since long I have not seen.
They held gatherings all over Thar, enjoy eating Pippon* in Paaur,
Thinking of them my eyes overflow with tear, O Soomra,
I have not seen them since long, my heart bleeds for them.
فى هذه الأيام فى البر وفى الصحراء مجالس وحفلات ويأكلون أثمار أشجار البر ومارئي تذكر فواكه البر وتقول هذه الأيام فواكه خاصة للبر متوفرة بسبب أمطار يا سومرا!
فى ذكريات أحبابي فى الصحراء تدمع دموع من عيوني.
لم أزر أصحابي ولقد مضت الأيام ثقبوا وجرحوا قلبي من الفراق ومن البعد ومن الهجران.
جوڑ مجلساں تھر وچ بیٹھے مارو {پِپ(٭)} کھاندے
ہنجو جُھردے اکھوں سومراں چیتے آون اونہاں دے
مارو ڈٹھیاں جُگڑے بیتے روح میری ہے سلی
(٭) پھل دا ناں۔
جانے کتنی چہل پہل ہوگی
آجکل تھر کے سبزہ زاروں میں
دیکھتی ہوں بہ دیدۂ حیراں
اک تلاطم سا جوئباروں میں
یاد ہے میں بھی تھی کبھی شامل
اپنے پیارے وطن کے پیاروں میں
جہاں جہاں وہ مل کر بیٹھیں، لگ جائیں منڈل،
تب سے نیناں نیر بہائیں، جب سے ہیں اوجھل،
دکھڑے ہیں پل پل، ان کو دیکھے دن بیتے ہیں۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) جيڪُسِ ڪي ڪِئامِ اَوَڳُڻَ اَباڻَنِ…
- (بيت) لوھَ جا لَھِي وِئا، نِيَرُ…
- (بيت) لوھَ جا پُونِ لَھِي، نِيَرُ…
- (بيت) مارُوءَ پاسِ مَلِيرَ ۾، شالَ…
- (بيت) مارُوءَ پاسِ مَلِيرَ ۾، ڌوئِي…
- (بيت) نَہ ڀُلِڪارَ نَہ ڀُلَ، نَڪو…
- (بيت) نِيَرُ نَہ لَھي نِينھَن جو،…
- (بيت) پاڻِهين پَچِي پييُون، ريءَ واھِيَتَ…
- (بيت) ٿورا مَنجِهہ ٿَرَنِ، مُون سين…
- (بيت) ھَڏِ نَہ پَڙان ھيڪَڙي، ٿوري…
- (بيت) ھِنَ مُندَ مارُو سَنِرا، جِيائِي…
- (بيت) ھِنَ مُندَ مارُو سَنِرا، ساڻيھَ…
- (بيت) ھِنَ مُندَ مارُو سَنِرا، ويڙِھِيين…
- (بيت) ھِنَ مُندَ مارُو سَنِرا، ڍَنگهَرَ…
- (بيت) ھِنَ مُندَ مارُو سَنِرا، کائُرِ…
سُر جا ٻيا داستان
- مارُن جو حال
- ڪن فيڪون ۽ قيد
- ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر
- سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ
- سونھن وڃايم سومرا
- بندياڻي واجهائي وطن کي
- مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو
- آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا
- چرن چڻڪن چت ۾
- مارئي ملير جي ستي سيل
- سيئي سارئان سومرا
- جيھا جي تيھا
- جھ سي لوڙائو ٿئا
- مُونھان پوءِ ملير
- سارئان ۽ چڪن چاڪ
- کائر ڏانھن کڻي وئا
- پائران پيھي آيا
- مَ رو، پانڌي پرين پنھوار
- ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا
- زمر زخرف سومرا
- وايون
