Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر يمن ڪلياڻ جَي سِڪ ۽ عاشقي جو بيت
عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي وِھِجِ رَندُ،
پِياريندَءِ پاڻِهين، مَيخاني جو مَندُ،
سَرو اُنِ جو سَڦِرو، سُپَڪُ آھي سَنڌُ،
مَتان ڪَڍين ڪَنڌُ، اوڏو ٿِي اُنِ کي.
رسالن ۾ موجودگي: 87 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي عاشق، محبوبن جو رستو وٺي ويھجانءِ. هو پاڻهي توکي محبت جي ميخاني جو شراب ڀري پياريندا. (توکي پنھنجي محبت سان سرشار ڪندا). (توکي خبر هجڻ کپي) سندن محبت وارو شراب پوريءَ ريت پڪل ۽ تمام گهڻي لذت وارو آهي. سندن ويجهو وڃي قرب حاصل ڪر. هن باري ۾ متان ڪنڌ ڪڍائين يا (تڪليفون ڏسي) لنوائڻ جي ڪوشش ڪرين.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود ڪلياڻ و جمن، بيت نمبر : 1181
عَاشِقَ مَعْشُوْقَنِجُوْ وَٽِيْ وِهِجِ رَندُ﮶
پِيَارِيْدَءِ پَانِهٍ مَيْخَانٖيْ جُوْ مَندُ﮶
سَرُوْ اُنِجُوْ سَفَرُوْ سُپَڪُ اٰهٖيْ سَنڌُ﮶
مَتَا ڪَڊ﮼ ڪَنڌُ اُوْڎُوْ ٿِيْ اُنِکٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
आशिक़ माशूक़नि जो। वठी विहिजि रंदु।
पियारींदइ पाणिहें। मेख़ाने जो मंदु।
सरो उनि जो सफ़रो। सुपकु आहे संधु।
मतां कढीं कंधु। ओडो॒ थी उनि खे॥
ROMAN SINDHI
AashiQ'a maashooQan jo, wathhi wehij rand'u,
Piyarenda'e paannhen, meKhane jo mand'u,
Saro un jo safro, supak'u Aahe sandh'u,
Matan kaDhhen kandh'u, oDo thi un khe.
TRANSLATIONS
O Lover! squat on the usual track of the Beloved. He will himself offer you wine from His tavern. Do not say “No” to Him. Get close to Him.
ساقی بہ ہمہ بادہ زیک خم دہد آقا،
در مجلس اوز مستی ہر کس شرابی ست
The cup bearer Lord serves wine to all from the same pitcher. In his company every one is intoxicated with the same wine
O lover, sit on the daily track of your beloved,
He will have you drink wine of his winery,
Having neared him never turn away.
ساقی لنگھی جدھروں رندا لانگھا مَلیِں جاکے
اوہ آپ پلاوے گا تینوں، پیویں ڈیکاں لاکے
حاصل سبھ کجھ تھیسی تینوں جے توں مونہہ نا موڑیں
تم سر راہِ انتظار کرو خود پلائیں گے وہ شراب تمہیں
شرط یہ ہے نہ ہو کسی عنوان ان حسینوں سے اجتناب تمہیں
جاکر بیٹھ تو راہ میں اس کی، جو ہے سندر ساجن،
میخانے سے مدرا دے کر، کروائیں گے درشن،
پھیر کبھی مت گردن، جا کر پاس پیا کے۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَڃا تو مَنجهان، ڪَکَ ڇُتي…
- (بيت) تُون سُکَنِ جُون سَڌُون ڪَرِين،…
- (بيت) جان عاشِقَ مَٿي رَتُ، تان…
- (بيت) جان عاشِقَ مَٿي ماسُ، تان…
- (بيت) جيڪي سِڪَڻُ سِکُ، نان تَہ…
- (بيت) جَنِي کي جِئائِين، پِرِيَنِ پاڻُ…
- (بيت) سِڪَ نَہ آھي سُٿِرِي، کَڻُ…
- (بيت) سِڪَ وَڏو ئِي سُورُ، مَحَبتَ…
- (بيت) سِڪَڻَ اِيءَ نَہ سَڌَ، جِيئَن…
- (بيت) سِڪَڻُ ۽ سُورِي، ٻَئِي اکَرِ…
- (بيت) عاشِقَ اِيئَن نَہ ھُونِ، جيئَن…
- (بيت) عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺي وِھِجِ…
- (بيت) عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي ويھُ…
- (بيت) عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي وِھِجِ…
- (بيت) عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي وِھِجِ…
- (بيت) عاشِقَ مَعشُوقَنِ جِي، وَٺِي ويھُ…
- (بيت) عاشِقَنِ آرامُ، ڪَڏِھِين تان ڪو…
- (بيت) عاشِقَنِ اللهَ جِي، سَدا وائِي…
- (بيت) عاشِقَنِ اللهَ جِي، مَحَبتَ رَکِي…
- (بيت) عاشِقَنِ اللهَ جِي، وائِي نِتُ…
- (بيت) عاشِقَنِ اللهُ، ويروتارَ نَہ وِسَرِي،…
- (بيت) ڪَنھِن چَيُئِي تَہ پاءِ، پيرُ…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت
يمن ڪلياڻ: شاستري سنگيت جو ھڪ راڳ
ٺاٺ: ڪلياڻ
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: ني، ري، گا، ما، پا، ما، ڌا، ني، سا
آوروھا: سا، ني، ڌا، پا، ما، گا، ري، سا
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
(ھن راڳ جا سڀ سر تيور ۾ آھن)
