Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر يمن ڪلياڻ جَي سِڪ ۽ عاشقي جو بيت
عاشِقَنِ اللهَ جِي، سَدا وائِي واتِ،
فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم ، تَنَ ۾ اِھا تاتِ،
اُنھِيِن کان ڪَنھِن ساعَتِ، سَڄَڻُ ويلَ نَہ وِسَري.
رسالن ۾ موجودگي: 42 سيڪڙو
سمجهاڻي
سچن عاشقن جي زبان تي سدائين الله جي يادگيري (ذڪر) آهي. هُنن جي دلين ۾ قرآن جي آيت ’پوءِ مون کي ياد ڪريو تہ آءٌ اوهان کي ياد ڪريان‘ واري تار ساندہ لڳي پيئي آهي. اهڙن سچن عاشقن کان سندن سپرين هڪ گهڙيءَ لاءِ بہ ڪونہ ٿو وسري. (اُهي هر وقت هن جي ياد ۾ محو ۽ گم آهن).
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود ڪلياڻ و جمن، بيت نمبر : 1215
عَاشِقَنِ اَللہَ جِيْ سَدَا وَائِيْ وَاتِ﮶
فَاذْکُرُوْنِيْ اَذکُرْکُمْ تَنَم﮼ اِهَا تَاتِ﮶
اُنٍ کَا ڪِهْ سَاعَةِ سَڃَنُ وٖيْـلَ نَوِسَرٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
आशिक़नि अल्लाह जी। सदा वाई वाति।
फ़ज़्कुरूनी अज़्कुर्कुम। तन में इहा ताति॥
उन्हियिन खां किंहं साअति। सज॒णु वेल न विसरी॥
ROMAN SINDHI
AashiQan Allah'a jee, sada waee waat,
Faazkuroonee Azkr'ukum, tan'a me iha taat,
Unheen khaan kenhn saayt, saJhhann'u wel'a na wisare.
TRANSLATIONS
The lovers remember Allah at all times. They know well and they completely rely on the Quranic verse: Remember Me and I will remember you (152, Al-Baqarah). They know no respite. They remember the Beloved at all times.
TRADITION: The best performance, which is very holy in the sight of your Creator, is His remembrance.
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَڃا تو مَنجهان، ڪَکَ ڇُتي…
- (بيت) تُون سُکَنِ جُون سَڌُون ڪَرِين،…
- (بيت) جان عاشِقَ مَٿي رَتُ، تان…
- (بيت) جان عاشِقَ مَٿي ماسُ، تان…
- (بيت) جيڪي سِڪَڻُ سِکُ، نان تَہ…
- (بيت) جَنِي کي جِئائِين، پِرِيَنِ پاڻُ…
- (بيت) سِڪَ نَہ آھي سُٿِرِي، کَڻُ…
- (بيت) سِڪَ وَڏو ئِي سُورُ، مَحَبتَ…
- (بيت) سِڪَڻَ اِيءَ نَہ سَڌَ، جِيئَن…
- (بيت) سِڪَڻُ ۽ سُورِي، ٻَئِي اکَرِ…
- (بيت) عاشِقَ اِيئَن نَہ ھُونِ، جيئَن…
- (بيت) عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺي وِھِجِ…
- (بيت) عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي ويھُ…
- (بيت) عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي وِھِجِ…
- (بيت) عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي وِھِجِ…
- (بيت) عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي وِھِجِ…
- (بيت) عاشِقَ مَعشُوقَنِ جِي، وَٺِي ويھُ…
- (بيت) عاشِقَنِ آرامُ، ڪَڏِھِين تان ڪو…
- (بيت) عاشِقَنِ اللهَ جِي، مَحَبتَ رَکِي…
- (بيت) عاشِقَنِ اللهَ جِي، وائِي نِتُ…
- (بيت) عاشِقَنِ اللهُ، ويروتارَ نَہ وِسَرِي،…
- (بيت) ڪَنھِن چَيُئِي تَہ پاءِ، پيرُ…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت
يمن ڪلياڻ: شاستري سنگيت جو ھڪ راڳ
ٺاٺ: ڪلياڻ
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: ني، ري، گا، ما، پا، ما، ڌا، ني، سا
آوروھا: سا، ني، ڌا، پا، ما، گا، ري، سا
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
(ھن راڳ جا سڀ سر تيور ۾ آھن)
