Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر يمن ڪلياڻ جَي سِڪ ۽ عاشقي جو بيت
عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي وِھِجِ سَيرُ،
اَچِي پُڇَندَءِ پاڻِھيِن، پِرِين ڀَري پيرُ،
تَنِ ڀَلَنِ سَندو ڀيرُ، رَھبَرُ ٿِيندُءِ راھَ ۾.
رسالن ۾ موجودگي: 86 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي عاشق، تون سڌو سنئون محبوبن واري واٽ تي وڃي ويھي رھ. (ڏس تہ ڪيئن نہ!) هو پاڻهي اچي پير ڀري تنھنجي خبرچار لھي ٿو. (اهو محبوب وڏن ڳڻن وارو آهي). ڀلاين سان ڀريل سڄڻ جو اهو ڀيرو تنھنجي لاءِ واٽ ڏيکاريندڙ ٿيندو (هو پاڻ تنھنجي رهنمائي ڪندو).
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود ڪلياڻ و جمن، بيت نمبر : 1179
عَاشِقَ مَعْشُوْقَنِجُوْ وَٽِيْ وِهِجِ سٖيْرُ﮶
اَچِيْ پُڇَدَءِ پَانِهٍ پِرٍ ڀَرٖيْ پِيْرَ﮶
تَنِ ڀَلَنِ سَندُوْ ڀٖيْرُ رَهْبَرُ ٿِيْدُءِ رَاهَم﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
आशिक़ माशूक़नि जो। वठी विहिजि सेरु।
अची पुछंदइ पाणिहयिन। पिरीं भरे पेरु।
तनि भलनि संदो भेरु। रहबरु थींदुइ राह में॥
ROMAN SINDHI
AashiQ'a maashooQan jo, wathi wehij ser'u,
Achi puchanda'e paannhen, pireen bhare per'u,
Tan bhalan sando bher'u, rahbar'u theendu'e raah'a me.
TRANSLATIONS
O Lover! Squat on the usual route of the Beloved. He will walk upto you and enquire from you out of solicitude. He is definitely the fountain head of all kindness and He will guide you on the way (to Him).
O lover, sit on beloved's way,
He will come and take kind care of you,
He is all compassion and will surely guide you on the right path.
راہ خوباں میں بیٹھ جا عاشق ہوں گے وہ تیرے حال کے پرساں
ان کا یمن قدم ہی رہبر ہے ان کی چشم کرم ہے فیض رساں
بیٹھ تو اس کی راہ میں جاکر، جو ہے تیرا دلبر،
تجھ پر لطف کرے گا ساجن، تیرے آنگن آکر،
ہوگا وہ ہی رہبر ، وہ ہی مہر کرے گا۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَڃا تو مَنجهان، ڪَکَ ڇُتي…
- (بيت) تُون سُکَنِ جُون سَڌُون ڪَرِين،…
- (بيت) جان عاشِقَ مَٿي رَتُ، تان…
- (بيت) جان عاشِقَ مَٿي ماسُ، تان…
- (بيت) جيڪي سِڪَڻُ سِکُ، نان تَہ…
- (بيت) جَنِي کي جِئائِين، پِرِيَنِ پاڻُ…
- (بيت) سِڪَ نَہ آھي سُٿِرِي، کَڻُ…
- (بيت) سِڪَ وَڏو ئِي سُورُ، مَحَبتَ…
- (بيت) سِڪَڻَ اِيءَ نَہ سَڌَ، جِيئَن…
- (بيت) سِڪَڻُ ۽ سُورِي، ٻَئِي اکَرِ…
- (بيت) عاشِقَ اِيئَن نَہ ھُونِ، جيئَن…
- (بيت) عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺي وِھِجِ…
- (بيت) عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي ويھُ…
- (بيت) عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي وِھِجِ…
- (بيت) عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي وِھِجِ…
- (بيت) عاشِقَ مَعشُوقَنِ جِي، وَٺِي ويھُ…
- (بيت) عاشِقَنِ آرامُ، ڪَڏِھِين تان ڪو…
- (بيت) عاشِقَنِ اللهَ جِي، سَدا وائِي…
- (بيت) عاشِقَنِ اللهَ جِي، مَحَبتَ رَکِي…
- (بيت) عاشِقَنِ اللهَ جِي، وائِي نِتُ…
- (بيت) عاشِقَنِ اللهُ، ويروتارَ نَہ وِسَرِي،…
- (بيت) ڪَنھِن چَيُئِي تَہ پاءِ، پيرُ…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت
يمن ڪلياڻ: شاستري سنگيت جو ھڪ راڳ
ٺاٺ: ڪلياڻ
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: ني، ري، گا، ما، پا، ما، ڌا، ني، سا
آوروھا: سا، ني، ڌا، پا، ما، گا، ري، سا
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
(ھن راڳ جا سڀ سر تيور ۾ آھن)
