مَندُ بابت
معنيٰ
شراب، دارون، مَنڌ، مَدُ، ماکي، مڌ، جام
Liquor, wine
بيتن ۽ وائين ۾
- ناڻَي ناھِ ڪَڪُوھُ، مُلِهہ مَھانگو مَندُ، سَنباھيجِ سَيِّدُ چئَي، ڪاٽَڻَ ڪارَڻِ ڪَنڌُ، ھِيءُ تَنِي جو ھَنڌُ، مَٽَنِ پاسِ مَرَنِ جي.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- مَندُ پئَندي مُون، ساڄَنُ سَھِي سُڃاتو. پِي پِيالو عِشقَ جو، سَڀُڪِي سمجِهوسُون، پِريان سَندي پارَ جِي، اَندَرِ آڳِ اَٿُون، جِيئَڻُ…[ سُر ڪلياڻ - وايون ]
- وَٽَ وَٽَ وَٽِيءَ ۾، مَٽَ مَٽَ مَندُ ٻِئو، قَدُرُ ڪيفَ ڪَمالَ جو، پِياڪَنِ پِئو، اَچَنِ دُرُستُ دُڪانَ تي، ڪَنڌَ قَبُولُ…[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي وِھِجِ رَندُ، پِياريندَءِ پاڻِهين، مَيخاني جو مَندُ، سَرو اُنِ جو سَڦِرو، سُپَڪُ آھي سَنڌُ، مَتان ڪَڍين…[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- عِناتا اِتاھِين، جانِي جَڙي ٻَڌُ، آھي گهَڻو اَھکو، فَقِيريءَ جو فَندُ، چَکين تَہ چَرِئو ٿِيين، مَيخاني جو مَندُ، ڪِينَ ڪَڍَندين…[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- بازارِ جي بِيھَڻَ کان، سامِيَنِ ڪِئو سوڳَندُ، پِيتائُون پُرِ ڪَري، سَندو مَحَبتَ مَندُ، ٿِئا سَڻاوا سَيِّدُ چئَي، رِڙِھِي لَڌائُون رَندُ،…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]