Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر آسا جَي نيراني اکڙيون جو بيت
اَکِيُنِ کي آئُون، جان ڪي جَهلُون پايان،
رَءِ جَنھِن جي رَتِيُون، سوجهي سُوٺائُون،
پَسَنِ پَراھُون، اورانگهِئو عالَمَ تان.
رسالن ۾ موجودگي: 21 سيڪڙو
سمجهاڻي
مون اکين کي هر لحاظ سان جهلڻ جي ڪوشش ڪئي (پنھنجي وسان نہ گهٽايو) پر جنھن محبوب جو مٿن رنگ چڙهيل هو يا جنھن جي رنگ ۾ رتل هيون، تنھن کي آخر ڳولي وڃي ڏٺائون. پرين ڪيترو بہ پري هجن، پر هي سڄي جھان کي جهاڳي وڃي ديدار ڪري آيون.
[روميءَ هڪ مرحلي تي هينئن چيو آهي:
گفتم آخر خويش را من يافتم،
در دو چشمش راه روشن يافتم.
(دفتر دوم، ب-101)
معنيٰ: مون کي آخر تڏهن وڃي اطمينان ٿيو، جڏهن مون پاڻ کي محبوب (مرشد) جي ٻنهي اکين جي روشن راھ تي هلندي ڏٺو.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
अखियुनि खे आऊं। जां के झलूं पायां।
रअ जंहिं जे रतियूं। सोझे सूठाऊं।
पसनि पराहूं। ओरांघिओ आलम तां॥
ROMAN SINDHI
Akhiyun khe Aaon, jaan kee Jhaloon payaan,
ra'e jenhn je ratiyoon, soJhe sothhaooon,
Passan parahoon, oranghiyo Alam taan.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَکَڙِيُنِ آرو، مُونھان پُڇِي نَہ…
- (بيت) اَکَڙِيُنِ کي آھِينِ، عَجَبَ جِھَڙِيُون…
- (بيت) اَکِ اُلِٽِي ڌارِ، وَنءُ اُلِٽو…
- (بيت) اَکِيُنِ پانھِنجي مَتِ، پاڻَ سين…
- (بيت) اَکِيُنِ کي آئُون، جان ڪي…
- (بيت) اَکِيُنِ کي آھِين، وَڏا واجهَہ…
- (بيت) اَکِيُنِ کي اُتومِ، مَتان اِتِ…
- (بيت) اَکِيُون تان عِيدَ، ڪانِهي عِيدَ…
- (بيت) اَکِيُون سيئِي ڌارِ، جَنِ سين…
- (بيت) اَکِيُون عَلَي الصَبّاحَ، دوسِتُ ديکَڻَ…
- (بيت) اَکڙِيُون اَکَڙِيُنِ تي، ڏَمَرَ ڏُکَ…
- (بيت) اَکڙِيُون پِرِيَنِ ري، جٖي ڪِي…
- (بيت) اُڀِرَندي سِجَ سان، پِرِين جَي…
- (بيت) اُڀِرَندي سِجِ، پِرِين جٖي نَہ…
- (بيت) تَنِ نيڻَنِ ڪِي نَيرانِ، جَنِ…
- (بيت) جِيئَن جِيئَن ڏَمَرَ ڪَنِ، تِيئَن…
- (بيت) جِھَڙا مُنھَن مُھاڙَ، تِھَڙا پُٺِيرا…
- (بيت) سَدا سامُھان پِرِين، پُٺِيرا سُونھَنِ،…
- (بيت) مُون کي اَکَڙِيُنِ، وَڏا ٿورا…
- (بيت) نيرانا ئِي نيڻَ، نيئِي آڇِ…
- (بيت) وَسَنِ ۽ وِھسَنِ، ڏِھاڙِي ڏِسَڻَ…
- (بيت) ڏِسَنِ ڏِھاڙِي، توءِ تَرِسَنِ اوڏَھِين،…
- (بيت) ڏِسِي ڏِسِي آيُون، توءِ تَلاشُون…
- (بيت) کُتِيُون ڪِينَ کِسَنِ، ڪَنھِن جَنھِن…
- (بيت) کُتِيُون ڪِينَ کِسَنِ، ڪَنھِن جَنھِن…
- (بيت) ڪوجها نَظَرَ ڪَنِ، اَکِيُنِ اَدَبُ…
- (بيت) ڪِي جَو وَڃِي اَڄُ، اَکِيُون…
- (بيت) ڪِي جَو وَڃِي ڪالَهہ، اَکِيُون…
- (بيت) ڪِي جَو ڪيڏانھِين، اَکِيُون پَسِي…
- (بيت) ڪِي جَو ڪَنھِين پارِ، اَکِيُون…
