Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر معذوري جَي اڌر نڌر ۽ ھيڪلي جو بيت
جَفا وارِيَنِ جَسُ، جَسُ جَفا ريءَ نَہ ٿِئي،
سُتينِ ساٿُ وِڃائِيو، گولِي ڇَڏِ مَ گَسُ،
ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، ڏُونگَرَ آھي ڏَسُ،
پُنهون وَڃِي پَسُ، سِر ڀَرِ ھَلِي سَسُئِي.
رسالن ۾ موجودگي: 49 سيڪڙو
سمجهاڻي
(اي سسئي) جيڪي تڪليف ۽ جفاڪشي ڪن ٿيون تن کي ڪاميابي ملي ٿي، ڇو تہ ڪاميابي تڪليف ۽ محنت کان سواءِ نٿي ملي. سک ۽ آرام جي ڪري ساٿين سنگتين کان محروم ٿيڻو پوي ٿو، تنھنڪري تون هڪ ٻانهيءَ وانگر اهو رستو نہ ڇڏ. اُٺن جو ڏس پتو جبل طرف ئي آهي. اي سسئي، پرينءَ کي پسڻ لاءِ توکي پيرن بجاءِ مٿي ڀر هلڻو پوي (ڪھڙي بہ حال وڃڻو پوي) تڏهن بہ وڃي سندس ديدار ڪر.
[مثنوي روميءَ ۾ عاشق جي پيرن سان نہ بلڪ دل سان هلڻ جي ڳالهہ هن طرح ملي ٿي.
تو مبين اين پايهارا برزمين،
زانکه بردل ميرود عاشق يقين.
(دفتر سوم، ب- 1976)
معنيٰ: تون پنھنجن پيرن کي ڌرتيءَ جي مٿان نہ سمجهہ، ڇو تہ عاشق واقعي دل سان پنڌ ڪندو آهي]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 33
جَفَا وَارِيَنِ جَسُّ جَسُ جَفَارِيَ نَٿِيٖي﮶
سُتِنِ سَاٿُ وِڃَائِيُوْ کُوْلِيْ ڇَڎِ مَ مَکَسُ﮶
لٖيْرَنِجُوْ لَطِيْفُ چٖيْ ڎُنْکَرِ آَهٖيْ ڎَسُ﮶
پُنُوْہُ وَنڃِيْ پَسُّ سِرَ ڀَرِ هَلِيْ سَسُئِيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जफ़ा वारियनि जसु। जसु जफ़ा रिय न थिए।
सुतेनि साथु विञाइयो। गोली छडि॒ म गसु।
लेड़नि जो लतीफ़ चए। डूं॒गरि आहे ड॒सु।
पुन्हूं वञी पसु। सिर भरि हली ससुई।
ROMAN SINDHI
Jafaa waareen'ay jas'u, jas'u jafaa ree'a na thiye,
Suteen'ay saath'u winjaai'yo, goli chadd'ay ma gas'u,
Leerran'ay jo Lateef'u chae, ddoongar'a aahay ddas'u,
Punhoo'n wanji pas'u, sir bhar'ay hali Sassui.
TRANSLATIONS
The credit goes not to those who bear no hardship, but to those who bear it well. Those who passed their time in ease or relaxation missed their companions. O bondman! Do not abandon pursuing the tracks (of your Beloved). Use your head as feet, and march on. You are sure to see Punhoo, O damsel!
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اولاڪَنِ اَچي، مَعذُورِ کي مارو…
- (بيت) اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، آھِيان اَسُونھِين،…
- (بيت) اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، اوڳِي اَوائِي،…
- (بيت) اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، اَسُونھِين آئُون،…
- (بيت) اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، اَسُونھِين آھِيان،…
- (بيت) اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، سَڌَرَ ھُئِي…
- (بيت) اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، ويچارِي وَري،…
- (بيت) اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، ڪَمِ نَہ…
- (بيت) جَي رائي ڪِي رَنجُورَ، ٽَڪَرَ…
- (بيت) جَي سُورَنِ سِجهائِي، توءِ چيلِهہ…
- (بيت) دوسِتُ ڏِٺائِين دِلِ سين، وِرِچِي…
- (بيت) رائي رَھائي، ھَلي مُنڌَ ھَٿَنِ…
- (بيت) رَنجَلَ پِئَڙَسِ رافَ، ڪَندي پَنڌُ…
- (بيت) پيئِي ٿِيي پِيمالُ، سا مُنڌَ…
- (بيت) ڏُھلا مُون ڏِينھَن ٿِئا، پييَمِ…
- (بيت) ھيڪَلِيائِي ھيلَ، پُورِيندِيَسِ پُنهونءَ ڏي،…
- (بيت) ھِيڪَلِيائِي ھاڻِ پُورِيندِيَسِ پُنهونءَ ڏي،…
