Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر معذوري جَي اڌر نڌر ۽ ھيڪلي جو بيت
جَي سُورَنِ سِجهائِي، توءِ چيلِهہ ٻَڌئِو چوٽِيين چَڙھي،
لَڌائِين لَطِيفُ چئَي، لالَڻُ لِيلائي،
سَڱُ پُنُوھَ جي سَسُئِي، ميڙي مِلائِي،
ٻانڀَڻِ ٻاڏائِي، حَبِئان وارِئو ھوتَ کي.
رسالن ۾ موجودگي: 87 سيڪڙو
سمجهاڻي
جيتوڻيڪ سورن ۽ تڪليفن سسئيءَ کي بلڪل هيڻو ڪري ڇڏيو هو، پر تڏهن بہ هوءَ چيلهہ سان سندرو ٻڌي جبل جي چوٽين تي پئي چڙهي. عبداللطيف چوي ٿو تہ انهيءَ حال ۾ کيس محبوب جي حسن جو جلوو نظر آيو. اها سندس اندر ۾ پنهونءَ جي سڪ ئي هئي، جنھن کيس پنهونءَ سان ملايو. اهي سسئي (ٻانڀڻ) جون دعائون هيون، جن سندس محبوب کي حب کان واپس ورائي ساڻس ملايو.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 13
جٖيْ سُوْرَنِ سِجَائِيْ تُوْءِ چٖيْلِ ٻَڌِئُوْ چُوْٽِي﮼ چَرٖيْ﮶
لَڌَاءٍ لَطِيْفُ چٖيْ لَالَنُ لِيْـلَائِيْ﮶
سَنکَہ پُنُوْھَجٖيْ سَسُئِيْ مٖيْرِيْ مِلَائِيْ﮶
ٻَاڀَنِ ٻَاڎَائِيْ ھَبِئَا وَارِئُوْ ھُوْتَـکٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जे सूरनि सिझाई। तोइ चेल्हि ब॒धिओ चोटियें चढ़े।
लधाईं लतीफ़ चए। लालणु लीलाई।
सङु पुनूह जे ससुई। मेड़े मिलाई।
बां॒भणि बा॒डा॒ई। हबिआं वारिओ होत खे।
ROMAN SINDHI
Jay sooran'ay sijhaa'ee, to'ay chelih Badhi'o chotti'en charrhay,
Ladhaai'een Lateef'u chae, Laalann'u Lelaa'ay,
Sang'u Punooh'a ji Sassui, merray milaa'ay,
Baanbhann'ay Baaddaa'ay, Habi'aa'n waari'o hot'a khhay.
TRANSLATIONS
Sasui was afflicted by the travails of separation and hardships of the journey. Yet (without losing heart) she set right her girdle and climbed the mountains in search of Punhoo. Her love gave her good recompense. She was united with Punhoo. Latif says: "Her patience and humility were remarkable. They helped her in recovering her Lord. Through tearful entreaties the Brahmin woman made her Lord return from the Hab tract.
بنھیاں لک اوس سولاں سلی چڑھدی کردی دھائی
پہنچی ٹیسی عشق مقامے سجن ڈیرے آئی
محرم دل دا لبھا آخر کہے لطیف بھٹائی
حبوں(٭) کھچ لیاندا پنوں نال عاجزی سسی
(٭) حب ندی جہڑی سندھہ بلوچستان وچ حدبندی اے۔
کردیا شوق نے کمربستہ
شدتِ درد سے نہ گھبرائی
کون جانے سسئی کا عجز و نیاز
محوِ حیرت ہے ہر تماشائی
جذبِ دل کی کوئی مثال نہیں
’ہوت‘ کو ’حب‘ سے کھینچ لے آئی
آخر کار مل گیا محبوب
آگئی کام کوہ پیمائی
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اولاڪَنِ اَچي، مَعذُورِ کي مارو…
- (بيت) اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، آھِيان اَسُونھِين،…
- (بيت) اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، اوڳِي اَوائِي،…
- (بيت) اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، اَسُونھِين آئُون،…
- (بيت) اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، اَسُونھِين آھِيان،…
- (بيت) اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، سَڌَرَ ھُئِي…
- (بيت) اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، ويچارِي وَري،…
- (بيت) اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، ڪَمِ نَہ…
- (بيت) جَفا وارِيَنِ جَسُ، جَسُ جَفا…
- (بيت) جَي رائي ڪِي رَنجُورَ، ٽَڪَرَ…
- (بيت) دوسِتُ ڏِٺائِين دِلِ سين، وِرِچِي…
- (بيت) رائي رَھائي، ھَلي مُنڌَ ھَٿَنِ…
- (بيت) رَنجَلَ پِئَڙَسِ رافَ، ڪَندي پَنڌُ…
- (بيت) پيئِي ٿِيي پِيمالُ، سا مُنڌَ…
- (بيت) ڏُھلا مُون ڏِينھَن ٿِئا، پييَمِ…
- (بيت) ھيڪَلِيائِي ھيلَ، پُورِيندِيَسِ پُنهونءَ ڏي،…
- (بيت) ھِيڪَلِيائِي ھاڻِ پُورِيندِيَسِ پُنهونءَ ڏي،…
