Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر معذوري جَي سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ جو بيت
ڪَنُ ٿِيءُ، ڪيچِيَنِ ڪُڇِئو، ڪُڇُ مَ، ٿا ڪُڇَنِ،
اِشارَتُون اُنِ جُون، سُڪُوتا سُڄَنِ،
وَٽان ويھِي تَنِ، سُڻُ تَہ سوزُ پِرائِيين.
رسالن ۾ موجودگي: 93 سيڪڙو
سمجهاڻي
: (سسئيءَ کي نصيحت) تون اهو پوريءَ طرح ڪن ڏيئي ٻُڌ، جيڪي ڪجهہ ڪيچي (قافلي وارا) پاڻ ۾ ڳالهائن ٿا، تون ڪجهہ نہ چؤ، بلڪ هو جيڪي چون ٿا (سو ٻڌ). هنن جا اشارا (رمزون) ماٺ ۽ خاموشيءَ ۾ رهڻ سان سمجهہ ۾ ايندا. تون انهن جون ڳالهيون (اندر جي) ڌيان سان ويھي ٻڌ، تہ محبت ۾ پچي تيار ٿئين.
[مثنوي روميءَ جو هن سلسلي ۾ هي بيت ڏسو:
چون تو گوشي او زبان ني جنس تو،
گوشهارا حق بفر مود ’انصتوا‘.
(دفتر اول، ب-1621)
معنيٰ: تون ڪن وانگر آهين ۽ هو ڳالهائڻ واري زبان آهي. الله تعاليٰ ڪنن لاءِ حڪم ڪيو آهي، خاموشيءَ سان ٻڌو.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 139
ڪَنُ ٿِيُ ڪٖيْچِيَنِ ڪُڇِئُوْ ڪُڇُمَ ٿَا ڪُڇَنِ﮶
اِشَارَةٌ اُنِجِيٌ سُڪُوْتَا سُڃَنِ﮶
وَٽَا وٖهِيْ تَنِ سُنْ تَہ سُوْزُ پِرَائِي﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
कनु थीउ। कैचियनि कुछिओ। कुछु म। था कुछनि।
इशारतूं उनि जूं। सुकूता सुज॒नि।
वटां वेही तनि। सुणु त सोज़ु पिराइयें।
ROMAN SINDHI
Ka'ann, kech'en kach'ow, kuch'h me eiya kuchan'n,
Ashar'toon un'n jon, suku'ta sajan'n
WaTaa'n wehey tin'n, sun'n ta'a soa'z pra'eiyn.
TRANSLATIONS
Be all ear to him (Hear him patiently.) The Lord (the Prophet) speaks. Do not interrupt him. You can well appreciate his exortations by maintaining silence; you may, by associating with him and hearing him, imbibe ecstasy from him.
O you who believe! do not be impetuous in the presence of Allah and His Apostle. (1, Al-Hijrah).
Would you (Muslims) interrogate your Apostle as Moosa was interrogated before? (108, Al-Baqarah).
TRADITION: Do not interrupt me till I have finished disscussion of a subject.
چوں عاشق اوست تو خاموش باش
چوں گوشت می کند تو گوش باش
(Roomi)
Since he is the lover, you had better remain quiet. Since he draws your ear, you should lend it to him.
ز جبریل امین قرآن پیغامی نمی خواہم
ہم ز گفتار معشوق ست قرآنی کہ من دارم
(Sir Syed Ahmed)
I do not want the Quran that las come as a relevation through Angel Gibril. I have the Quran that consists of the speeches of the Beloved.
Be all ears, Kechis are talking, speak not, they are speaking,
Their hidden meaning can be discerned in silence,
Sit with them and listen, you may learn to pine.
كل جسدك أذنا ومسمعا « لأن أهالي كيج يتكلمون عنك ولاكن أنت لاتتكلمي.
لأنهم يتحرجون. اتركيهم على حالهم.
تعرف إشاراتهم من صمتهم اسمعي منهم بعض الكلام كي تحصلين حرارة الهوى.
كما قال فيه:
وإذا مـا سـألـت عـنـي فـاخـفـي
خـبري عـن مسـافـع الحسـاري
بیا باگوش دل بشنو، کہ راز افشا بخواہد شد
چنان افشا بخواہد شد، کہ گوئی ھیچ افشا نیست
اشارت از سکوت یار باید گشت حس انیک
برو در گوشہ اش بنشین و پندارش کہ اخفا نیست
ساری دیہہ نوں کن بنالے، کیچ ہن پئے بولیندے
سینت اشارے اوہناں سندے، چپاں وچ بجھیندے
سُن بہو کول تیہناں دے، حاصل سوز تینوں تھی جاوے
روماں نوں توں کن بنائیں سن مرشد جو آکھے
چپ کرکے سن رمز اوس دی سمجھیں مت چت لاکے
جیکر گجھیاں رمزاں بُجھیں، سوز عشق دا پائیں
دلِ پر سوز کی ہمراز ہو جا
روادارِ نگاہِ ناز ہو جا
سمجھ اس نغمۂ ایما کی لے کو
بذات خود سکوتِ ساز ہو جا
صداے محرمانہ آ رہی ہے
سراپا گوش بر آواز ہو جا
آج سراپا گوش تو بن جا، کرتیں ہیں وہ بات،
خاموشی میں پرکھ سکے گا، ان کی یار صفات،
رہے تو ان کے ساتھ، تو سوزِ عشق جگائیں۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آرِي ڏي نَہ اِيئَن، اَکڙِيُون…
- (بيت) اَصلِ اَنگُ سَندونِ، وَھِي جيڏاھِين…
- (بيت) اَکِيُون آرِيءَ ڄامَ جُون، آھِينِ…
- (بيت) اَکِيُون آرِيءَ ڄامَ جُون، اَنڌِيءَ…
- (بيت) اَکِيُون لَٽَ اوراٽِيُون، ڪَنھِن پَرِ…
- (بيت) توڙي وِلاڙُون ڪَرِيين، توڙي ھَلين…
- (بيت) تَتِيءَ ڪَري تاڻَ، ٿَڌِيءَ ٿَڪِي…
- (بيت) جِتي جيتَرِيُون، لِکِيُون لوحَ قَلَمَ…
- (بيت) جٖي سُئا نَہ ٻُڌا، سي…
- (بيت) سُڻُ تَہ سوزُ پِرائِيين، آءُ…
- (بيت) لِکِئو جو نِراڙِ، سو اَنگُ…
- (بيت) مَنجهان پَنءَ پَرُوڙِ، سَڀَ مَ…
- (بيت) ٻُڌُ تَہ ٻِيائِي لَھي آئُون…
- (بيت) پيرَ پَٽائِين ڪُونئَرا، ڏُونگَرَ مَٿي…
- (بيت) پيرَ پَٽايِئن ڪُونئَرا، ڏُونگَرَ مَٿي…
- (بيت) ٿُڙُ وَٺِي ٿاھَرَ ڪَرِ، ناحَقُ…
- (بيت) چِيٽا چورَ چُنجِهنِ ۾، جِتِ…
- (بيت) ڪا مُون مُڇيجاھُ، گهَڻِيُون گهُربِيان…
- (بيت) ڪو مُنھُن ڪُٺَلِ آيو، ناھِ…
- (بيت) ڪو مُنھُن ڪُٺَلِ آيو، وَسِ…
- (بيت) ڪَنُ ٿِيءُ، ڪيچِيَنِ ڪُڇِئو، ڪُڇُ…
- (بيت) ڪَٽارو ۽ ڪوسُ، اَڱَڻِ آرِيءَ…
- (بيت) ڪَڏِھِين پَئِجي ڪَنُ تي، ڪَڏِھِين…
