ساٿُ بابت
معنيٰ
سنگت، ياري، جوڳ، جوڙ، ڳنڍ، اتفاق، ميلاپ، ايڪو، آڌار. رفاقت، سنگت، شرڪت. اُٺن جي قطار، قافلو، ساڳو، سوداگريءَ جو مالُ يا لَڏو. جماعت، انجمن، سوسائٽي، نڪاحُ. گڏ، سميت، سان، وٽ.
Accompanying,along with, inclusive, society, company, with
بيتن ۽ وائين ۾
- اَچِي سو ڏِٺوءِ، جو ڪَپَرُ سوءِ ڪَنَنِ سين، سُتي لوڪَ لَطِيفُ چئَي، يادِ نَہ ذَرو ڪِئوءِ، غافِلُ ٿِي غُرابَ کي،…[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- مَيَنِ مَٿي سَمَرا، کُھِيَنِ سَڏَ ڪَرِينِ، ساٿُ نِباھِيو نِينِ، اِيءَ پَرِ سَندِي سَڄَڻين.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- چُڪِيءَ کي چَئِي، ڪا جَاڳائي جيڏِيُون، وِئَڙو ساٿُ وَھِي، تو نِنڊائِين نَہ لَھي.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- ھَمسُون ساٿُ گِيا ھي، ھَمسُون سَيلُ گِيا ھي، ھَمسُون يارُ گِيا ھي، جو ڪُجُهہ ڪَرِنا ڪَرِ رَھِيا ھي، ڪَھِي ڪَھِيو…[ سُر آبڙي - وايون ]
- غَفلَتَ يارُ گَنوايو، ٻَڙِي جيڏِيُون، ڪِيئَن ڪَرِيان ڪوھُ ٿِئو، سُتِيَسِ تان ساٿُ وِئو، اُٿِيَسِ تان ڏُکُ آيو، پُڇان ٿِي پُنهونءَ…[ سُر آبڙي - وايون ]
- مُنڪِرَ ۽ نَڪِيرَ کي، جَڏھِن ڏِٺائِين، اَڳِيان اُٿِي اُنِ کي پُنهون پُڇِيائِين، اَدا اِئائِين، ڪو لَنگِهئو ساٿُ سَڄَڻَ جو.[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- جَفا وارِيَنِ جَسُ، جَسُ جَفا ريءَ نَہ ٿِئي، سُتينِ ساٿُ وِڃائِيو، گولِي ڇَڏِ مَ گَسُ، ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، ڏُونگَرَ…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- بَرَ مِڙَئِي بُوءِ، ڇَپَرَ ڇَٽُون مُڪِيُون، اَچِي آرِيءَ ڄامَ جو، لَڙِيو ساٿُ صُبوحِ، ٻَھَ ٻَھَ ٿِي ڀَنڀورَ ۾، ھَنڌَ مِڙيئِي…[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- وارَو وَرُ وَٺِي وِئا، آرِيچا اَظِلامَ، آندائُون آرِيءَ جا، پُنهونءَ ڏي پَيغامَ، پَھَ ڪِئائُون پاڻَ ۾، مُونھان مَخفِي مامَ، سَنڀُوڙا…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- ڪِيَمِ نَہ سيڻَ سَھِي، تَہ ڪِ چُلائِيندا ڇَپَرين، ٽِلِي ٽَڪَرِ چَڙِهئا، روڏا ڪَري رَئِي، وِئَڙو ساٿُ وِھِي، تو نِنڊائِي نَہ…[ سُر ديسي - اڱڻ مٿي اوپرا ]
- مُون تَہ ڪِينَ چَيونِ، ڪُڄاڙئان ڪيچِ وِئا، پُرِي پَٻَ نَہ جَهلِئا، ھاڙِھي ڪِينَ اُتونِ، سَٻَرُ ساٿُ سَندونِ، وِئو لَتاڙي لَڪِيُون.[ سُر ديسي - اڱڻ مٿي اوپرا ]
- ڪاڏي مُنھُن مَڪرانَ جو، ڪيڏانھَن ڪيچُ ٿِئو، ھِھَڙو ساٿُ ڀَنڀورَ تان، ڪَڏِھِين ڪونَہ پِئو، ڪوھِيارو ڪامَ ھَڻِي، چوري چِتُ وِئو،…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- ويندِيَسِ ڪيچِ ڪَھِي، سيڻَنِ ساڻُ صَحِي، ڀينَرُ آئُون جِيئَندِيَسِ تان نَہ جَتَنِ ري، وِھان ڪِيئَن ماٺِ ڪَري، ھيڏو سُورُ سَھِي،…[ سُر ديسي - وايون ]
- سُتِيَسِ تان ساٿُ وِئو، اُٿِيَسِ تان اُٺَ ناھِ، وِھاڻِيءَ ٿِي ووڙِيان، ڪيچِي وِئَڙا ڪانهَنُ، جي مُٺِيءَ جا مَنَ ماھَ، سي…[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- دُکائِيندِي دُونھَڙا، مُنڌَ سيڻانِي وَڃُ، پَرياڻُونِ مَ ڀَڃُ، ساٿُ چَڙَھَندو لَڪِيين.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- ڇِڄُ مَ قَطاران، ساٿُ چَڙَھَندو لَڪِيين، مَڇُڻ ٿِيين پُئان، وَڳَ وائُوٺي نَہ لَھين.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- ڪيچِي ڪَندا ڪوھُ، مُون مُئي کان پوءِ، اَچِي ماءُ ڀَنڀورَ ۾، ھاڻِ نَہ جِيئان جيڏِيُون، جِيئَڻ جاڙَ ٿِئو، پَٻُ پارَسَ…[ سُر حسيني - وايون ]