Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر ديسي جَي اڱڻ مٿي اوپرا جو بيت
مُون تَہ ڪِينَ چَيونِ، ڪُڄاڙئان ڪيچِ وِئا،
پُرِي پَٻَ نَہ جَهلِئا، ھاڙِھي ڪِينَ اُتونِ،
سَٻَرُ ساٿُ سَندونِ، وِئو لَتاڙي لَڪِيُون.
رسالن ۾ موجودگي: 31 سيڪڙو
سمجهاڻي
(سسئي ٿي چوي) مون هنن سان ڪو اجايو ڳالهاءُ نہ ڳالهايو، پر پوءِ بہ الائجي ڇو هو ڪيچي (ڪاوڙجي) هليا ويا. هنن کي پٻ جبل بہ پنھنجيءَ جاءِ تان چري ڪونہ روڪيو ۽ هاڙهي جبل بہ کين ڪجهہ نہ چيو. هنن جو قافلو ۽ ساٿي ايڏا زورآور هئا، جو هو سڀ لڪ ۽ لڪيون لنگهي هليا ويا.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 697
مُنْ تَا ڪِيْنَ چَيُوْنِ ڪُڃَارِئَا ڪٖيْچِ وِئَا﮶
پُرِيْ پَٻَ نَجَلِئَا هَارٖيْ ڪٖيْنَ اُتُوْنِ﮶
سَٻَرُ سَاٿُ سَندُوْنِ وِئُوْ لَتَارٖيْ لَڪِيٌ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
मूं त कीन चयोनि। कुजा॒ड़िआं कैचि विआ।
पुरी पब॒ न झलिआ। हाड़िहे कीन उतूं।
सब॒रु साथु संदोनि। विओ लताड़े लकियूं।
ROMAN SINDHI
Moo'n ta keen'a chayoon'ay, kujjaarri'aa'n kech'ay wi'aa,
Puri paB'a na jhhali'aa, haarrhi keen'a utoon'ay,
SaBar'u saath'u sandoon'ay, wi'o lataarray lakiyoo'n.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، جَڏھِن اوڳِي…
- (بيت) اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، جَڏھِن ڏاگها…
- (بيت) اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، جَڏھِن ڏاگها…
- (بيت) اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، ڏِٺَئِي جَي…
- (بيت) اَڳي اُٺَ رَڙَنِ، مُون ڀيري…
- (بيت) اُٺَ مَ اوري آڻِ، ڏاگهَنِ…
- (بيت) جَڏھِن ڀيڄ ڀِني، تَڏِھِين اوٺِيَن…
- (بيت) ڀانيُمِ جٖي سَرواڻَ، تَہ ڪِ…
- (بيت) ڀِنِيءَ ٿا ڀَرِينِ، ساٿِيَنِ سَنڊَ…
- (بيت) ڀِنِيءَ ٿِئا ڀيڙا، ساٿِيَنِ سَنڊَ…
- (بيت) ڇا جَي ڏِنگا ڏيرَ، مُنھِنجو…
- (بيت) ڏانگهَنِئُون ڏيرَنِ، جي ھُوندَ آندا…
- (بيت) ڏاگها ڪِيمَ ڏَرو، اَڃا آرِياڻِي…
- (بيت) ڏاگهَنِ ڏيرَنِ ڏُونگَرنِ، ڏُکَنِ آئُون…
- (بيت) ڏاگهَنِ ۽ ڏيرَنِ، وَڃِي تَنگِ…
- (بيت) ڏَاگهَنِ ڏيرَنِ ڏُونگَرنِ، ٽِنهِي ڏِنَمِ…
- (بيت) ڪُڄاڙِئان ڪاھي، شُتِرَ اُنِ سِينگارِئا،…
- (بيت) ڪِيَمِ نَہ سيڻَ سَھِي، تَہ…
