Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر ديسي جَي اڱڻ مٿي اوپرا جو بيت
ڪِيَمِ نَہ سيڻَ سَھِي، تَہ ڪِ چُلائِيندا ڇَپَرين،
ٽِلِي ٽَڪَرِ چَڙِهئا، روڏا ڪَري رَئِي،
وِئَڙو ساٿُ وِھِي، تو نِنڊائِي نَہ لَھي.
رسالن ۾ موجودگي: 24 سيڪڙو
سمجهاڻي
: مون پنھنجن ڏيرن (پنهونءَ جي ڀائرن) کي صحيح طور ڪونہ سڃاتو، تہ ڪو هو مون کي ائين جبل ۽ رڻ ۾ رولي ڇڏيندا. تڏهن تہ هو پنھنجن اُٺن کي آرام سان هڪليندا ۽ جهونگاريندا ٽَڪرن مان گذري ويا. (اي سسئي پر تنھنجي غلطي بہ آهي) جيتوڻيڪ قافلو ڏاڍي تيزيءَ سان اڳتي وڌي ويو، پر توکان ننڊ جو گهيرٽ لھي ئي ڪونہ ٿو.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 689
ڪِيَمِ نَہ سٖيْنَ سَھِيْ تَڪِ ڇُلَائِيْدَا ڇَپَر﮼﮶
ٽِلِيْ ٽَڪَرِ چَرِئَا رُوْڎَا ڪَرٖيْ رَئِيْ﮶
وِئُوْ سَاٿُ وَهٖيْ تُوْ نِنڊَّائِيْ نَلَھٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
कियमि न सैण सही। त कि छुलाईंदा छपरें।
टिली टकरि चड़िहिआ। रोडा॒ करे रई।
विअड़ो साथु वही। तो निन्डाई न लहे।
ROMAN SINDHI
Kiyam'ay na seenn'a sahi, ta ki chulaa'eenda chhapree'n,
Ttali ttakar'ay charrih'aa, rodda karay ra'ee,
Wi'arro saath'u wihi, to ninDaa'ee na lahay.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، جَڏھِن اوڳِي…
- (بيت) اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، جَڏھِن ڏاگها…
- (بيت) اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، جَڏھِن ڏاگها…
- (بيت) اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، ڏِٺَئِي جَي…
- (بيت) اَڳي اُٺَ رَڙَنِ، مُون ڀيري…
- (بيت) اُٺَ مَ اوري آڻِ، ڏاگهَنِ…
- (بيت) جَڏھِن ڀيڄ ڀِني، تَڏِھِين اوٺِيَن…
- (بيت) مُون تَہ ڪِينَ چَيونِ، ڪُڄاڙئان…
- (بيت) ڀانيُمِ جٖي سَرواڻَ، تَہ ڪِ…
- (بيت) ڀِنِيءَ ٿا ڀَرِينِ، ساٿِيَنِ سَنڊَ…
- (بيت) ڀِنِيءَ ٿِئا ڀيڙا، ساٿِيَنِ سَنڊَ…
- (بيت) ڇا جَي ڏِنگا ڏيرَ، مُنھِنجو…
- (بيت) ڏانگهَنِئُون ڏيرَنِ، جي ھُوندَ آندا…
- (بيت) ڏاگها ڪِيمَ ڏَرو، اَڃا آرِياڻِي…
- (بيت) ڏاگهَنِ ڏيرَنِ ڏُونگَرنِ، ڏُکَنِ آئُون…
- (بيت) ڏاگهَنِ ۽ ڏيرَنِ، وَڃِي تَنگِ…
- (بيت) ڏَاگهَنِ ڏيرَنِ ڏُونگَرنِ، ٽِنهِي ڏِنَمِ…
- (بيت) ڪُڄاڙِئان ڪاھي، شُتِرَ اُنِ سِينگارِئا،…
