جَفا بابت
معنيٰ
ظلم، سِتم، انڌيرُ، زيادتي، تَشَددُ، ناانصافي، جور، جارُ، ڏاڍائي، زبردستي، سختي
Trouble, molestation, injustice.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪوڙيِين ڀالَ ڪَرِيمَ، ڪَرِ سَھِسين شُڪرانا، فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم، ڪَھي قُرآنا، واشڪُرُو الِي وَلا تَڪفُرُونِ، ڪَڍُ تُون ڪُفراَنا، حَمدُ چؤُ حَڪِيمَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- پَرَ گهَران پاسو ڪَري، پُڇُ پِريان ڪَرَ پاڻُ، سو تان تَوِھِين ساڻُ، جَنھِن لَئي جَفائُون ڪَرِيين.[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- جَفا وارِيَنِ جَسُ، جَسُ جَفا ريءَ نَہ ٿِئي، سُتينِ ساٿُ وِڃائِيو، گولِي ڇَڏِ مَ گَسُ، ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، ڏُونگَرَ…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- سُتوئِي سيڄَ گُهرين، جَفا ڏيِين نَہ جِيءَ، پَھني ڌاران پِيَ، مَتان نُونڌين نَہ چَڙِهين.[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- سُتوئِي سيڄَ گُهرين، جَفا ڏيِين نَہ جانِ، صُلحَ ريءَ سيڻانِ، مَتان نُونڌين نَہ چَڙِهين.[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]