جَسُ بابت
معنيٰ
ساک، ناموس، نالو، ناماچار، ناموري، شھرت، اعتبار، هاڪ. اَثَر، تاثِيرُ. شاباسِ، آفرين. برڪت، وصف، خوبي، گڻ، ذاتي جوهر، طاقت، قدرت، زورُ، ٻَلُ، آبرو، عزت، حرمت، وڏائي، نيڪنامي، ثواب، نيڪي، ڀلائي، لياقت.
Credit, fame, celebrity, reputation, renown. Flavor, savor.
بيتن ۽ وائين ۾
- اُتَران جو آيو، تَنھِن ڪَڪَرَ لاٿَمِ ڪَسُ، وُٺو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، ڪِيو جوراڻِي جَسُ، ڪيسَرَ جي قَلاتَ ۾، راتِ تَنِي…[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- تَنِ جيسَرَمِيرِياڻِنِ جَسُ، جٖي لِلهِ ڪارَڻِ لَنڊِيُون، تَنِي لَڳي مَ ڪَسُ، جٖي اِيندَنِ ويندَنِ سَندِيُون.[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- تَنِ جيسَرَمِيرِياڻِنِ جَسُ، جٖي لِلهِ ڪارَڻِ لَنڊِيُون، لالائِيءَ جِي لَطِيفُ چئَي، ڪا نَہ رَھِيَنِ ڪَسُ، ھِتِ بِہ رَھِيُنِ رَسُ، ھُتِ…[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- جَفا وارِيَنِ جَسُ، جَسُ جَفا ريءَ نَہ ٿِئي، سُتينِ ساٿُ وِڃائِيو، گولِي ڇَڏِ مَ گَسُ، ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، ڏُونگَرَ…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- ھِيءَ گِسِي ھِيءُ گَسُ، ھِيءُ پَھَڻُ ھِيءُ پيچِرو، ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، ڏُونگَرَ آھي ڏَسُ، ويچارِيءَ وَڏو ڪِئو، ويندَنِ پُٺِيان…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- ڏَھين ڏِينھَن ڏِکَ ٿِئا، پِرِين پاٻوھِئا پَسُ، وَرَقَ جي وِصالَ جا، واري ڪِئائُون وَسُ، لَڌائُون لَطِيفُ چئَي، سَندو گُرُوءَ گَسُ،…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- جاڳَڻَ مَنجهان جَسُ، آھي اللهَ جَنِ کي، لاھي ٿو لَطِيفُ چئَي، مَٿان قَلبَ ڪَسُ، وَرَنَھَ ڪِجاھُ وَسُ، صُبُحَ ساڻُ سَيِّدُ…[ سُر ڏھر - رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي ]
- ٻيٽو ٻاپان وِتَرو، ڪَرَھو ڪيھَرِ جو پَسُ، آپُ ڇَپاوَڻُ پَرُ مارَڻُ، ذاتِ سِينهان جي جَسُ، جِتِ لَڳي دَمامَنِ دَسُ، اُتِ…[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- ماندِي ٿِيءُ نَه مارُئِي، وَرَقَ وَرَندا پَسُ، جُسو زَنجِيرُنِ ۾، جالَڻُ آهي جَسُ، مارُو آڻي مَسُ، آجِي ڪَندا ڪوٽَ کان.[ سُر مارئي - سيئي سارئان سومرا ]