Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر ديسي جَي ڏيرن ناھي ڏوھ جو بيت
سَرَتِيُون سَرَھائِي، ڪَڏِھِين مُون ڪا نَہ سُئِي،
ڏِھاڙِي ڏيرَنِ ۾، وَڃَڻَ جِي وائِي،
آئُون ھَڏِ نَہ ڄائِي، تَہ عَيبُ نَہ لَڳو اوٺِيين.
رسالن ۾ موجودگي: 42 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي منھنجون سرتيون، (جڏهن کان منھنجو پنهونءَ سان سڱ ٿيو آهي)، مون هن وقت تائين ڪا خوشي نہ ڏٺي آهي. هر روز منھنجا ڏير يعني پنهونءَ جا ڀائر (پنهونءَ کي گڏ وٺي) وڃڻ جون ڳالهيون پيا ڪن. (هُنن جون ڳالهيون ٻڌي مون کي لڳي پيو) جيڪڏهن آءٌ پيدا ئي نہ ٿيان ها تہ هُنن کي (گهٽ ذات سان مائٽيءَ وارو) عيب نہ لڳي ها (طعنو نہ ملي ها).
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 507
سَرَتِيٌ سَرَاهِيْ ڪَڎِہْ مُنْ ڪَانَ سُئِيْ﮶
ڎِيْهَانِيْ ڎٖيْرَنِم﮼ وَڃَنِ جِيْ وَائِيْ﮶
آَءٌ هَڎِ نَڃَائِيْ تَعَيْبُ نَلَـکوْ اُوْٽِي﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
सरतियूं सरहाई। कडि॒हीं मूं का न सुई।
डि॒हाड़ी डे॒रनि में। वञण जी वाई।
आऊं हडि॒ न जा॒ई। त ऐबु न लगो॒ ओठियें।
ROMAN SINDHI
Saratiyoo'n sarahaa'ee, kaddi'hee'n moo'n kaa na su'ee,
ddihaarri dderan'ay mayn, wanjann'a jee waa'ee,
Aaun hadd'ay na jjaa'ee, ta aeb'u na laggo aothhi'ee'en.
TRANSLATIONS
"O Friends! I have always been alien to joy and happiness. The fact is that each day my husband's brothers used to express their intention to leave for their home. Accordingly I am constrained to think that if I had not been born, the camelmen (i.e. Punhoo's brothers) would have been spared the odium (of my relationship.")
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) توڏَنِ موڏَنِ تَڪِڙِي، ويچارِيءَ وائِي،…
- (بيت) توکي ڳَھَرَ ڪِئو، ھُو ٿا…
- (بيت) جيڪُسِ آئُون نَہ تِيئَن، جِيئَن…
- (بيت) سا جَي ٿِيان ڀُون، وارِي…
- (بيت) سَسُئِي سَرواڻَنِ سين، ڪِھَڙو لَهُہ…
- (بيت) سَڄي ھَٿَ ساٿِيَنِ جي، مَ…
- (بيت) لَنگهي پَٻُ پَري ٿِئا، لَڪِ…
- (بيت) مَتان ڪا ٻَڙِي، ٻولِ ٻاروچي…
- (بيت) مَتان ڪا ٻَڙِي، ٻولِ ٻاروچي…
- (بيت) نَڪو ڏوھُ ڏيرَنِ جو نَڪو…
- (بيت) ويٺِي پُوڄِي پِيرَ، سَسُئِي سَنگهَرَ…
- (بيت) وَرِئو واءُ وِصالَ جو، ڏيرَنِ…
- (بيت) ٻانِهيءَ ٻَنڌَڻُ جَنِ سان، اللهَ…
- (بيت) پَسِي اُڃَ اُساٽَ، ڏُونگَرَ کي…
- (بيت) پُنهونءَ سين پِرتِ جو، ڪو…
- (بيت) ڍَرَنِ تِتِ ٻَرَنِ، ڪوڙيِين قَندِيلَنِ…
- (بيت) ڏوھُ مُنھِنجي ڏينھَن کي، جَتَ…
- (بيت) ڏيرَنِ ڏوھُ نَہ جيڏِيُون، ماءُ…
- (بيت) ڏيرَنِ کي ڏائو، ھيرَ ھَلَندي…
- (بيت) ڪالهُون پوءِ پِرِينءَ کي، رُئان…
- (بيت) ڪالُهون پوءِ پِرِينءَ کي، رَوئَي…
- (بيت) ڪُوڪِئو پُڇي ڪوھُ، ھَئَي ڪِئو…
- (بيت) ڪِي وارِي ڪِي واٽَ، ڪِي…
- (بيت) ڪِيچِيَنِ ڪَرَھَ پَلاڻِئا، جا تِيرا…
- (بيت) گَنگا گَجِي ھَلِئا، مَيا ماٺِ…
- (بيت) ھِيءَ گِسِي ھِيءُ گَسُ، ھِيءُ…
