Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر ديسي جَي ڏيرن ناھي ڏوھ جو بيت
ڪِي وارِي ڪِي واٽَ، ڪِي پاھَڻُ ڪِي پيچِرو،
ھَلِي ھاڙِھي سامُھِين، لَڳِيَسِ اُڃَ اُساٽَ،
ڳوڙَھَنِ ڀَري ڳاٽَ، اَپَرِ آلاپُون ڪَري.
رسالن ۾ موجودگي: 24 سيڪڙو
سمجهاڻي
(ڪيچ جي واٽ جو منظر) ڪيچ واري رستي ۾ ڪٿي رڳو واري هئي، تہ ڪٿي رڳو پھڻ ۽ پٿر، تہ ڪٿي وري سنهو پيچرو مس هو. سسئيءَ کي هاڙهي جبل ۾ سامهون هلندي پاڻيءَ جي سخت اُڃ بہ اچي ورايو. (گهڻو ئي برداشت ڪيائين) آخر جڏهن ڳوڙها وهي هليس، تہ ڪنڌ مٿي کڻي وڏيون (آسمان ڏانھن نھاري) دانھون ۽ ڪوڪارُون ڪرڻ لڳي.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 702
ڪٍ وَارِيْ ڪٍ وَاٽَ ڪٍ پَاهَنُ ڪٍ پٖيْچِرُوْ﮶
هَلِيْ هَارٖيْ سَامُهٍ لَـکِيَسِ اُنڃَّ اُسَاٽَ﮶
کُوْرَنِ ڀَرٖيْ کَاٽَ اَپَرِ اَلَاپٌ ڪَرٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
की वारी की वाट। की पाहणु की पेचरो।
हली हाड़िहे सामुहीं। लगि॒यस उञ उसाट।
गो॒ड़हनि भरे गा॒ट। अपरि आलापूं करे।
ROMAN SINDHI
Ki waari ki waatt'a, ki paahann'u ki pechiro,
hali haarrhi samuhee'n, laggyas'ay unj'a usaatt'a,
ggorrhan'ay bhari ggaatt'a, apar'ay alaapoo'n karay.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) توڏَنِ موڏَنِ تَڪِڙِي، ويچارِيءَ وائِي،…
- (بيت) توکي ڳَھَرَ ڪِئو، ھُو ٿا…
- (بيت) جيڪُسِ آئُون نَہ تِيئَن، جِيئَن…
- (بيت) سا جَي ٿِيان ڀُون، وارِي…
- (بيت) سَرَتِيُون سَرَھائِي، ڪَڏِھِين مُون ڪا…
- (بيت) سَسُئِي سَرواڻَنِ سين، ڪِھَڙو لَهُہ…
- (بيت) سَڄي ھَٿَ ساٿِيَنِ جي، مَ…
- (بيت) لَنگهي پَٻُ پَري ٿِئا، لَڪِ…
- (بيت) مَتان ڪا ٻَڙِي، ٻولِ ٻاروچي…
- (بيت) مَتان ڪا ٻَڙِي، ٻولِ ٻاروچي…
- (بيت) نَڪو ڏوھُ ڏيرَنِ جو نَڪو…
- (بيت) ويٺِي پُوڄِي پِيرَ، سَسُئِي سَنگهَرَ…
- (بيت) وَرِئو واءُ وِصالَ جو، ڏيرَنِ…
- (بيت) ٻانِهيءَ ٻَنڌَڻُ جَنِ سان، اللهَ…
- (بيت) پَسِي اُڃَ اُساٽَ، ڏُونگَرَ کي…
- (بيت) پُنهونءَ سين پِرتِ جو، ڪو…
- (بيت) ڍَرَنِ تِتِ ٻَرَنِ، ڪوڙيِين قَندِيلَنِ…
- (بيت) ڏوھُ مُنھِنجي ڏينھَن کي، جَتَ…
- (بيت) ڏيرَنِ ڏوھُ نَہ جيڏِيُون، ماءُ…
- (بيت) ڏيرَنِ کي ڏائو، ھيرَ ھَلَندي…
- (بيت) ڪالهُون پوءِ پِرِينءَ کي، رُئان…
- (بيت) ڪالُهون پوءِ پِرِينءَ کي، رَوئَي…
- (بيت) ڪُوڪِئو پُڇي ڪوھُ، ھَئَي ڪِئو…
- (بيت) ڪِيچِيَنِ ڪَرَھَ پَلاڻِئا، جا تِيرا…
- (بيت) گَنگا گَجِي ھَلِئا، مَيا ماٺِ…
- (بيت) ھِيءَ گِسِي ھِيءُ گَسُ، ھِيءُ…
