پَرُ بابت
معنيٰ
(صفت) ٻاهريون، پرديسي. ڌاريو، اوپرو، اوڦٽو. (ظرف) گذريل سال، گذريل وقت.
A stranger. Last year.
بيتن ۽ وائين ۾
- تو جَنِي جِي تاتِ، تَنِ پُڻ آھي تُنھِنجِي، فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم ، اِيءَ پَرُوڙِجِ باتِ، ھَٿِ ڪاتِي ڳُڻُ واتِ، پُڇَڻُ پَرِ…[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- صُوفِيءَ سَيرُ سَڀَنِ ۾، جِيئَن رڳُنِ ۾ ساھُ، سا نَہ ڪَري ڳالِهڙِي، جِيئَن پَرِيون پَرُوڙي پَساھُ، آھِسِ اِيءُ گُناھُ، جِيئَن…[ سُر يمن ڪلياڻ - صوفي ۽ طالب ]
- سِڪَ نَہ آھي سُٿِرِي، کَڻُ پَرُوڙي پيرُ، ڪُسَڻَ ڌاران ڪيرُ، ڪَري سَڌَ صِراطَ جِي.[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- اَڻَ ڪِي عَيان نَہ ٿِئي، ڪِي پَرُوڙي ڪونَہ، سَچِي جِھَڙِي سونَ، مُنھِن نَہ پيئيِ ماڻُهين.[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- اَڻَ ڪِي عَيان نَہ ٿِئي، ڪِي پَرُوڙي ڪو نَہ، جانۡ سُونھون ٿِئي سونَ، اَمُرُ عَطا جَنھِن جو.[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- سَچو پَسِي مُون سَڃِين، ڪَرَھا توکي ڪامَ، مانَ پَرُوڙي مامَ، ساڱاھي سَنئيِنءَ وَھين.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- وَھِلِي وانءُ مَ وِھامِي، رَھُ راتِ رائيِندِيَس سُپِرِين، شَمعَ ٿيِندِيَس شَبَ ۾، اِنَ خُوشِيءَ کان کامِي، بابُوئنِ سَندِيءَ باھِ جِيئَن،…[ سُر کنڀات - وايون ]
- اَچِي سو ڏِٺوءِ، جو ڪَپَرُ سوءِ ڪَنَنِ سين، سُتي لوڪَ لَطِيفُ چئَي، يادِ نَہ ذَرو ڪِئوءِ، غافِلُ ٿِي غُرابَ کي،…[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- آڏو چِڪَڻُ چاڙُه، مُنھِنجِي مَوجَ نَہ سَھي مَڪُڙِي، ميڙي مَٺايُنِ جو، بيحَد چاڙھيُمِ بارُ، چَوَڻَ چارو ناھِ ڪو، بَدِيُون بيشُمارُ،…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- وِتُ ويِمي جو جَي لَھين، تَہ ٻِي ڪارِ نَہ ڪَرِين ڪا، اِھا پَرُوڙِجِ ڳالِهڙِي، وَڻِجارَنِ وَٽان، موتِي جَنِ ھَٿان، آندَءِ…[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- اَمُلُ آڇِ مَ اُنِ کي، جٖي نَہ پَرُوڙِينِ مَتِ، جِتِ گَڏِجَئِي جَوھَرِي، ماڻِڪُ تِتَھِين مَٽِ، جَنِ سونَ سين سَٽِ، تَنِ…[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- بَندَرِ جانۡ ڀَئِي، سُکاڻِئا مَ سُمهو، ڪَپَرُ ٿو ڪُنَ ڪَري، ماٽي مَنجِهہ مَھِي، ايڏو سُورُ سَھِي، نِنڊَ نَہ ڪِجي ناکُئا.[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- جَي تُون ٿِيين اللهَ جو، تَہ عالَمُ سَڀَ سَندوءِ، مَنْ لَّہٗ الْمُوْلٰی فَلَہٗ الْڪُلُّ ، پِرِيَنِ پاڻَ اُتوءِ، ڪَپَرُ ڪِينَ…[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- سوداگَرَ سَمُنڊَ جا، لاڄُو لالَ وَٽيجِ، سِڙَه سَنباھَي سَقُلاتَ جا، کُوھا خُوبُ کَڻيجِ، اَڇا اولا عاجَ جا، چَڱا چِٽائيجِ، سَتَ…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- پَڳَھَ پَنڌَ پَرُوڙِ، آيَلَ سامُونڊِيَنِ جا، ساندارو سَمُنڊَ جو، آھي دُوران دُورِ، ڪي لَنگِهئا پِھرِئين پُورِ، ڪَنِ ويٺي وَرِھَ ٿِئا.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- پُڇَنِ جٖي ميھارَ کي، پُڇي سي ميھارُ، فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم ، اي پَرُوڙِجِ پارُ، تُرَھو تَنِي بارُ، عِشقُ جَنِي کي آڪِرو.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- ٻِئون گهِڙَنِ ڏِينھَن، ھِن ڀِنيءَ اوڏاھِين ڀَرُ، مُندَ ڪَنَ اُڊَڪو نَہ ڪَري، جي ڪيرائي ڪَپَرُ، جَسَنُ ڀانئي جَرُ، وِيندي مُنڌَ…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- گِهڙَڻُ وَھِيڻُو مُون، مِلَڻُ ھَٿِ ميھارَ جي، سائِرَ سِڪَندِيَنِ جو، تَرسُ پَرُوڙِجِ تُون، جٖي ھَلَنِ ھوتَنِ ڏُونھِن، تَنِ کي مَڇِنِ…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- جَا مُھاڙَ ميھارَ، سا مينھِيَنِ نَہ ٿِي، ڪَپَرُ ڪارُونڀارَ، ڪِيئَن لَنگهَندِيُون ڪُنڍِيُون.[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- جو تُون ڏوريين ڏُورِ، سو سَدا آھي ساڻُ تو، لالَڻَ لَئي لَطِيفُ چئَي، مَنجِهين ٿِي مَعذُورِ، مَنجهان پَئَن پَرُوڙِ، تو…[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- ھَلُ ھِنيَين سين ھوتَ ڏي، ڇَپَرُ ڇُلُ مَ تُون، مَنجهان لَڌو مُون، ڪوھِيارو ڪيچَ ڌَڻِي.[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- موٽِي ٻَڌُ ٻِھارَ، سُورائِتِي سَندِرو، ڇَپَرُ تُھان ڌارَ، ڪانَہ ڏورِيندِي ڏُکَ سين.[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- ڇَپَرُ ڏيئِي ٻَنِ، وِھان ڪِيئَن ماٺِ ڪَري، جِتِ ڪوھِيَرا ڪافَ جا، ٻَھَ ٻَھَ ٻاڦُون ڪَنِ، موٽُ مَرَندِيئَن سَسُئِي، تُون نَہ…[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- لائي خَنجَرُ ”لا“ جو ”ھَي“ خَچَرَ کي ھَڻُ، سَڌُنِ جُون سَيِّدُ چئَي، وَٿُون سَڀَ وِڪِڻُ، پيرُ پَرُوڙي کَڻُ، تَہ ھَلَڻَ…[ سُر معذوري - نڱي بي بوجهہ ]
- مَنجهان پَنءَ پَرُوڙِ، سَڀَ مَ پُڇِجِ سَسُئِي، ويھِي وَڏي ڍِڳَ مان، ڌُڻِي وِجِهجِ ڌُوڙِ، تَہ تُون ماڻِيين مُوڙِ، جي پَندِ…[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- اَدِيُون ڪا اِيندِي، ڇَپَرُ مُون سَڱُ ٿِئو، لائِيندِيَسِ لِڱَنِ کي، مَلِيران ميندِي، وِندُرَ آئُون ويندِي، آرِي ڄامُ اَجهو ڪَري.[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- اُٺَ ويرِي اوٺارَ ويرِي، ٽِئا ويرِي ڏيرَ چوٿُون ويرِي واءُ ٿِئو، جَنھِن لَٽِئا پُنُوھَ پيرَ، پَنجُون ويرِي سِڄُ ٿِئو، جَنھِن…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- ڇَپَرُ ڇَمَرُ ڀانيان، ڪانڀُو ۽ ڪارَو، پَٻُ وِجَهندِيَسِ پُٺِ تي، صُبوحِ سَوارو، وَڃَڻُ مُون وارو، ڪِينَ وِھَندِيَسِ وِچَ ۾.[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- ڇَپَرُ ۽ ڇَمَرُ، ٿا لَڳَھَ لَڳَنِ پاڻَ ۾، آئُون پِيادِي پَٽِيين، نِماڻِي نِڌَرَ، اَرڏا ڏُونگَرَ ڪَرڪِرا، ويڌَ وِنگايُون وَرَ، سوڙِھا…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- پَسِي اُڃَ اُساٽَ، ڏُونگَرَ کي ڏارُ پِئو، سَسُئِيءَ جي سُورَنِ جِي، لَڪَ مَٿي لاٽَ، ڇَپَرُ مِڙيوئِي ڇاٽَ، مُنڌَ پارَ ڪَڍي…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- بُرو بِگِيرَدِ بامَ بَليخا، مانَ پَرُوڙي مامَ، ٿَئو دَئِي ٿَئو مان، ڪِٿان ڇُلِي ڇَپَرَ جي لامَ، اَچي تَنِ جِي سامَ،…[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- ڇڏِئو جَنِ ڀَنڀورُ، ڇَپَرُ تَنِ کي ڇاڙِڪِي، ھَمَ غَمَ لَٿَنِ ھور، وَڃِي ڪيچِ قَرارِئا.[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]
- پاڙي ناھِ پَرُوڙَ، تَہ ڪا راتِ رَنجائي گُذِرِي، ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ جي، گهائي وِڌِي گهُورَ، ھِڪَ سَسُئِي ٻِئا سُورَ، وِئا پِٽِيندا…[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- رو وِسائي راندِ، پَھَ پَرُوڙِجِ ساٿَ جا، ھوتَنِ سين ھيڪاندِ، ھُيَئِي ٻَہ ٽي ڏِينھَڙا.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- ڇُلَندِيَسِ سَڀَ ڇَپَرُ، پُٺِيءَ پيرِ پُنهونءَ جي، سيڻَنِ لاءِ سَفَرُ، وَڻِيَمِ ويلَ سَڀَ ڪَنھِن.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- اُٿِي پَھُ پَرُوڙِ، ساجُهرِ سُپَيرِيَن جو، ڏُونگَرَ ڌَڻِي ڏُورِ جِمَ وَڃَنَئِي نِڪِرِي.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- مَرُ تَہ آئين مَڱڻا، مامَ پَرُوڙِي مُون، جيڪا ڳاھَ ڳالَهائِيين، سا سَمجِهيسُون، تَنھِن تي تُسجِ تُون، جيڪِي پَئي پَٽَ ۾.[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- تُنبيرو نَہ تُون، ذاتِ جو راڻو آھيين، ڪالَهُون ڪَرَ ڪَھِيو وَڃين، ڳَڙَه پاسي ڳاھُون، اِيءَ مامَ پَرُوڙِي مُون، تَہ مارِي…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- پَرَ وَسِ ٿِئَمِ پَرياڻُ، پِرِين وَسِ نَہ پانھِنجي، لَڳو ڪِينَ لَطِيفُ چئَي ڇَپَرُ ڇاتِيءَ ساڻُ، پِرِين ڏيکاري پاڻُ، خُوشِ ڪَري…[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- راڻو ڀانيو راندِ، وَڃِئو ڪِيئَن وِڙَ رانِئيُين، وَرُ وِڏُوھِئو اِينھَئِين، جِيئَن پَرُ پُڄِتوءِ پاندِ، ھَئَي ڀَڳِيَئِي ھيڪاندِ، سوڍو سارِيندينءَ گهَڻو.[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- جيڪو ڏُٿُ ڪَري، تَہ ڏُونگَرَ ڏورَڻُ ڏاکِڙو، چَپَرُ ڪِينَ ڏي، سُوکِڙِيُون سُتَنِ کي.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- ڏُکارو ڏُونگرُ، ڏِٺُمِ ري ڏوٿِيين، پَٻَ اورِئو ٿي پانھِنجو، اُنِهين سين اَندَرُ، ڇورو ٿِئو ڇَپَرُ، ڀيرو کاھوڙِيَنِ ڀَڳو.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- پيئِي جَنِ پَرُوڙَ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جِي، ڇَڏي سي ضَرُورَ، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- پيھِي جَنِ پَرُوڙِئو، گَنجو ڏُونگَرُ گامُ، سي ڪَري تَنُ تَمامُ، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- پيھِي ڇَپَرُ پَسُ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جو، توکي ڏِيندا ڏَسُ، ڏوٿِي آھِينِ ڏيھَ ۾.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- پيرُ پَرُوڙي پاءِ، گَنجي ۾ گُنَ گَهڻا، کاھوڙِي کَرا وِئا، نَہ ڪا اوڏِي ماءِ، جَنِي ڏِٺِي جاءِ، تَنِي موٽَڻُ ميهَڻُو.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- اَچي پِئا آٽَ ۾، واٽَ وِڃائِي جَنِ، ڪُرَندا ڪِي پَرُوڙِئو، رَندِ نَہ سي رِڙَھنِ، ٻيئِي دارَ دَيُون ڪِئو، پيرَتِ تان…[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- جيڪي مُون کي ني، پَڳَھَ پائي پاڻَ سين، پَھَ پَرُوڙِئَمِ پَٿَ جا، مَنجهان ڪِينَرَ ڪي، ھاڻي جَي ھَيَئي، آئُون نَہ…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- ڪِيَمِ ڪاپَڙِيَنِ جِي، پِھرِيين ڏِينھِن پَرُوڙَ، سَگها ساٿَ نَہ ھيڪَڙِي، چارَئِي پَھَرَ چُورَ، سَدائِين سَيِّدُ چئَي، ھُونِ سَناسِي ۾ سُورَ،…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- جَا جِيارِي جوڳِيين، سا ماڻُهنِ مُصيبَتَ، سامِي سُورُ صِحَتَ، جٖي پُورَڀِئا پَرُوڙِيين.[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- وِھَندَنِ کي ويڪَ ٿِئي، ھُوندَنِ ڪونِهي ھَنڌُ، مَنْ لَهُ الَموليٰ فَلَهُ الڪُلُ ، اِيءُ پَرُوڙِجِ پَنڌُ،[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- ڪَرِ ھِئارَ ھَلَڻَ جِي، ويٺو پُڇين پَرُ، اَڄُ آديسِي مَرُ، صُباحَ مَرَندو سَڀَڪو.[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- ٻولِي ٻُجهارَتَ، جوڳِيان سَندِيءَ ذاتِ جِي، ڏورَڻُ گهَڻو ڏاکَڙو ھَلَڻُ ۾ حَيرَتَ، عَجَبُ عِبادَتَ، پَھُ پَرُوڙَڻُ اُنِ جو.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- ڪائِنَ بائِنَ ڪاپَڙِي، پَرُوڙَڻُ پَري، صُحبَتَ سامِيَڙَنِ جي، سَچِي شالَ سَري، اَندَرَ دُزدُ مَري، تَہ حاصِلُ تو حاجَ ٿِيي.[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- خييَئُون خَشيَتَ خَوفَ ۾، ڪِئائُون ڪِيني کي قَتَلامُ، ڊِڄِئو ڊاءِ اللهَ جي، ڪوجهو ڪَنِ نَہ ڪامُ، آئِي اُنَ جي بابَ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- چَنيسَرَ سين چاڳُ، مَڇُڻ ڪا مُنڌَ ڪَري، جان مُون پوءِ پَرُوڙِئو، اِيءُ نَہ ماڻي ماڳُ، ڏَمَرِئو ڏُھاڳُ، سِگهو ڏي سُھاڳَڻِيين.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- ھَيبَتَ ڪانَہ ھُياسِ، ڪا دِلِ مَٽيندو داسَڙو، پَرُوڙي پِشيمانُ ٿي، جَڏھِن ھَٿان ڳالِهہ وَياسِ، سُورَ پِرايائِين سَيِّدُ چئَي، پوءِ ٿي…[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- جان مُون پوءِ پَرُوڙِئو، اِيءُ وِڏُوڻُو واپارُ، ھاڻي کَڻُ ھِيءُ پَنھِنجو ھارُ، واري ڏي مُون وَلَهو.[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- لائِي جَا وِڙَنِ کي، سا ڪانڌَ مُنھِنجي ڪورَ، ڇَپَرُ کَٿُورِي ٿِئو، ٻِي تازَڙِي ڦُلَنِ ڦورَ، اَچَنِ پِرِين پَٻَکِئا، ڪَرَ ٻاٻِيھو…[ سُر ڏھر - وايون ]
- ھِيءُ نَہ آھي ھُنَ ري، ھُو نَہ ھِنِئان ڌارَ، اَلْاِنْسَانُ سِرِّی وَاَنَا سِرُّهٗ ، پَرُوڙِجِ پَچارَ، ڪَندا وِيا تَنوارَ، عالِمَ…[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- سَڄَڻَ سَنيُون ڪَنِ، لوڪان ليکي ڏِنگِيُون، سَندِي سُپَيرِيَن، پَرِ پَرُوڙَڻُ ڏاکِڙو.[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]
- نَڪو مُنھُن نَہ مُھاڙَ ڪا، نَڪو ڊيگهُہ نَہ ويلُ، اِيءُ اِھوئِي کيلُ، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]
- حوصِلو حَيرَتَ جو، آھِ نَہ مَٿي عامَ، سَندِي مَحَبتَ مامَ، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]
- حوصِلو حَيرَتَ ۾، وَڃِي ٿِئو ويڇُون، مَحَبتَ جُون ميڇُون، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]
- حوصِلو حَيرَتَ ۾، ڪَري ڪونَہ دَرَڪُ، جو حُسُنَ سَندو حَقُ، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]
- سي اَحمَدُ سو مُحَّمَدُ، سو عَينُ اللهُ، وَنَحنُ اَقرَبُ اِلَيهِ مِن حَبلِ الوَرِيدِ ، اِيءُ پَرُوڙِجِ پَساھُ، جَنھِن جي رُوحَ…[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- مُحِيطا مَوجَ ٿِي، توحِيدُ ٿِئو تَمامُ، اَلْاِنْسَانُ سِرِّی وَاَنَا سِرُّهٗ ، تان نَہ پَرُوڙي عامُ، مَحَبَتِيَنِ مُدامُ، اَچِي رَھِئو رُوحَ…[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]
- ڪانءُ ڪوھُ پَرُوڙي، ڪِ پَڙِهئا گَڏَھَ ڪِتابا، اَنڌو آھِيڙِئا، مَرُ دَخُلُ ڪَري دانگِيءَ ۾.[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]
- پِٿُون پَرُوڙي جَنِ، جَرا ھَڻِي جَکورِئا، تُون ڪِيئَن اَڳِئان تَنِ، پُورا پاسِنگَ پائِيين.[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- ڏيرَنِ مُل ڏاڍائِي، يا اِلاھِي، آئُون آسُونھِين اَوَتَڙَ آڏا، چُوڻُو چُڻَنَ آئِيا، پَکِيَڙا پَرَڏيھِي، سَوَلِي ڪَرِيين سَچا ڌَڻِي، اَڳِئان اُونداھِي،…[ سُر آسا - وايون ]
- ٻيٽو ٻاپان وِتَرو، ڪَرَھو ڪيھَرِ جو پَسُ، آپُ ڇَپاوَڻُ پَرُ مارَڻُ، ذاتِ سِينهان جي جَسُ، جِتِ لَڳي دَمامَنِ دَسُ، اُتِ…[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- جِتِ پَرُ پيرُون هُئا، اُتِ اَباڻَنِ اَڪَ، مُون جيڏِيُون مَليرَ ۾، ميڙيو اَچَنِ مَڪَ، ڍنگَهر وڏِي ڍَڪَ، جو وِلَهَہ جَهلَ…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- جِتِ پَرُ پيرُون هُئا، اُتي اَباڻان، هُو جٖي ماڳَ مَلِيرَ جا، سي سَڀَ سُڃاڻان، هاڻي نَہ ڄاڻان، تَہ ڪِھَڙو واقِعو…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- حَمِيرَ جي ھاڃي جِي، مُون نَہ پَرُوڙِي مامَ، عُمَرُ آيو اوچتو، ڪاهي کَڻِي ڪامَ، ڇَڏيَمِ حِيلا هِنَ ھَنڌَ جا، هِينئَڙي…[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- عُمَرَ تو ماڙِيُون ھِي، ڪِينَ نِبَھَندِيُون مُورِ، نيئِي ڌَرِيندَءِ ڌُوڙِ ۾، ڏيھان ڪَڍِي ڏُورِ، ڪُلُّ نَفْسٍ ذَآئِقَةُ الْمَوْتِ ، اِهائِي…[ سُر مارئي - پائران پيھي آيا ]
- مَ ڪِي رو مَ رَڙُ ڪِي، هَنجُون هَڏِ مَ هارِ، جِھَڙا اَچَنِ ڏِينھَڙا، تِھَڙا ويٺِي گهارِ، ڏُکَنِ پُٺِيِءَ سُکَڙا، سِگها…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]
- تان تُون پَرِ پَرُوڙِ، لَڏَڻُ ضَرورِ، سُومَرا سِيلُ مَ ڀَڃُ سَتِنِ جو، ڏِينھَن ڏُھلا ڀانيان، پَھسَ پِريان جي پُورِ، اُڀِي…[ سُر مارئي - وايون ]
- جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، لُڙَ کان ٿِيءُ لاشَڪُ، مَعرِفَتَ جو مَنَ ۾، سُوڌو پَڙُه سَبَقُ، ھَنجَ پَرُوڙِجِ حَقُ، تَہ ماڻِيين…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، پَکِيئَڙا پَرُوڙِ، اُڏُرُ اَڇي سامُهُون، ماٺي چُڻُ نَہ مُورِ، ڪوھُ نَہ گوھَرَ گَڏيِين، حاذِقَ حالُ حُضُورِ،…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- سو پَکِي سو پِڃِرو، سو سَرُ سوئِي ھَنجُ، پيھِي جان پَرُوڙئو، مُون پانھِنجو مَنجُهہ، ڏِيلَ جَنھِن جو ڏَنجُهہ، سو مارِي…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- نانگَنِ سَندي نِجُهري، پيرُ پَرُوڙي پاءِ، تُنھِنجِي جاءِ نَہ ماءِ، اُتِ جُنگَنِ جي جوکو ٿِئي.[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]