Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
ھِن بيت جا مُکيہ اِسم
- سُر سريراڳ جَي توڪل، جاڳ سجاڳ جو بيت
جَي تُون ٿِيين اللهَ جو، تَہ عالَمُ سَڀَ سَندوءِ،
مَنْ لَّہٗ الْمُوْلٰی فَلَہٗ الْڪُلُّ ، پِرِيَنِ پاڻَ اُتوءِ،
ڪَپَرُ ڪِينَ ڪَندوءِ، وانءُ لهِرِنِ گَڏِيو.
رسالن ۾ موجودگي: 24 سيڪڙو
سمجهاڻي
جيڪڏهن تو پاڻ کي (ظاهري اسباب ترڪ ڪري) الله جي حوالي ڪيو، تہ پوءِ هي (سمورو) جھان بہ تنھنجو آهي. ”موليٰ جنھن جو آهي، سڀ ڪجهہ تنھن جو آهي،“ اهو انهيءَ سهڻي سائين پاڻ فرمايو آهي. (اهڙيءَ صورت ۾ خطرناڪ) ڪنارو يا ڪپ توکي ڪجهہ نہ ڪري سگهندو، تون ڀلي (وڏين) لهرن وچ ۾ هلندو وت.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود راڳ، بيت نمبر : 1456
جٖيْ تُنْ ٿِي﮼ اَللہَ جُوْ تَعَالَمُ سَڀِ سَندُوْءِ﮶
مَنْ لَهُ الْمَوْلىٰ فَلَهُ الْکُلُّ پِرْيَنِ پَانَ اُتُوْءِ﮶
ڪَپَرُ ڪِيْنَ ڪَندُوْءِ وَاءُ لَھْرِنِ کَڎِئُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जे तूं थियें अल्लाह जो। त आलमु सभि संदोइ।
मन लहुल मोला फ़लहुल कुलु। पिरियनि पाण उतोइ।
कपरु कीन कंदोइ। वांउ लहिरिनि गडि॒यो।
ROMAN SINDHI
Heiy toon theiyn Allah jo, ta aala sabh sandoh,
maan lae almoula falae alkul, pireen pan utoh,
Kapar kein kandoh wanh lehran gadehwo
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَڄُ ڪِيئَن اَسارو، کِوَڻِ ڏِسِئو…
- (بيت) اَھُکِي راھَ اللهَ جِي، اَھُکِي…
- (بيت) بَندَرِ جانۡ ڀَئِي، سُکاڻِئا مَ…
- (بيت) تارُو تَرِيو وَڃَنِ، نَنڍا وَڏا…
- (بيت) تانگهي ۾ تاڻي، ٻَڌُ پَنھِنجو…
- (بيت) سُتا سَڀَ پَئِي، سَندي مُعلِمَ…
- (بيت) سُتين سَنجهيئِي، وِڄُ کِوَندِيَئِي ويسَرا،…
- (بيت) سُتين ڪِھَڙِي سارَ، وِڄُ کِوَندَيِئِي…
- (بيت) لَهِر لَڳيندَيِئِي نِتُ، وِيرِ چِيريِنِدَيِئِي…
- (بيت) نَڪو سُکُ نَکَٽين، نَہ ويساندِ…
- (بيت) وَڻِجارا ويٺي، تو نَہ سَرَندِي…
- (بيت) ٻيڙِياتا ٻيئِي، تو نَہ ڦَٻَندِيُون…
- (بيت) ڏوري لَھُ ڏاتارُ، جِمَ وِھين…
- (بيت) کِوَڻِ ٿِي کِواءِ، تو آئِي…
- (بيت) کِوَڻِ ٿِي کِوي، تو آئِي…
- (بيت) کِوَڻِ کوايو، تو آئِي نِنڊَ…
- (بيت) ڪائو ڪَمايومِ، موتِي مُون نَہ…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت

سريراڳ: شاستري سنگيت جو ھڪ مکيہ راڳ
ٺاٺ: پوربي (پوروا)
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: سا ري ما پا ني سا
آوروھا: سا ري ني ڌا پا ما پا ڌا ما گا ري سا
ھن راڳ جو وادي سر ”رکب“ ۽ سموادي سر ”پنڇم“ ٿئي ٿو.
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
