عالَمُ بابت
معنيٰ
دنيا، جھان، جڳ، سنسار، جڳت. پرٿڻي. مخلوق، آدم، لوڪ، خلق. زمانو، وقت، دؤر، سمو، عهد
Universe, times, creations, cosmos, eon, epoch
عالم: (ع) ساري جڳت يا ڪائنات، زمين ۽ آسمان، دنيا ۽ آخرت وغيرہ. چون ٿا تہ ڪل 18 ھزار عالم آھن.
بيتن ۽ وائين ۾
- عالَمُ آئُون ساڻُ، ڀَرئو ٿو ڀيرَ ڪَري، پاڻَ نَہ آھي ڄاڻُ، مانڊِيءَ مَنڊُ پَکِيڙِئو.[ سُر يمن ڪلياڻ - صوفي ۽ طالب ]
- جَي تُون ٿِيين اللهَ جو، تَہ عالَمُ سَڀَ سَندوءِ، مَنْ لَّہٗ الْمُوْلٰی فَلَہٗ الْڪُلُّ ، پِرِيَنِ پاڻَ اُتوءِ، ڪَپَرُ ڪِينَ…[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- چاھَڪِ چِنائُون، مينھِيُون مَتارِيُون ٿِيُون، ڪَڪورِيَلَ ڪُنَ جو، پاڻِي پيتائُون، ڏُڌُ سو ڏِنائُون، جَنھِن مان عالَمُ آسودو ٿِيو.[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، وَرِي ڪِئائِين وارَ، وِڄُون وَسَڻَ آيُون، چوڏِسِ ۽ چوڌارَ، ڪي اُٺِيُون وَڃِي اِستَنبولَ ۾، ڪَن مَڻِئو مَغرَبَ…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، ڀِري ڪِئائِين ڀيڄَ، وِڄُون وَسَڻَ آيُون، سارَنگُ چاڙھي سيجَ، تَنھِن نُورِيءَ نَوازي، ڏيئِي ڏِنَڙا ڏيجَ، ٻِجُ کَڻِي…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- اَحَدُ اَحمَدُ پاڻَ ۾، وِچان مِيمُ فَرَقُ، آھي مُسغَرَقُ، عالَمُ اِنَھِيءَ ڳالِهہ ۾.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- اَچِي ريلَ اُکَتِيُون، ڪالوڙا ڪَري، پُرِ ڪِئائُون پِنڊِيُون، مَنجهان ڀَنَ ڀَري، تَماچِيءَ جي تَڪِيي، ڏَنُ سَڀَڪا ڏي، نُورِيءَ نازَ ڪَري،…[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]
- اَڙِي مي، سَمي جا سَمگِي، تَنھِن کي ڪيرُ چُوندو مي، گاڏي چاڙِھي گَندَرِي، ماڻُهو ڪِيائين مي، تَنُ تَماچِيءَ ڄامَ جو،…[ سُر ڪاموڏ - وايون ]