Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر سھڻي جَي پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو جو بيت
پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين، ريءَ وَسِيلي وَڃُ،
ڀيلو ڀيري ڀَڃُ، اُڪَنڊَ کَڻُ عَمِيقَ ۾.
رسالن ۾ موجودگي: 78 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي سهڻي! پاڻ کي ڀانئڻ ڇڏي ڏي (وجود جي نفي ڪر) ۽ (ظاهري) وسيلن کان سواءِ ئي وڃ. تون (انهيءَ ڪري) ڪچي گهڙي کي ڦيرائي ڀڃي ڇڏ (دوست وٽ پھچڻ لاءِ) فقط اونهي پاڻيءَ جي الفت کي دل ۾ جاءِ ڏي.
[مثنويءَ ۾ اهو خيال هن ريت ملي ٿو:
اندر آ در جُو، سُبو برسنگ زن،
آتش اندر بُو، و اندر رنگ زن.
(دفتر پنجم، ب- 4081)
معنيٰ: اي طالب، تون درياءَ ۾ گهڙي پئو ۽ پاڻ واري دلي (ظاهري جسم) کي ڀڃي ڇڏ (فنا ڪر). رنگ ۽ بو جي جھان (صفات جي عالم) کي باھ ڏيئي ساڙي ڇڏ.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سھڻي، بيت نمبر : 1545
پَانُ مَکَنِجِہ پَانَس﮼ رِءَ وَسٖيْلٖيْ وَنڃُّہ﮶
ڀٖيْلُوْ ڀٖيْرٖيْ ڀَنڃُّہ اُڪَنڊَ کَنُ عَمٖيْقَم﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
पाणु म खणिजि पाण सें। रिअ वसीले वञु।
भेलो भेरे भञु। अकंड खणु अमीक़ में।
ROMAN SINDHI
Paa'nu Ma Khhannij Paa'na Seen, Ree'a Waseelay Wanjj'u,
Bhailo Bhairay Bhanjj'u, Ukkand'a Khan'nu Umeeq'a Mayn.
TRANSLATIONS
Do not burden yourself with ego; and pursue your journey without an intercessor, It is no use taking an unbaked jar. Better break it into pieces directly. Instead you should take love as your guide.
Take not self with you, proceed without aids,
Break the unbaked, take love to the deep.
خودی وسیلے چھڈ دے سارے جے ماہی در جانا
سِک پریری پار لگاونا کچے نے کُھر جانا
خود کو لے نہ ساتھ ، وسیلوں کو چھوڑ،
کچے گھڑے کو توڑ، پریت کا لے سہارا۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آڳَھَ عِشقَ وارِيين، جَڏھِن کَنيا…
- (بيت) اَنڌِيءَ وَڇُون ڪَنڌِيءَ وَڇُون، تَنگِئان…
- (بيت) تُرَھو آڇِ مَ تَنھِن کي،…
- (بيت) جيڏِيُون ڏِٺِيان جَي، صُورَتَ ساھَڙَ…
- (بيت) جيڪِي ڏِٺو مانۡ، سو جَي…
- (بيت) جَڏھِن وَسِيلَنِ، لوڙِھي ڇَڏِي لُڙَ…
- (بيت) سو ساھَڙُ سا سُهڻِي، سائِرُ…
- (بيت) سَندا سَنگهارَنِ جي، ڪَنڌِي ڪَنَ…
- (بيت) سَھِسين اُڀِيُون سُهڻِيُون، ساھَڙُ ساھَڙُ…
- (بيت) سُپيرِيان جي تُرَھي، ٻُڏين توءِ…
- (بيت) سُپيرِيان جي تُرَھي، ٻُڏين ھَٿُ…
- (بيت) صُورَتَ ساھَڙَ جِي، اَئِين جَي…
- (بيت) صُورَتَ ساھَڙَ ڄامَ جِي، ڏِٺِي…
- (بيت) عِشقُ جَنِي کي آڪِرو، تُرَھو…
- (بيت) مِنھِن جَنھِن جي مُون، ڏِٺو…
- (بيت) واھُڙَ وَھَنِ نَواھَ، اَڃا وَھُ…
- (بيت) وَڻَنِ ويٺا ڪانگَ، وِچِين ٿِي…
- (بيت) وَھَ تِکَ واھُڙَ تِکَ، جِتِ…
- (بيت) ٻُڏِين تان ٻُڏُ، سُڪي جِي…
- (بيت) پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين،…
- (بيت) پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين،…
- (بيت) پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين،…
- (بيت) پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين،…
- (بيت) پُڇَنِ جٖي ميھارَ کي، پُڇي…
- (بيت) ڪونِهي آڳَھُ اِھَڙو، جِھَڙِي مَحَبتَ…
- (بيت) ڪَنڌِيءَ اُڀِيُون ڪيتِريُون، ٿِيُون ساھَڙُ…
- (بيت) ڪَنڌِيءَ ڀَرِ ڪِلا، دُونھان دوسِتَ…
- (بيت) گهَڙو مُنڌَ مُئِي، وَسِيلا وِئا،…
- (بيت) گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، آسَرَ…
- (بيت) گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، تان…
- (بيت) گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، تُرَھي…
- (بيت) گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، مَرُ…
- (بيت) گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، مَرُ…
- (بيت) گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، ويندِيَسِ…
- (بيت) گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، پاڻان…
- (بيت) گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، ڀَڄي…
- (بيت) گهَڙو ڀَڳو مُنڌَ مُئِي، وِئا…
- (بيت) گهَڙَنِ وارِيُون تَڙَنِ تي، گهِڙَنِ…
- (بيت) گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري اِلاھِي…
- (بيت) گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري سانگو…
- (بيت) گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، ٻوڙِيائِين…
- (بيت) گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، ٻَھُون…
- (بيت) گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، ٻَھُون…
- (بيت) گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، چيلِهہ…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت

سھڻي: شاستري سنگيت ۾ ماروا ٺاٺ جي راڳڻي آھي. ھيءَ راڳڻي عام طور تي رات جي پيون پھرن ۾ ڳائي ويندي آھي. سرن جي لحاظ کان آڏو، شڌا آھي.
ٺاٺ: ماروا
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: سا گا ما ڌا ني سا
آوروھا: سا ني ڌا گا ما ڌا گا ما گا ري سا
ھن راڳڻيءَ جو وادي سر ”ڌا“ جڏھن تہ سموادي سر گا آھي. ھن راڳڻيءَ ۾ ري کان سواءِ سڀ سر تيور ۾ آھن.
