ڀيري بابت
معنيٰ
ڦيري، چَڪر سان. دفعي، گهمري، واري. دَورَ. گشت، دَوري.
A tour, time, succession of time, a revolution, turn.
بيتن ۽ وائين ۾
- پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين، ريءَ وَسِيلي وَڃُ، ڀيلو ڀيري ڀَڃُ، اُڪَنڊَ کَڻُ عَمِيقَ ۾.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- ڪِلي ويرَ ڪَٽَڪَ ۾، ھَئَي جٖي حُسينُ ھو، پھرِين ڀيري ڀاءُ تي، پَتَنگَ جِيئَن پِئو، آھي ڪيرُ ٻِئو، جَو ھَلان…[ سُر ڪيڏارو - عليءَ جو اولاد ]
- اَڳي اُٺَ رَڙَنِ، مُون ڀيري ماٺِ ٿِي، پَلاڻِيندي پاڻَ ۾، ڪُڇِئو ڪِينَ ڪُٺَنِ، ڪا جَا مامَ مُٺَنِ، ھِنِ پُڻ ھُئِي…[ سُر ديسي - اڱڻ مٿي اوپرا ]
- اَمَڙِ جَي ڏِٺوءِ، مُون جِيئَن ھوتُ اَکِيُنِ سين، چَرَکو چِيھاڙِيُون ڪَري ڀيري ھُوندَ ڀَڳوءِ، آتَڻِ رَتُ رُنوءِ، تَندُ نَہ ڪَتِيَئِي…[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- ٻِئا دَرَ ڏيئِي ٻَنِ کي، آيُسِ تُنھِنجي دَرِ، سُونھارا سورَٺِ وَرَ، ڪا مُنھِنجِي ڪَرِ، ڀَلا ڀيري ڀَرِ، پالهو پاندُ پينارَ…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- مَينڌَرو مَھمانُ، مُون گهَرِ اَچِي جَي ٿِيي، تاڻي تَنُورَنِ ۾، ڀيري ھَڻان ڀاڻُ، آڻي جهوڪِئان آڳِ ۾، ڄيري وِجهان ڄاڻُ،…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- سِڱِيُون سيلِهيُون گَبِرِيُون، ٽيئي ٽولَ تَڳو، پَٽُ ھَڻِي پَٽَ سين، ڀيري تَنِ بَڳو، لاشَڪُ جَنِ ڳَلو، سي مَڙِهنِئان مُورِ نَہ…[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- ويٺي جَنھِن وَرِھَ ٿِئا، مَٿي سين ميري، اَکِيُون اُنَ جُون الَکَ ۾، ڀُونءِ ڏي نَہ ڀيري، ڪارنِئُون ڪَڪا ٿِئا، ڄَراٽِئا…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- رَھِئا اَٿيئِي راتِ، صُبحِ ويندَءِ صابِرِي، لُنءَ لُنءَ مَنجِهہ لَطِيفُ چئَي، ڪَرِ تَنِ جِي تاتِ، سَندِي جوڳِيان ذاتِ، ٻِئي ڀيري…[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- ڀيرِيُون ڀيري ڀَڃُ، ھي جي مَنجهان پورِيُون، ٻي دَرِ ڪَنھِين مَ وَڃُ، ريءَ ھاشِمِيءَ ھِڪِڙي.[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- ڍولِئا ڍيلِ مَ مُون، ڪانڌَ ڪَمِيڻِي آھِيان، سِڪَ تُنھِنجِيءَ سُپِرِين، ڀيري وِڌَيَسِ ڀُون، مُون وَرُ تُونھِين تُون، تو وَرَ وَھُون…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- جانۡ ڪَتَندِينءَ تانۡ ڪَتُ، ھِيءَ ھَڏِ وِھاڻِي، ڪو پَنھِنجي عِيدَ لَيءِ، ڀيري ڪِجِ ڀَرَتُ، مَتان روئِين رَتُ، صُباحَ وِچِ سَرَتِيين.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- نَفِيءَ جي نانھِن سين، پَھِي پِڃِئائُون، ڀِڙا جٖي ڀانئَڻَ جا، ڀيري ڀَڳائُون، ھُو جَو وَڻُ ھُئَڻَ جو، وَڍي وِڌائُون، ”اَسِين“…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]