Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر سھڻي جَي پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو جو بيت
وَڻَنِ ويٺا ڪانگَ، وِچِين ٿِي ويلا ڪَري ،
گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، سُڻِي سانجِهيءَ ٻانگَ،
سيئِي ڍُونڍي سانگَ، جِتي ساھَڙُ سُپِرِين.
رسالن ۾ موجودگي: 76 سيڪڙو
سمجهاڻي
ڪانوَ (ڏينھن پوري ٿيڻ سان) اچي وڻن تي ويٺا آهن. ٽپھريءَ وارو وقت بہ وڃڻ وارو آهي. سهڻي جيئن ئي سج لٿي جي ٻانگ ٻُڌي ٿي تہ گهَڙو هٿ ۾ ڪري گِهڙي پوي ٿي. هوءَ اُهي گهٽ گهيڙ پيئي ڳولي جتي سندس محب ميھار جو ديرو آهي.
[رومي مثنويءَ ۾ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا انسان جي بدن کي گهڙي سان تشبيھ ڏني آهي. هڪ هنڌ چوي ٿو:
چيست آن کوزه؟ تن محصور ما،
اندرو آب حواس شور ما.
اي خداوند اين خُم و کوزه مرا،
در پذير از فضل ’الله اشتريٰ‘.
(دفتر دوم، ب-2708 ۽ 9)
معنيٰ: گهڙو ڇا آهي؟ اهو اسان جو بند ٿيل بدن آهي، جنھن جي حواسن ۾ کارو ۽ ڪسارو پاڻي آهي. اي منھنجا مالڪ، انهيءَ گهڙي ۽ دلي کي تون پنھنجي مهربانيءَ سان خريد ڪر يا قبول ڪر.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سھڻي، بيت نمبر : 1606
وَنَنِ وٖيْٽَا ڪَانکَ وِچِيَ ٿِيْ وٖيْلَا ڪَرٖيْ﮶
کِرِيْ کَرُوْ ھَٿِ ڪَرٖيْ سُنِيْ سَاجِيَ ٻَانکَ﮶
سٖيْئِيْ ڊُنْڊٖيْ سَانکَہ جِتٖيْ سَاھَرُ سُپِرٍ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
वणनि वेठा कांग। विचीं थी वेला करे।
घिड़ी घड़ो हथि करे। सुणी सान्झीअ ॿांग।
सीई ढूंढे सांग। जिते साहड़ु सुपिरीं॥
ROMAN SINDHI
VaRnan wetha kaang’a, vicheen thee vela kare,
GhiRee ghaRo hath’e kare, suRnee saanjhee’a Bang,
Se’ee dhoondhe saang’a, jite saahaR’u supireen.
TRANSLATIONS
The water herons were (restfully) perched on the river-bank-trees and the time for late afternoon prayer was practically over. Suhni got into the water with a jar after hearing the Muezzin’s call for the evening prayer. She scanned the horizon and looked for the place where the beloved was likely to be.
Crows settle in trees, evening approaches fast,
Suhni hearing evening's prayer call, clay jar clasps,
She seeks those spots where here Sahar lives.
Crows are roosting on trees, dusk is about to fall,
Hearing the evening call-prayer she picked up
The pitcher and entered the river,
Looking around for haunts of her SAHAR.
طارت الغربان إلی أماکنھا وارتاحت علی الأشجار لقد حان موعد أذان العصر
دخلت سنھني فی البحر و أخذت بیدھا الجرۃ وقتما سمعت أذان المغرب و تبحث عن مکان حبیبھا۔
دن ڈھلیا شاماں پئیاں کاں جا بیٹھے رُکھیں
بانگ دھمی دی سُن کے سوہنی گھڑا چُکیا ککھیں
ٹِھل پئی تر وڈھدی وڈھدی میہنوال ملن نوں۔
جا پہنچے تھے سب اپنے بسیروں میں پرندے
لیکن تھا عجب حال میں اس کا دلِ ناکام
کس جوش تمنا سے وہ دوشیزۂ محزوں
داخل ہوئی دریا میں گھڑا لے کے سر شام
پنچھی آن چھپے پیڑوں میں، سورج ڈوبا، شام،
گونجی جب آذان چلی وہ، لے کر پی کا نام،
ڈھونڈے وہی مقام، جہاں ہے اس کا ساجن۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آڳَھَ عِشقَ وارِيين، جَڏھِن کَنيا…
- (بيت) اَنڌِيءَ وَڇُون ڪَنڌِيءَ وَڇُون، تَنگِئان…
- (بيت) تُرَھو آڇِ مَ تَنھِن کي،…
- (بيت) جيڏِيُون ڏِٺِيان جَي، صُورَتَ ساھَڙَ…
- (بيت) جيڪِي ڏِٺو مانۡ، سو جَي…
- (بيت) جَڏھِن وَسِيلَنِ، لوڙِھي ڇَڏِي لُڙَ…
- (بيت) سو ساھَڙُ سا سُهڻِي، سائِرُ…
- (بيت) سَندا سَنگهارَنِ جي، ڪَنڌِي ڪَنَ…
- (بيت) سَھِسين اُڀِيُون سُهڻِيُون، ساھَڙُ ساھَڙُ…
- (بيت) سُپيرِيان جي تُرَھي، ٻُڏين توءِ…
- (بيت) سُپيرِيان جي تُرَھي، ٻُڏين ھَٿُ…
- (بيت) صُورَتَ ساھَڙَ جِي، اَئِين جَي…
- (بيت) صُورَتَ ساھَڙَ ڄامَ جِي، ڏِٺِي…
- (بيت) عِشقُ جَنِي کي آڪِرو، تُرَھو…
- (بيت) مِنھِن جَنھِن جي مُون، ڏِٺو…
- (بيت) واھُڙَ وَھَنِ نَواھَ، اَڃا وَھُ…
- (بيت) وَھَ تِکَ واھُڙَ تِکَ، جِتِ…
- (بيت) ٻُڏِين تان ٻُڏُ، سُڪي جِي…
- (بيت) پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين،…
- (بيت) پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين،…
- (بيت) پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين،…
- (بيت) پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين،…
- (بيت) پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين،…
- (بيت) پُڇَنِ جٖي ميھارَ کي، پُڇي…
- (بيت) ڪونِهي آڳَھُ اِھَڙو، جِھَڙِي مَحَبتَ…
- (بيت) ڪَنڌِيءَ اُڀِيُون ڪيتِريُون، ٿِيُون ساھَڙُ…
- (بيت) ڪَنڌِيءَ ڀَرِ ڪِلا، دُونھان دوسِتَ…
- (بيت) گهَڙو مُنڌَ مُئِي، وَسِيلا وِئا،…
- (بيت) گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، آسَرَ…
- (بيت) گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، تان…
- (بيت) گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، تُرَھي…
- (بيت) گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، مَرُ…
- (بيت) گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، مَرُ…
- (بيت) گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، ويندِيَسِ…
- (بيت) گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، پاڻان…
- (بيت) گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، ڀَڄي…
- (بيت) گهَڙو ڀَڳو مُنڌَ مُئِي، وِئا…
- (بيت) گهَڙَنِ وارِيُون تَڙَنِ تي، گهِڙَنِ…
- (بيت) گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري اِلاھِي…
- (بيت) گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري سانگو…
- (بيت) گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، ٻوڙِيائِين…
- (بيت) گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، ٻَھُون…
- (بيت) گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، ٻَھُون…
- (بيت) گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، چيلِهہ…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت

سھڻي: شاستري سنگيت ۾ ماروا ٺاٺ جي راڳڻي آھي. ھيءَ راڳڻي عام طور تي رات جي پيون پھرن ۾ ڳائي ويندي آھي. سرن جي لحاظ کان آڏو، شڌا آھي.
ٺاٺ: ماروا
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: سا گا ما ڌا ني سا
آوروھا: سا ني ڌا گا ما ڌا گا ما گا ري سا
ھن راڳڻيءَ جو وادي سر ”ڌا“ جڏھن تہ سموادي سر گا آھي. ھن راڳڻيءَ ۾ ري کان سواءِ سڀ سر تيور ۾ آھن.
وڊيو سيڪشن
