Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر پورب جَي ڪانگ جو بيت
آندِيُون ڪانگَ قَرِيبَ جُون، اَڄُ واڌايُون واھَ،
مَنَ مُرادُون پُنِيُون، ٿِيُون سَرَھايُون ساھَ،
آندا پِرِين اللهَ، سَڏَ مُنھِنجا سابِ پِئا.
رسالن ۾ موجودگي: 66 سيڪڙو
سمجهاڻي
اڄ ڪانگ منھنجي دوست وٽان واھ جون خوشيءَ واريون سٺيون خبرون کڻي آيو آهي. هاڻي منھنجي من جون مُرادون پوريون ٿيون ۽ دل کي گهڻي خوشي حاصل ٿي آهي. الله سائين، منھنجا پرين مون وٽ آندا آهن، (مون سان ملايا آهن) ۽ منھنجا سڏ (عرض) قبول پيا آهن.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود پُوراب، بيت نمبر : 2812
آَندِيٌ ڪَانکَہ قَرِيْبَ جِيٌ اَڃُ وَاڌَايٌ وَاہَ﮶
مَنَّ مُرَادٌ پُنِيٌ ٿِيٌ سَرَاهِيٌ سَاہَ﮶
آَندَا پِرٍ اَللہَ سَڎَ مُھْجَا سَابِ پِئَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
आंद्यूं कांग क़रीब जूं। अजु॒ वाधायूं वाह।
मन मुरादूं पुनियूं। थियूं सरहायूं साह।
आंदा पिरीं अल्लाह। सड॒ मुंहिंजा साब पआ।
ROMAN SINDHI
Aandiyoon kaang'a Qareeb'a joon, AJhh'u wadhaayoon waah'a,
Man'a muradoon puniyoon, thiyoon sarhayoon saah'a,
Aanda pireen Allah, saD'a munhinja saab piya.
TRANSLATIONS
(old) Today the crow has brought to me very happy tidings indeed from the beloved. My heart’s ambition has been gratified, and it rejoices on that account. My prayer has been granted. The beloved is coming to me due to the grace of Allah.
Today the crow has brought felicitations from the loved one,
My wishes are granted, full of joy I have become,
My appeals are answered, loved one returns with God's grace.
Today the crow brought facilitation from the beloved,
Wishes fulfilled; I am full of joy,
God has brought the beloved back, all my prayers are granted.
الغراب اليوم جاء بتهنئات ممتازة.
لقد تمت آمال وأماني قلبي وفرحت وانبسطت وابتهجت روحي.
رب عز وجل أعاد الأحباء وندائي ودعائي صارت مقبولة ومفيدة ولقد تقبل اﷲ تعالىٰ دعائي.
کیوں نہ اترا زمین پر کوا
آخر اس میں تھی راز کی کیا بات
اڑتے اڑتے یہ کہہ گیا مجھ سے
آنے والے ہی ہیں وہ خوش اوقات
کاگا لایا آج، پریتم کا سندیس،
آئیں گے وہ انگنا میں، پورے ہوں گے کاج،
لایا رب سرتاج، آس میری بھر آئی۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آءُ اُڏامِي ڪانگڙا، پارانڀانِ پَچارِ،…
- (بيت) آءُ ڪانگا تو ڏِيان، چِٺِي…
- (بيت) آءُ ڪانگا وَڻِ ويھُ، سُڌِيُون…
- (بيت) آءُ ڪانگا ٻَھُ ڪولِ، سُڌِيُو…
- (بيت) اَچِئو اَچِئو پُونِ، واڪا ڪِئو…
- (بيت) اُڀِي اَڱَڻَ جَهلَ، ڪانگَ اُڏائي…
- (بيت) اُڏءُ لَڳِ اللهَ، ويلو ڪَرِ…
- (بيت) ريءَ پِريان پَرَديسَ ۾، وِرِھَ…
- (بيت) ريءَ پِريان پَرَديسَ ۾، وِرِھَ…
- (بيت) زاغَ تُنھِنجي ذاتِ جو، ٿورو…
- (بيت) سُورَنِئُون صافُ ٿِئو، تَنُ پَسِي…
- (بيت) قَرِيبَنِ جو ڪانگَڙو، مَٿي ٽارَ…
- (بيت) مَٿان مَنَھَن مُنھِنجي، ڪَنھِن اُڏايو…
- (بيت) وَھلو وانءُ وَرُ وَرِئا پِرِين،…
- (بيت) وَھِلو وانءُ وَرُ وَرِئا پِرِين،…
- (بيت) پارانڀانِ پَچارِ، مَٿي لامَ لَطِيفُ…
- (بيت) پِرِين جٖي پَرَديسَ ۾، تَنِ…
- (بيت) ڏائو چَڙِهئو ڏارَ تي، زاغُ…
- (بيت) ڏائي چَڙِهي ڏارَ تي، ڪِي…
- (بيت) ڏائي چَڙِھِي ڏارَ تي، ڪا…
- (بيت) ڪا ڪا ڪَمُ اُٻَھرو، آرَسُ…
- (بيت) ڪانگا ڪِتابَتَ جِي، آندِيَئِي خُوبُ…
- (بيت) ڪانگَ تُنھِنجِيءَ ڇانگَ، جَڏو جِيءُ…
- (بيت) ڪانگَ نيئِي ڪانگِ، مُنھِنجِي ڏي…
- (بيت) ڪانگَلَ سيئِي ڪوٺِ، پِرِين جٖي…
- (بيت) ڪانگَلَ قاصِدَ پِرِيَنِ جا، اَڱَڻِ…
- (بيت) ڪانگَلَ قَرِيبَنِ جا، اَچِي وائِي…
- (بيت) ڪانگَلَ قَرِيبَنِ جا، ڏي واڌائِيءَ…
- (بيت) ڪانگَلَ ڪوھُ ٿِئوءِ، پِيو آھِين…
- (بيت) ڪانگَلُ نَہ ڪُوڙو، جَو کُڏِ…
- (بيت) ڪانگُ قاصِدُ ڪِيئَن، جو سَدا…
- (بيت) ڪانگُ مَ قاصِدُ ڪَرِ، جَو…
- (بيت) ڪَري ڪانگَ ڪُرنِشُون، پيرين پِرِينءَ…
- (بيت) ڪَرُ کَڻِئو ڪانگُ لَنئي، مُنِيءَ…
- (بيت) ڪَڍِي ڪانگا تو ڏِيان، ھِنيُون…
- (بيت) ڪُتو جي ڪانءُ، پِريان سَندي…
- (بيت) ڪِي جو زاغَ زَبانَ سين،…
- (بيت) ھُئَين وَسِيلو وِچَ ۾، ڪانگا…
