واڌايُون بابت
معنيٰ
مبارڪون، کيرون. خوشخبريون.
Congratulations. Good wishes, greetings.
بيتن ۽ وائين ۾
- ٿِئا رَسِيلا رَحمانَ سين، سَڳَرَ سُونھين جٖي، آيُون تَنِي کي، واڌايُون وِصالَ جُون.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- وِئو ڪانگُ ڪَھِي واڌايُون وِصالَ جُون، اِجهي سَڄَڻَ آيا، ڏاڍي ٺاھِ ٺَھِي، وِپَتَ سَڀَ وَئِي، سيڻَ سَلامَتَ آيا.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- جَي قِيامَ مِڙَنِ، تَہ ڪَرَ اوڏا سُپِرِين، تِھان پَري سُڄَنِ، واڌايُون وِصالَ جُون.[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- سڄو صافُ نَہ اُڀِري، سَرلي وِچان سِجُ، مُنھِن چَڙِهئو ماڻُهنِ کي، ڏي واڌايُون وِڄُ، ھِينئَڙا کَپُ مَ کِجُ، سِگها مِلَندَءِ…[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- آندِيُون ڪانگَ قَرِيبَ جُون، اَڄُ واڌايُون واھَ، مَنَ مُرادُون پُنِيُون، ٿِيُون سَرَھايُون ساھَ، آندا پِرِين اللهَ، سَڏَ مُنھِنجا سابِ پِئا.[ سُر پورب - ڪانگ ]
- اُٺي ٿِي وَراڻِ، کِيئَن واڌايُون آيُون، لَٿِي لَووَرياڙِيين، مِڙَنِي مُنھَن ڪاڻِ، صُلِحُ وارِئو سُومَري، چَيو پَنوَهارَنِ پاڻِ، حَمِيرَنِئُون هاڻِ، مُھتُ…[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]