Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر کنڀات جَي نيڻ ۽ تارا جو بيت
ھُنَ تاري ھُنَ ھيٺِ، ھُتِ مُنھِنجا سُپِرِين،
سَڄَڻَ ماکِيءَ ميٺِ، ڪَوڙا ٿِيَنِ نَہ ڪَڏِھِين.
رسالن ۾ موجودگي: 79 سيڪڙو
سمجهاڻي
(رات جو آسمان ڏانھن ڏسڻ وقت عاشق جي ڪيفيت) منھنجا محبوب هِن تاري يا هُن تاري هيٺ آهن يا هتي هن ٻئي هنڌ (ستل) آهن. منھنجا سڄڻ سدائين ماکيءَ جھڙا مٺا آهن. اهي ڪڏهن ڪوڙا ٿين ئي ڪو نہ!
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود کنڀات، بيت نمبر : 1324
هُنَ تَارٖيْ هُنَ هٖيْٽِ هُةِ مُھْجَا سُپِرٍ﮶
سَڃَنَ مَاکِيَ مٖيْٽِ ڪَوْرَا ٿِيْنِ نَہ ڪَڎِہٍ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
हुन तारे हुन हेठि। हुति मुंहिंजा सुपिरीं।
सज॒ण माखीअ मेठि। कोड़ा थीं न कडि॒हीं।
ROMAN SINDHI
Hun taare hun'a hethh, hut muhinja supireen,
Sajjann makhee'a methh, korra thiyan na kadhen.
TRANSLATIONS
My beloved is beneath that star. He is sweet like honey, never bitter.
سلطان بی نظیر و وفادار و تندخو
(Roomi)
My beloved is a King peerless, faithful and sweet tempered.
Beloved abides where that distant star lies,
Honey sweet is he, bitterness beside him shies.
جتھے ھے اوہ دن دا تارا سجن وی اوس تھاویں
مٹھا شہد رسیلا بولے، کوڑا بولے ناہیں
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) تارا تيلاھِين، توڏي گهَڻو نِھارِيان،…
- (بيت) تارا تيلِيءَ رُوءِ، آئُون تو…
- (بيت) تارا تيلِيءَ رُوءِ، لُڌا لالَڻَ…
- (بيت) تارا تَرارِيُون، نيزا نيڻَ پِرِيَنِ…
- (بيت) تارا تَہ تارا، ٻِيُون مِڙيئِي…
- (بيت) تارا تِرَ تِروڪَڙِيُون، مَٿِنِ ڦُلَڙِيُون،…
- (بيت) تِرَ تارا وَڻَ وارَ، مِينھَن…
- (بيت) کَنڀاتَڙِي تَڙَ وَرِي، اُڀِي تَڙِ…
- (بيت) کَڻِي نيڻَ خُمارَ مان، جَڏھِن…
- (بيت) ھُنَ تاري کي سامُھان، ھُنَ…
- (بيت) ھُنَ تاري ھُنَ جاءِ، ھُتِ…
- (بيت) ھُنَ تاري ھُنَ رُوءِ، ھُتِ…
- (بيت) ھُنَ تاري ھُنَ ھَنڌِ، ھُتِ…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت


ھي کماج ٺاٺ جو راڳ نالي کماچ، کاڊو سمپورن راڳ آھي. ھن جي ڳائڻ جو سمو بہ اڌ رات کان پوءِ جو آھي. ھن راڳ جي سُرن جي بيھڪ ھيٺينءَ ريت آھي:
آروھي: سا گا ما پا ڌا ني سا
آوروھي: سا ني ڌا پا ما گا ري سا
ھن جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ اٿس.
