Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر کنڀات جَي نيڻ ۽ تارا جو بيت
تارا تيلِيءَ رُوءِ، آئُون تو ڏُونھِن گهَڻو نِھارِيان،
سَڄَڻُ جَنھِين جُوءِ، تُون تيڏاھيِين اُڀِرين.
رسالن ۾ موجودگي: 50 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي سائيرڙي- نيرڙي رنگ وارا چمڪندڙ تارا، آءٌ توڏانھن گهڻو پيو نھاريان. (تو مان اک ئي نٿو ڪڍان) ڇاڪاڻ جو (منھنجو گمان آهي) تون ان طرف اڀرين ٿو جنھن طرف منھنجو محبوب آهي.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود کنڀات، بيت نمبر : 1318
تَارَا تٖيْـلِيَ رُوْءِ آَءٌ تُوْ ڎُوْہُ کَنٌ نِھَارِيَان﮶
سَڃَنُ جَهٍ جُوْءِ تُنْ تٖيْڎَاہٍ اُڀَر﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
तारा तेलीअ रोइ। आऊं तो डूं॒हं घणू निहारियां।
सज॒णु जंहीं जूइ। तूं तेडा॒हयीं उभिरें॥
ROMAN SINDHI
Taara teeli'a roo'e, aaoon to doonhn ghanno nihaaryaan,
Sajjann janheen joo'e, toon tedaheen ubhreen.
TRANSLATIONS
O star, I stare at you always because,
You rise in the direction where my beloved is.
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) تارا تيلاھِين، توڏي گهَڻو نِھارِيان،…
- (بيت) تارا تيلِيءَ رُوءِ، لُڌا لالَڻَ…
- (بيت) تارا تَرارِيُون، نيزا نيڻَ پِرِيَنِ…
- (بيت) تارا تَہ تارا، ٻِيُون مِڙيئِي…
- (بيت) تارا تِرَ تِروڪَڙِيُون، مَٿِنِ ڦُلَڙِيُون،…
- (بيت) تِرَ تارا وَڻَ وارَ، مِينھَن…
- (بيت) کَنڀاتَڙِي تَڙَ وَرِي، اُڀِي تَڙِ…
- (بيت) کَڻِي نيڻَ خُمارَ مان، جَڏھِن…
- (بيت) ھُنَ تاري کي سامُھان، ھُنَ…
- (بيت) ھُنَ تاري ھُنَ جاءِ، ھُتِ…
- (بيت) ھُنَ تاري ھُنَ رُوءِ، ھُتِ…
- (بيت) ھُنَ تاري ھُنَ ھيٺِ، ھُتِ…
- (بيت) ھُنَ تاري ھُنَ ھَنڌِ، ھُتِ…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت


ھي کماج ٺاٺ جو راڳ نالي کماچ، کاڊو سمپورن راڳ آھي. ھن جي ڳائڻ جو سمو بہ اڌ رات کان پوءِ جو آھي. ھن راڳ جي سُرن جي بيھڪ ھيٺينءَ ريت آھي:
آروھي: سا گا ما پا ڌا ني سا
آوروھي: سا ني ڌا پا ما گا ري سا
ھن جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ اٿس.
