Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
ھِن بيت جا مُکيہ اِسم
- سُر کنڀات جَي نيڻ ۽ تارا جو بيت
تارا تِرَ تِروڪَڙِيُون، مَٿِنِ ڦُلَڙِيُون،
کُوءِ سي راتِڙِيُون، جي مان پييُون پِرِينءَ ري.
رسالن ۾ موجودگي: 79 سيڪڙو
سمجهاڻي
(آسمان ۾ ننڍا وڏا چمڪندڙ تارا ڏسي عاشق پنھنجي محبوب کي ياد ڪري ٿو.) منھنجي محبوب جي جسم تي تر ۽ هٿ سان ٺاهيل ننڍڙا تر (تروکڙيون) آهن جيڪي ڦلڙين مثل چمڪندا نظر ايندا آهن. شال اهي راتيون وري موٽي اچن، جيڪي مون پنھنجي پرينءَ سان گڏ گذاريون، ساڻن دل واريون ڪچهريون ڪيون، هڪٻئي کي پنھنجو حال احوال ٻڌايو.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود کنڀات، بيت نمبر : 1320
تَارَا تِرَ تِرُوْڪَرِيٌ مَٿِنِ ڤُلَرِيٌ﮶
ڪُئِى سٖيْ رَاتَرِيٌ جٖيْ مَا پٖيْيٌ پِرْيَرٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
तारा तिर तिरोकड़ियूं। मथिनि फुलड़ियूं।
खोइ से रातड़ियूं। जे मां पेयूं पिरींअ रे॥
ROMAN SINDHI
Taara Tir tirokryoon, mathan phularyoon,
Khoo'a se raatiryoon, je man peyoon piryeena ree.
TRANSLATIONS
The moles including the smaller ones, look like stars on the firmament, (of my beloved’s face). Fie on the nights (which I have to pass without my beloved!
On loved one's face are beauty spots and moles,
Days and nights I spend, thinking of those.
The star on the expanse of heaven are like facial moles,
Down the nights that I pass without my beloved.
هلي وجه الحبيب خال رفيع وخال صغير ونقط بيضاء.
يا ويل! الليالي أعيش بدون حبيبي.
ستارہ برستارہ ھر ستارہ نقشِ گوناگون
نظارہ برنظارہ ھر نظارہ رنگ و رومان ست
عجب شبہا مگر قصہ غضب شبہا کہ غیر از یار
خسارہ بر خسارہ ھر خسارہ حزن و حرمان ست
مُنہ تے دِل پُھل تارے متھے، شہد پُھلڑیاں پائیاں
کھوہ چ پین اوہ راتاں سبھے (جو) بن ہوت بِتائیاں
جیسے رات کو تارے چمکیں، مکھ پہ چمکیں تِل،
ملن ہو جب مشکل، ایسی رات نہ آئے۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) تارا تيلاھِين، توڏي گهَڻو نِھارِيان،…
- (بيت) تارا تيلِيءَ رُوءِ، آئُون تو…
- (بيت) تارا تيلِيءَ رُوءِ، لُڌا لالَڻَ…
- (بيت) تارا تَرارِيُون، نيزا نيڻَ پِرِيَنِ…
- (بيت) تارا تَہ تارا، ٻِيُون مِڙيئِي…
- (بيت) تِرَ تارا وَڻَ وارَ، مِينھَن…
- (بيت) کَنڀاتَڙِي تَڙَ وَرِي، اُڀِي تَڙِ…
- (بيت) کَڻِي نيڻَ خُمارَ مان، جَڏھِن…
- (بيت) ھُنَ تاري کي سامُھان، ھُنَ…
- (بيت) ھُنَ تاري ھُنَ جاءِ، ھُتِ…
- (بيت) ھُنَ تاري ھُنَ رُوءِ، ھُتِ…
- (بيت) ھُنَ تاري ھُنَ ھيٺِ، ھُتِ…
- (بيت) ھُنَ تاري ھُنَ ھَنڌِ، ھُتِ…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت


ھي کماج ٺاٺ جو راڳ نالي کماچ، کاڊو سمپورن راڳ آھي. ھن جي ڳائڻ جو سمو بہ اڌ رات کان پوءِ جو آھي. ھن راڳ جي سُرن جي بيھڪ ھيٺينءَ ريت آھي:
آروھي: سا گا ما پا ڌا ني سا
آوروھي: سا ني ڌا پا ما گا ري سا
ھن جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ اٿس.
