راتِڙِيُون بابت
معنيٰ
راتيون. (راتين لاءِ اسم تضعير لفظ، پيار سان سڏيل)
Nights.
بيتن ۽ وائين ۾
- وِساريجِ مَ ويڻَ، آھي جوڀَنُ ٻَہ ٽي ڏِينھَڙا، اَصلِ اَسارَنِ جا، سُتي وِئَڙا سيڻَ، جيڏِيُون جَي مُون وِسَھو، نِنڊَ مَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- تارا تِرَ تِروڪَڙِيُون، مَٿِنِ ڦُلَڙِيُون، کُوءِ سي راتِڙِيُون، جي مان پييُون پِرِينءَ ري.[ سُر کنڀات - نيڻ ۽ تارا ]
- آھِنِمِ ڳالِهڙِيُون، ماءَ مُرادُون پِرِينءَ سين، جٖي مان پييُون پِرِينءَ ري، کُوءِ سي راتِڙِيُون، جٖي مان اورِيُون پِرِينءَ سين، وَرُ…[ سُر کنڀات - وايون ]
- ھوتَ ھَلَندي جي ڪِيُون، مُون سين ڳالِهڙِيُون، ھاڙِھي وِندُرَ وِچَ ۾، سَمَرُ سي ٿِيَڙِيُون، کُوءِ سي راتِڙِيُون، جي پِرِينءَ پُڄاڻا…[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- ڪَرِ ڪي ڳالِهڙِيُون، ڪَنڊا ڍورَ ڌَڻِيَنِ جُون، ڪَنھِن پَرِ راتِڙِيُون، ڪَنھِن پَرِ ڏِينھَن گُذارِيَئُون؟[ سُر ڏھر - ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ ]