تاري بابت
معنيٰ
ستاري، آسماني ٻرندڙ جسم، نجم.
Star.
بيتن ۽ وائين ۾
- ھُنَ تاري ھُنَ ھيٺِ، ھُتِ مُنھِنجا سُپِرِين، سَڄَڻَ ماکِيءَ ميٺِ، ڪَوڙا ٿِيَنِ نَہ ڪَڏِھِين.[ سُر کنڀات - نيڻ ۽ تارا ]
- ھُنَ تاري ھُنَ ھَنڌِ، ھُتِ مُنھِنجا سُپِرِين، سَڄَڻَ ماکِيءَ مَندِ، ڪَوڙا ٿِيَنِ نَہ ڪَڏِھِين.[ سُر کنڀات - نيڻ ۽ تارا ]
- ھُنَ تاري ھُنَ جاءِ، ھُتِ مُنھِنجا سُپِرِين، سَڄَڻَ ماکِيءَ ساءِ، ڪَوڙا ٿِيَنِ نَہ ڪَڏِھِين.[ سُر کنڀات - نيڻ ۽ تارا ]
- ھُنَ تاري ھُنَ رُوءِ، ھُتِ مُنھِنجا سُپِرِين، سَڄَڻَ کَٿُورِيءَ بُوءِ، مُون کي مُورِ نَہ وِسَرِئا.[ سُر کنڀات - نيڻ ۽ تارا ]
- ھُنَ تاري کي سامُھان، ھُنَ تاري جي لامَ، سَڄَڻَ مُون کي موڪِلِئا، سُهڻي کاڄِ سَلامَ، ھوتَ مَ ڀَڃِجِ ھامَ، ٻَڌِيَئِي…[ سُر کنڀات - نيڻ ۽ تارا ]
- ھيڪاندا ھُونِ پِرِين، سانگِ مَ وَڃَنِ سيڻَ، رَھيا آھِينِ رُوحَ ۾، نِتُ جَنِي جا نيڻَ، جَنِ وِماسِئا ويڻَ، تاريءَ تَڳي…[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چيتاريجِ چِتُ، تَہ دائِما دُورِبِيءَ ۾، پَسِين ولاتُنِ وِتُ، نِيَھُ نِکاري نِتُ، مَلاحَ گَڏِ مُعلِمَ سين.[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چِتَ ۾ چيتاريجِ، ڇَڏِجِ ڪائي ڪَچَ کي، ڪُوڙُ مَ ڪَمائيجِ، وَکَرُ وِھائيجِ، سَڀَ سوداگَرَ سَچَ جو.[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي صاحِبُ سَنواري، دَنگِي اِنَ دَرياھَ ۾، ھَلائي ھاڪاري، طَرازُون تاري، سُتَڙِ سَڀَيئِي ڪَري.[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- مُلاحِظو مَھِراڻَ جو، مُورِ مَ لاھِ مَنان، سامُونڊِي سَڀاڳَ کي، سُمَهڻَ آيوءِ ساءُ، جاڳِي جَرَ مَٿان، تاري وانءُ طَرازَ کي.[ سُر سريراڳ - اجگر لھرون ۽ جھاز ]
- تاري وانءُ طَرازَ کي، مَنجهان مَوجَ مَلاحَ، دانھُون ڪَنِ دَرياھَ جُون، اُونِهي جا آگاھَ، سُونھَنِ جِي صَلاحَ، وَٺُ تَہ وِيرِ…[ سُر سريراڳ - اجگر لھرون ۽ جھاز ]
- ڪِي تَران ڪِي تاريجِ، ڪِي سَگهان ڪِي سَگهُہ، آڏو ڏيجِ مَ گهَگهُہ، مُون ھيڪَلِيءَ وَلَها.[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وَڄَئا، ڳورِي پِيُ ساري، وَڏَ ڦُڙو واڪا ڪَري، اُٺو اوتاري، کَرڪَڻُ ڪَڍي ڇڏِئو، مينهِڙِيَنِ ماري، ڪَڪَرَ اَڄُ…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- وِندُرِ وَرَ ڏِنامِ، ڪيچِيَنِ ڪارَڻِ ڪيتِرا، ٻاروچا ٻاجَهہ ڀَرِيا، گوشي ھُوندَ گَڏِيامِ، چيتاري چَيامِ عَرضَ پَنھِنجا اُنِ کي.[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، ڪَرَھَلَ قَطاري، چَڙِهئا لَڪَ لَطِيفُ چئَي، توڏا تَنواري، ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ لَئي، رويو جَرُ ھاري، اَدِيُون اوتاري راتِ…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- مُومَلَ ويٺِي مَينڌَرو، سَدائِين ساري، وَلِيُون واسَ وَرَنِيون چانگي کي چاري، جَڏھِن تَڏِھِين سُپِرِين، اِيندومِ اوتاري، سوڍي سين ساري، ڳالِهيُون…[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- ويراڳِي واري، اللهَ آڻِ وَطَنَ تي، ڏُکَ لاھِيندا ڏِيلَ مان، تُھَنِ جِيئَن تاري، اِيندامِ اوتاري، کِيئَن جُون ڏِيندَمِ خَبَرُون.[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- جَو تو مَڻِيو ڀانيو، سو اَصلِ ڪُوڙو ڪَچُ، ھِنَ دُتاري ھارَ کي، سوڀِي ڀانءِ مَ سَچُ، ھِتِ ڳالِهيُون ڪَرِيين ڳَچُ،…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- ويٺِي ڪوٽَ وَٽِنِ ۾، ڪامَڻِ ڪُواري، مَلِيرُ سارِئو مارُئِي، رويو رُئاڙي، اَلا اوتاري، مُنڌَ مارُوءَ جي مڙِيين.[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- ٻَڌا موڙَ مَلِيرَ کي، وِڄَڙِيُنِ واري، سُورُ تَنِي جو سُومَرا، مُون کي ٿو ماري، اللهَ اوتاري، مَنَ مارُوءَ جي ميڙِيين.[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- ڪِينجُهرَ ٻِنهِي ڪَنڌِيين، ٿِي گَندَرِي گُذاري، سُونگِي سَمي جا، اِيندَسِ اوتاري، جي مي مَڇِي نَہ ماري، تَہ پُڻ اُڀو ڏڪي…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- جيھَرَ لوڪُ جَهپَ ڪَري، اوھِيَرَ اُڏامَنِ، پِٿُون جٖي پاتارَ جا، چيتاري چُڻَنِ، ڪوھُ ڪَندا کي تَنِ، پاريڙِي پَھُ ڪَري.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- اُڏَءُ آڏِتُ اُڀِرِئو، وانءُ وِھاڻِيءَ ڀَؤُنرَ، سي چيتاريجِ چِتَ ۾، جٖي ڪَنڊا ڌاري ڪَؤُنرَ، مَتان مارِينَئِي ٽَؤُنرَ، تو لَنئُن لَڳو…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]