Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر بروو سنڌي جَي عاشق اکڙِيُون جو بيت
اَڱَڻِ آيا نَہ سَھان، ويٺي گهَرِ گُهرانِ،
مُنھَن مُقابِل سُپِرِين، پَسِئو ٿِي پَچانِ،
وارُ نَہ سَھانِ وِچَ ۾، اَڃا دَرمِيانِ،
ڳَرا مَنجِهہ ڳُڻانِ، پِرِين وِجهان پيٽَ ۾.
رسالن ۾ موجودگي: 47 سيڪڙو
سمجهاڻي
هو (محبوب) جڏهن مون وٽ اچي نڪرن ٿا تہ آءٌ هنن کي ڏسي بيھي نٿي سگهان (دهشت جهلي نٿي سگهان) پر دل ۾ پيئي چوان تہ جيڪر مون وٽ ئي هجن (مون وٽان نہ وڃن) وري جڏهن اُهي سڄڻ منھن سامهون اچن ٿا تہ آءٌ (ديدار جي گرميءَ ۾) پئي کامان ۽ پچان. (مان پنھنجي هوش ۾ نٿي رهان). آءُ هنن جي ۽ پنھنجي وچ ۾ وار جيتري وٿي بہ برداشت ڪري نٿي سگهان، بلڪہ چوان پيئي تہ اڃان ويجهو هجن. منھنجا محبوب اهڙين مٺين ۽ سهڻين عادتن وارا آهن جو دل پيئي چوي تہ جيڪر پنھنجي اندر ۾ کين سمائي ڇڏيان. (مطلب تہ پرينءَ کان پري رهڻ توڻي ويجهورهڻ ناممڪن آهي. ٽين صورت اها آهي تہ کين پاڻ ۾ سمائي ڇڏيان).
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2725
اَکَنِ آَئِيَا نَسَهَان وٖيْٽِيْ کَرِ کُرَانِ﮶
مُهَ مُقَابِلِ سُپِرٍ پَسِئُوْ ٿِيْ پَچَانِ﮶
وَارُ نَسَهَان وِچَم﮼ اَڃَا دَرْ دَرْمِيَانِ﮶
کَـرَا مَنجِّہ کُـرَانِ پِرٍ وِجَان پٖيـْٽَم﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
अङणि आया न सहां। वेठे घरि घुरानि।
मुंहं मुक़ाबिलि सुपिरीं। पसिओ थी पचानि।
वारु न सहानि विच में। अञा दरि मयानि।
ग॒रा मन्झि गु॒णानि। पिरीं विझां पेट में।
ROMAN SINDHI
Angann Aaya na sahaan wethee ghar ghuraan,
Munhan muQabil supireen, passiyo thee pachaan,
waar'u na sahan wich'a me, anjan darmiyaan,
Ggara manJh ggunnan, pireen wiJhan pett'a me.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آيا پِرِين گُهرَنِ، اوتارا اَکِيُنِ…
- (بيت) اَڄُ پُڻ اَنگِئَمِ اَنگَ، ھَٿان…
- (بيت) اَڄُ پُڻ جُڙِئَمِ جوڙَ، جِيئَن…
- (بيت) اَکِيُنِ جا آگَمَ، مُون تان…
- (بيت) اَکِيُنِ ۾ ٿِي ويھُ، تَہ…
- (بيت) اَکِيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، اَلبيلِيُون ۽…
- (بيت) اَکِيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، رُپي جِي…
- (بيت) اَکِيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، ڪاتِيءَ جِھَڙِيءَ…
- (بيت) اَکِيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، ڪَجَلَ ريءَ…
- (بيت) اَکِيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، گَهِليُون ۽…
- (بيت) اُٿِي وَڃُ اَندوھَ، دوسِتَنِ دِلِاسو…
- (بيت) تارَنِ ۾ ڪَرِ تَڪِيو، وَنِنِ…
- (بيت) تُون صاحِبَزادو سُپِرِين، آئُون نِسورو…
- (بيت) جانِبَ اِيئَن نَہ جُڳاءِ، جِيئَن…
- (بيت) جانِبَ تُون جيڏو، آھِين شانَ…
- (بيت) جانِي مُنھِنجي جِيءَ ۾، جي…
- (بيت) جيھا تان نَہ تيھا، نيڻَ…
- (بيت) جَڏھِن پَئي يادِ، صُحبَتَ سُپَيرِيَن…
- (بيت) راتِيان ڏِينھان رُوحَ ۾، ٿِي…
- (بيت) ساجَنَ سِپاھِي، آئُون اَوَھانجو آھِيان،…
- (بيت) سُورَنِ سانگهيڙا ڪِئا، مَٿي مُون…
- (بيت) شُڪُرُ گَڏِياسُون سُپِرِين، جانِي جِيئَري…
- (بيت) طالِعُ اَڄُ وَرِئو، جِيئَن دوسِتُ…
- (بيت) نازَ مَنجهاران نِڪِرِي، پِرِين ڪَري…
- (بيت) نيڻَ صَقِيلَ سُپِرِين، ڀَؤُنرَ ڀِرُونِ…
- (بيت) پاٽُوندَرَ ماڻِڪَ پِرِين، عَطُرَ سين…
- (بيت) پاٽُوندَرَ ماڻِڪَ پِرِين، عَطُرَ سين…
- (بيت) ڀَؤُنرَ اَکِيُون ڀالا، نيزا نيڻَ…
- (بيت) ڌَرَ جيڏو ڌَڙونِ، پاسِنگَ مُورِ…
- (بيت) ڪوٺي ڪُٺائُون، اِنَ پَرِ اَکَڙِيُنِ…
- (بيت) ڪَڏِھِين تان ڪو نَہ ٿِئومِ،…
- (بيت) ڪَڏِھِين تاڪِيُون ڏِينِ، ڪَڏِھِين کُلنِ…
- (بيت) ڪُڇَنِ ڪِينَ مُھان، اوتُون ڏِينِ…
- (بيت) ڪِئان سِکِيين سُپِرِين، ڪاسائِيءَ ڪِي…
- (بيت) گهُنڊَڙِي نَہ لاھِيو، پاتِيَوَ جا…
