Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر بروو سنڌي جَي دل جو دلبر جو بيت
عِشقُ اِھَڙِي ذاتِ، جو مانجِهي مُنجهائي مَيَنِ کي،
ڏِينھان ڏورَڻُ ڏُونگَرين، رُئَڻُ سَڄِيائِي راتِ،
اُٿِي ويٺي تاتِ، مِيان مَحبُوبَنِ جِي.
رسالن ۾ موجودگي: 86 سيڪڙو
سمجهاڻي
عشق جي ذات (اصليت) اهڙي آهي جيڪا وڏي حوصلي ۽ وڏي صبر وارن کي بہ پريشان ڪري ڇڏي ٿي. عشق ۾ ڏينھن جو جبلن ۽ پھاڙن جا ڏکيا پنڌ ڪرڻا ٿا پون تہ رات سڄي ڳوڙها ڳاڙڻ ۾ گذري ٿي. عاشق کي هردم ۽ هر گهڙي، ڇا اٿڻ ڇا ويھڻ، هر لمحي صرف محبوبن جي تات ۽ طلب ئي رهي ٿي.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود بروو سنڌي، بيت نمبر : 2189
عَشْقُ اِهَرِيْ ذاتِ جُوْ مَاجِيْ مُجَائٖيْ مُيَنِکٖيْ﮶
ڎِيْھَا ڎُوْرَنُ ڎُنْکَر﮼ رُئَنُ سَڃِيَائِيْ رَاتِ﮶
اُٿِيْ وٖيْٽٖيْ تَاتِ مِيَان مَحْبُوْبَنِجِيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
अशुक़ इहड़ी ज़ाति। जो मान्झी मुन्झाए मयनि खे।
डीं॒हां डो॒रणु डूं॒गरें। रुअणु सजि॒याई राति।
उथे वेठे ताति। मियां मह्बूबनि जी।
ROMAN SINDHI
IshQ'u ahrree Zaat, jo manJhee munJhaye mayan khe,
Deenhaan Doorann'u Doongaren, ruann'u saJhhiyaee raat,
Uthee wethe taat, miyan maHbooban jee.
TRANSLATIONS
Love is a paradox that baffles even the stalwarts. During day the lover roams about amidst mountains (i.e. he is in hardship) and later he passes the entire night in weeping. All the time, in whatever posture he is, he remembers the Beloved.
Such is love's nature, that it confuse the brave,
Loves search the mountain during the day and weep at night.
They only think of the loved one,
sleeping or awake.
Unique is love that baffles even the strong and sturdy,
It keeps one wandering in mountains during days and
weeping through nights,
While heart craves for the beloved.
العشق شيء غريب يحير ويدهور الأبطال والأقوياء.
العاشقون فى النهار يتجولون فى الجبال وفى الليل يصبون الدموع والهموع من العيون هم بالقيام وبالقعود يا سيدي! يذكرون الحبيب.
سفر کوہسار ہے دن کو
اور پھر ساری رات سوتے ہیں
حوصلہ مند بھی محبت میں
اپنے ہوش و حواس کھوتے ہیں
ہر گھڑی عاشقوں کے جھرمٹ میں
تذکرے جان جاں کے ہوتے
عشق ہے ایسا زور آور، کہ سب کے ہوش گنوائے،
دن میں دشت و جبل میں بھٹکیں، رات کو چین نہ آئے،
پل پل یاد ستائے، اپنے بچھڑے پریتم کی۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آءُ تَہ پَرچُون پاڻَ ۾،…
- (بيت) آءُ تَہ پَرچُون پاڻَ ۾،…
- (بيت) آءُ عَجِيبَ اَڳي، سُڻُ حَقِيقَتَ…
- (بيت) آدِمِيَنِ اِخلاصُ، مَٽائي ماٺو ڪِئو،…
- (بيت) اَچَنِ جي ھيڪارَ، مُون سارِيندِيءَ…
- (بيت) اَچَنِ جَي اوطاقَ، مُون سارِيندِيءَ…
- (بيت) جان ڪِي رُٺاسُون، تَہ رُٺي…
- (بيت) جَنِ ريءَ سَري نَہ ساھَ،…
- (بيت) جَنھِن جو ڌَڻِيانَ ڌارَ، ٻيلِي…
- (بيت) جُنگَ نِھاري جَوھَرِي، دانا دوسِتَ…
- (بيت) جِيئَن سا ڪانِي ڪانھَنۡ، لَهسَندي…
- (بيت) دَردَ نَہ توکي دَنگِئو، دَردَ…
- (بيت) دِلبَرُ دُنيادارُ، ٻِنهِي اَکَرُ ھيڪِڙو،…
- (بيت) دِلِ جو دِلبَرُ ھيڪِڙو، گَهڻا…
- (بيت) رُٺا ڪِھَڙِيءَ رِيتِ، پَرچَندا پَرِ…
- (بيت) رُٺِي نَہ سَرَندوءِ، ھَلِي پَرچُ…
- (بيت) لافُون لَکَ ھَڻَنِ، سَھِڄِ پَئِي…
- (بيت) مُنھنجِنِ مَدائِنِ جِي، ڪَلَ پِريان…
- (بيت) مُنھِنجِي مَحبُوبَنِ، ڪَچِي ڪِئَڙِي ڪا…
- (بيت) يارُ سَڏائي سَڀَڪو، جانِي زَبانِي،…
- (بيت) ڌارَ نَہ يَڪدِلِ يارُ ٿِيي،…
- (بيت) ڏاتَرَ مُون ڏيکارِئو ھوتَنِ جو…
- (بيت) ڦِٽو ڦوڙائو، وَرِئو وَرَقُ وِصالَ…
- (بيت) کوڙي کَڻُ مَ سُپِرِين، کَنيَئِي…
- (بيت) ڳَورا ۽ ڳُوڙھا، سَڄَڻَ ڊاکَ…
- (بيت) ھوڏَ ڇَڏي ھوڏي، جَي مان…
سُر جا ٻيا داستان
وڊيو سيڪشن
