پَسَنِ بابت
معنيٰ
ڏسن، حاصل ڪن، نھارن، جاچن. معلوم ڪن. محسوس ڪن. لَکَن.
Achieve, see, observe, feel, test, taste
بيتن ۽ وائين ۾
- سُورِيءَ چَڙَهڻُ سيڄَ پَسَڻُ اِيءَ ڪَمُ عاشِقَنِ، اُوءِ پاھُون ڪِينَ پَسَنِ، سائُو ھَلَنِ سامُھان.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- جِنِ کي دَورُ دَردَ جو، سَبَقُ سُورَ پَڙَهنِ، فِڪرَ فَرَھِي ھَٿَ ۾، ماٺِ مُطالِعُ ڪَنِ، پَنو سو پَڙَهنِ، جَنھِن مان…[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- مُلان ڪوھُ مارِين، کارِين کُٿابِيَنِ کي، وَرَقَ جٖي وِصالَ جا، پَنا سي نَہ پاڙِھِين، سا سِٽَ نَہ سيکارِين، جَنھِن ۾…[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- پُڇَنِ سي پَسَنِ، جَڏھِن تَڏِھِين پِرِينءَ کي، ڏورِيندِيُون ڏِسَنِ، اَڱَڻَ عَجِيبَنِ جا.[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- آرِي ڏي نَہ اِيئَن، اَکڙِيُون اَنڌِنِ کي، وَنِيُون جي وِڇايان، ساڻُ نَہ ھُوندِيُون سِينءَ، سي ڪُوڙِيُون پَسَنِ ڪِيئَن، پيشانِي پُنهونءَ…[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- جَڙَ جِيئَري جَنِ سين، مُئي سين تَنِ، جٖي ھِتِ نَہ ھوتُ پَسَنِ، سي ڪَنھِن پَرِ ڪيچِ پَسَندِيُون.[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- سَنجهي رَھَنِ سُمَهِي، غافِلِ مَنجِهہ گَهرَنِ، ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، ڪَرَ ڳَلُ سوءِ نَہ ڪَنِ، سي ڪوھُ پِرِين پَسَنِ، جي…[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- لُوٺِيَسِ لاڳاپَنِ، نِنڊَ نِھوڙِيَسِ جيڏِيُون، سَڄَڻُ ڏُونگَرَ چوٽِيين، آڏا سيلَهہ سُڄَنِ، سي ڪِيئَن پِرِين پَسَنِ، جَنِي نِيَرُ ننگَ جو.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- ريءَ مَصلِحَتَ مَڱڻا، ھِتِ قَصرِ ڪِينَ اَچَنِ، نُورَ تَجَلِي نُورَ سين، نَمِئو نيڻَ پَسَنِ، خيمي ۾ کَنگهارَ جي، چانڊُوڻا چَمڪَنِ،…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- مُئي ھاٿِيءَ سين مامِرو، اَچِي پِئو اَنڌَنِ، مَناڙِينِ ھَٿَنِ سين، اَکِيين ڪِينَ پَسَنِ، في الَحقِيقَتهِ فِيلَ کي، سَڄا سُڃاڻَنِ، سَندِي…[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- جَنھِن ڪارَڻِ جوڳِي ٿِئا، جانۡ جانۡ سو نَہ پَسَنِ، تانۡ تانۡ سَناسِيَنِ، وِرِھَ وِھامي راتِڙِي.[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- عاشِقَ شَھَرَ فَقِيرَ، دَرِ دَرِ ھَڻَنِ سَينَ، مَنْ عَرَفَ اَللهَ ڪَلَّ لِسانُهُ ، اِھَڙائِي اَمِينَ، جِتي پَسَنِ ڪِينَ، تِتي ڪَرِينِ…[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- ڏُھاڳان سُھاڳَڻِيُون، ڪِھَڙي ڏوھِ ڪَنبَنِ، وَرُ وِڏُوڻو اِيَھِين، جِيئَن جِيئَن پاڻُ پَسَنِ.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- سُھاڳان ڏُھاڳَڻِيُون، ڪِھَڙي ڏوھِ ٿِيَنِ، وَرُ وِڏُوھي اِيَهِين، جِيئَن پاڻُ پَسَنِ.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- مَٿي واٽَڙيُنِ، نيڻَ نِھارا مُون ڪِئا، اِيندا مانَ پَسَنِ، مَٿان سَڳَرَ سُپِرِين.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- ڪيچِيَنِ ڪارَڻِ ڪالَهہ، نيڻَ نِھارا مُون ڪِئا، اِيندا پَسَنِ شالَ، اوٺِي آرِيءَ ڄامَ جا.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- اَنا عَبدُ معبُودُ تُون، اِتِ شِرڪُ نَڪو شَڪُ، پَچارُون پِرِيَنِ جُون، مَحَبَتِيَنِ مَرَڪُ، سو سَڀوئِي حَقُ، جَنھِن ۾ پَسَنِ پِرِينءَ…[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- روزا ۽ نَمازُون، اِيءُ پُڻ وَڏو ڪَمُ، اُو ڪو ٻِئو فَھَمُ، جَنھِن مان پَسَنِ پِرِينءَ کي.[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- اَکڙِيُون پِرِيَنِ ري، جٖي ڪِي ٻِئو پَسَنِ، ڪَڍِي کي ڪانگَنِ، نيوالا نيڻَ ڏِيان.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- وَسَنِ ۽ وِھسَنِ، ڏِھاڙِي ڏِسَڻَ لاءِ، جِيئَن جِيئَن پِرِين پَسَنِ، تِيئَن تِيئَن نَشا نِينھَن جا.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- اَکِيُنِ کي آئُون، جان ڪي جَهلُون پايان، رَءِ جَنھِن جي رَتِيُون، سوجهي سُوٺائُون، پَسَنِ پَراھُون، اورانگهِئو عالَمَ تان.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- مُون کي اَکَڙِيُنِ، وَڏا ٿورا لائِيا، کَڻان جَي کَرَ سامُهُون، تَہ پُڻ پِرِين پَسَنِ.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- ديکِ مَ تُون سين تَنِ، جٖي مَجازِياڻِيُون مُنھَن ۾، ڪِينَ سُڃاتو سُپِرِين، نِھاري نيڻَنِ، پِرِين سي پَسَنِ، ٻيئِي جَنِي ٻُوٽِيُون.[ سُر آسا - مجازي مام ]
- پُورِيُون پِرِين پَسَنِ، اُپَٽِيان تَہ اَنڌِيُون، وَڃِئو روزُ رَسَنِ، حَبيباڻي حُجري.[ سُر آسا - مجازي مام ]
- اللهَ کَرَ جِيَنِ، مَدِي جَنِ جِي مَنَ ۾، اَسان ۽ پِرِيَنِ جُون، اُمِيدُون پَسَنِ، تِھان پوءِ مَرَنِ، سَڙِي اِنهين سُورَ…[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]
- اللهَ کَرَ جِيَنِ، جٖي پاڙي رَھَنِ پِرِينءَ جي، پُنِيُون مانَ پَسَنِ، اُمِيدُون سين سَڄَڻين.[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]
- نَظَرُ اَکَڙِيُنِ، وَڃِي پِئو لاکَ تي، ڪارو ڪِينَ پَسَنِ، مِڙيوئِي ڳاڙِھو ٿِئو.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- ڳاڙِھو ئِي ڳاڙِھو، ڪارو پَسَنِ ڪِينَڪِي، اَکَڙِيُنِ آرو، وَڃِي ڪِئو لاکَ سين.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- اَحَدَ جي اِسرارَ کي، جُنبِي ڏِٺو جَنِ، سي موٽِي ڪِينَ پَسَنِ، ڌاران ڌَڻِي ڪِي ٻِئو.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- اُنَ اوڍَڻُ پَلُرُ پِيَڻُ، جَنِ جا پيرَ مَٿي پَٽَ پاڪَ، وِھَڻُ وَراچَنِ ۾، اُنِ جِي اَجوکِي اوطاقَ، سيئِي سارِئَمِ سُومَرا،…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]