Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر سريراڳ جَي جيون ۽ جھاز جو بيت
وِساڻُو سو واءُ، جَنھِن ڀَرِ ڊِڄَنِ ناکُئا،
پيئِي ڪَرَ ڪُنَنِ ۾، اُجهاڻُو اوڙاھُ،
اَچو اِنَ تَڙان، تَہ سامُونڊِي سُتَڙِ ٿِئو.
رسالن ۾ موجودگي: 24 سيڪڙو
سمجهاڻي
اهو (طوفاني) واءُ لڳڻ بند ٿي ويو جنھن کان ملاحن ۽ ناکئن کي سخت ڊپ هيو. ڪُنن جو زور وارو پاڻي بہ لھي ويو ۽ سمنڊ جو وڏو چڙهندڙ طوفان بہ ماٺو ٿي ويو. اي سامونڊي ساٿيو، شل توهان جو گذر اهڙن (سولن) تڙن تان ٿئي جيئن توهان کي (مصيبت ۽ تڪليف بجاءِ) سک جو ساھ نصيب ٿئي.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود راڳ، بيت نمبر : 1384
وِسَانُوْ سُوْ وَاءُ جِهْپَرِ ڊِجَنِ نَاکُئَا﮶
پٖيْئِيْ ڪَرَ ڪُنَنِم﮼ اُجَانُوْ اُوْرَاءُ﮶
اَچُوْ اِنَ تَرَا تَہ سَامُوْڊِيْ سُتَرِ ٿِيُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
विसाणू सो वाउ। जिंहिं भरि डिज॒नि नाखुआ।
पेई कर कुनन में। उझाणू ओड़ाहु।
अचो इन तड़ां। त सामूंडी सुतड़ि थिओ।
ROMAN SINDHI
Wisanno so wah Jehn par DhhaJan nakha,
Peiye kar kanan me AJhano uraah,
Acho unn taran,, ta samondhi satar thiyo.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَڳِينءَ جان آئُون، جَرِ پَلَئُہ…
- (بيت) توڙي تَوائِي، توءِ تُنھِنجي آسِري،…
- (بيت) تَنَ ۾ طَراَزَ توھَ جِي،…
- (بيت) جوڙي جُنگَ جِھازَکي، ڀورا تُون…
- (بيت) جَنِي جي جَھازَ کي، سَڳو…
- (بيت) جُتو وانءُ جَھازَ، گَڏِئو غُرابَنِ…
- (بيت) جُهونُو ٿِئو جَھازُ، سَٽَ نَہ…
- (بيت) جِتي لَهِرِنِ لَکَ، ڪَنِ ڪَرڳَلُ…
- (بيت) جِتي وَنجَهہ نَہ واھَ، چُپا…
- (بيت) دُنِيا سَڀَ دَرياھُ، ڪو ڪو…
- (بيت) سامُونڊِي ٿو سَنبَھين، ساڄو جَهلِ…
- (بيت) سوداگَرَ سَمُنڊَ جا، لاڄُو لالَ…
- (بيت) ناکُئو نِگَھِبانُ، مُعلِمَ مُجي خَبَرُون،…
- (بيت) وچِينءَ جان ويھِي، جَرِ پَلَئُہ…
- (بيت) گهاتُو گهڻيئِي ھُئا، مَٿي ھِنَ…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت

سريراڳ: شاستري سنگيت جو ھڪ مکيہ راڳ
ٺاٺ: پوربي (پوروا)
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: سا ري ما پا ني سا
آوروھا: سا ري ني ڌا پا ما پا ڌا ما گا ري سا
ھن راڳ جو وادي سر ”رکب“ ۽ سموادي سر ”پنڇم“ ٿئي ٿو.
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
