واءُ بابت
معنيٰ
وايو منڊل، ھوا، موقعو
Wind, event
بيتن ۽ وائين ۾
- دوسُ پيھِي دَرِ آئِيو، ٿِئو مِلَڻَ جو ساعِيَو. ڏِينھَن پُڄاڻُون آڻي اَسان کي، مَولا مُحِبُ مِلائِيو، وِيو وِڇوڙو، ٿِيو مَيلاپو،…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- وَڏَپَڻُ ۽ واءُ، ڪَرَھي کاڏو کوڙِئو، ساڻُو ٿِيُسِ ساھُ، ھاڻي پَلاڻُ ئِي نَہ کَڻي.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- وَڏَپَڻَ ۽ واءُ، ڪَرَھي کاڏو کوڙِئو، کُوءِ ٻَنِ پَلاڻِئا، اولاڻِئو نَہ اُٿِيي.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- سامُونڊِي ٿو سَنبَھين، ساڄو جَهلِ سُکانُ، لَڳي واءُ وَڏاندَرو، مُنجهائي مَھِراڻُ، جَنِي ڀانيو پاڻُ، ڪَري تَوائِي تَنِ کي.[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- وِساڻُو سو واءُ، جَنھِن ڀَرِ ڊِڄَنِ ناکُئا، پيئِي ڪَرَ ڪُنَنِ ۾، اُجهاڻُو اوڙاھُ، اَچو اِنَ تَڙان، تَہ سامُونڊِي سُتَڙِ ٿِئو.[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- ايندين تان آءُ، ھَڻِي ھَٿُ پَڳَھَ ۾، لَڳي واءُ سُواءُ، سِڙُه سانباھِي نَہ سَھي.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- اُھَرِئا جِئائِين، ڍُڪَنِ تَنِ تَرائِيين، سامُونڊِيَنِ سائِين، واءُ سَڻائو وارِيين.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- وَڻِجاري ڪانڌا، مُون وَرُ ويٺي گَهارئو، لَڳي اُتَرَ واءُ، ڍولو ھَلَڻَ جُون ڪَرَي.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، اُتَرَ وَرِيُنِ واءُ، ٻارَھين ماھِ نَہ موٽِئا، سَمُنڊَ آيُنِ ساءُ، جيڪُسِ لَڪا کانءِ، اوڏاھِين آسودا ٿِئا.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، اُتَرَ واءُ وَرِيونِ، ٻارَھِين ماھِ نَہ موٽِئا، سَمُنڊَ ڪاڄُ سَرِئونِ، ٻَرِ ٻَرِسُورُ سَندونِ، اَڄُ ڪَنھِن سين اورِيان.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، وَرِيُنِ واءُ اُتَرَ، ٻارَھين ماھِ موٽِئا، وِئا پَروڪِيءَ پَرَ، سُڃا سامُونڊِيَنِ ري، بازارِيُون بَندَرَ، کَڻِيو سُورَ سَمَرَ،…[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- سانڀارا سَڏَ ڪِئو، اُڀا چَونِمِ آءُ، ھِڪُ تِکو ئِي تارِ وَھي، ٻِئو لُڙُ لَهرِيُون ۽ واءُ، آڳَھُ جَنِ اللهُ، ٻُجهان…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- ڪو جَو وَرِئو واءُ، جِيئَن واسُ وَڇارَنِ مَٽِيو، مَٿان ساھَڙَ ساھُ، گهورِئو گهورِئان جِندَڙو.[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- ڪو جَو وَرِئو واءُ، جِيئَن ٻَرُ ٻانھُنِ ڇڏِئو، اَڳي اِنَ تَڙان، آئُون اُونداھِيان اُڪِران.[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- ڪا جَا ڍَرِي ڍُنگَرِي، ڪو جو وَرِئو واءُ، اَڀَنِ ۾ اوسُ پِئو، ڇَپَر چَڙِھئو شاھُ، عَلِيءَ شيرَ وِياءَ، رِڻُ ۾،…[ سُر ڪيڏارو - ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر ]
- ڦَکَ کُسَنَئِي ڳِجَهڙِي، لِڱين پوئِي واءُ، اَمِيرَنِ مَٿان، تو ڦُلين ڇائُون نَہ ڪِيُون.[ سُر ڪيڏارو - ڳجهُون ۽ چنڊ ]
- لَڳِي ڪوسو واءُ، لوڪُ مِڙيوئِي لهسِئو، اُڀَنِ مَنجهان آيو، ھئَي ھئَي جو ھُڳاءُ، طَيُورَنِ تَنوارِئو، پُنهونءَ پُڄاڻاءُ، رَسِئو سُورُ شَبانَ…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- جَنِي سَندو ڪُتو، سي جَي چُونِسِ آءُ، لُڙُ لَهرِيُون واءُ، ڪُتي سَڀَ قَبُولِئا.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- اُٺَ ويرِي اوٺارَ ويرِي، ٽِئا ويرِي ڏيرَ چوٿُون ويرِي واءُ ٿِئو، جَنھِن لَٽِئا پُنُوھَ پيرَ، پَنجُون ويرِي سِڄُ ٿِئو، جَنھِن…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- لَڳي لَڳي واءُ، لَٽي وِئو اَڱڙا، پيئِي کَڻِي پَساھُ، پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي.[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- اُسَ مَ لَڳي اوٺِيين، ليڙان لَڳُ مَ لُڪَ، اللهَ آرِيچَنِ جي، ڪوسو واءُ مَ وَڳَ، جَتَ جَهجها ۾ جَڳَ، مُنھِنجِي…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- تانۡ مُون ڀينَرُ ڀَئي ناھِ ڪا، جانۡ آرِياڻِي اَڳَ، ڪوسو ڪوھِيارَلَ جي، واءُ مَ لَڳي وَڳَ، ٻِئا پُڻ جَتَنِ جَڳَ،…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- وَرِئو واءُ وِصالَ جو، ڏيرَنِ ڏِھائِي، مُون کي مُڪِي سَڄَڻين، سيڻَنِ سَرَھائِي، اوڏِي آئُون آئِي، لَنگهي لَڪَ لَطِيفُ چئَي.[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- ڏاڍِي لُڪَ لَڪَنِ جِي، پَٽَنِ پوءِ پَچاءُ، ڇَپَرِ ڪوسو واءُ، ھَريا تو نيڻَ ڪِئا.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- واوَئُون وَرَقُ وِصالَ جو، ويراڳِي وارِينِ، وَرِيُنِ واءُ وِصالَ جو، اُڪَنڊَ ۾ آھِينِ، سَناسِي سَيِّدُ چئَي، لوڪَ نَہ لَکائِينِ، وَٱللَّهُ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- ھُيَسِ دادِلِي دوُسَ جِي، ٻئو وَرَ جو ھومِ واءُ، چانڪِ کِلي چَڙَھندِيَسِ کَٽَ تي، ريجهائِيندِيَسِ راءُ، ڪَونئُوروءَ جَھِڙِيُون ڪيتِرُون، دايُون…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- ڌَڻِي سو وارِيين واءُ، جَو ميڙائُو سَڄَڻين، وَنھِينءَ واٽَ مَٿان، ھِينئَڙي آسَرَ نَہ لَھي.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سَبا سيڻَ وِئا، وِنجُهلَ ويڙِهيچَنِ جي، مُون کي مارِئو ماءُ، مَريَمَ طٰهٰ اَنبِياءِ، واسي وَسَ وِئا، مارُوءَ…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]