Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر سريراڳ جَي جيون ۽ جھاز جو بيت
جِتي وَنجَهہ نَہ واھَ، چُپا چُرَنِ ڪِينَ ڪِي،
ڪِشِتِي ڪاغَذَ ڪَچَ جِي، چاڙِھِيَمِ مَنجهان چاھَ،
پَسِي سَختِي سَمُنڊَ جِي، ماندا ٿِئا مَلاحَ،
شَرَمُ رَکِين تُون شاھَ، لائِق لاڄي جا ڌَڻِي.
رسالن ۾ موجودگي: 14 سيڪڙو
سمجهاڻي
ٻيڙي سمنڊ ۾ اهڙي اونهي پاڻيءَ جي ڪُن ۾ اچي ڦاٿي آهي، جو اتي نہ ڪو ونجهہ لڳي ٿو ۽ نہ ڪا ٻي واھ بچي آهي. پاڻي ۾ ايترو زور آهي، جو چپا (ڪيڏي بہ زور سان) چرن ئي ڪونہ ٿا. (تڏهن مون سمجهيو) منھنجي ٻيڙي تہ ڄڻ ڪچن ڪاغذن (بيڪار شين) مان ٺهيل آهي، جيڪا مون حرص مان کڻي هلائي آهي. سمنڊ جي اها دهشت ڏسي (قابل) ملاح ۽ ناکئا بہ پريشان ٿي ويا آهن. اي مالڪ، تون هاڻي منھنجي پت رک. بيشڪ توکي ئي نذر نياز جڳائي (اسان کي تنھنجي ٻانهپ ئي سونھي ٿي ۽ تون ئي هر ڏکئي وقت ۾ حفاظت ڪرڻ وارو آهين).
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जिते वंझ न वाह। चुपा चुरनि कीनकी।
किश्ती काग़ज़ कच जी। चाड़िहियमि मंझां चाह।
पसी सख़िती समुंड जी। मांदा थिआ मलाह।
शरमु रखीं तूं शाह। लाइक़ लाजे॒ जा धणी।
ROMAN SINDHI
Jite wanjh na waah, chapaa chaurann keinn ke,
Kashti kagaz kach je, charrhym manjhan chaah,
Pasi sakhti samund je, manda thiaa malah,
Sharm rakhin toon shah laiq lachi ja dhani.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَڳِينءَ جان آئُون، جَرِ پَلَئُہ…
- (بيت) توڙي تَوائِي، توءِ تُنھِنجي آسِري،…
- (بيت) تَنَ ۾ طَراَزَ توھَ جِي،…
- (بيت) جوڙي جُنگَ جِھازَکي، ڀورا تُون…
- (بيت) جَنِي جي جَھازَ کي، سَڳو…
- (بيت) جُتو وانءُ جَھازَ، گَڏِئو غُرابَنِ…
- (بيت) جُهونُو ٿِئو جَھازُ، سَٽَ نَہ…
- (بيت) جِتي لَهِرِنِ لَکَ، ڪَنِ ڪَرڳَلُ…
- (بيت) دُنِيا سَڀَ دَرياھُ، ڪو ڪو…
- (بيت) سامُونڊِي ٿو سَنبَھين، ساڄو جَهلِ…
- (بيت) سوداگَرَ سَمُنڊَ جا، لاڄُو لالَ…
- (بيت) ناکُئو نِگَھِبانُ، مُعلِمَ مُجي خَبَرُون،…
- (بيت) وِساڻُو سو واءُ، جَنھِن ڀَرِ…
- (بيت) وچِينءَ جان ويھِي، جَرِ پَلَئُہ…
- (بيت) گهاتُو گهڻيئِي ھُئا، مَٿي ھِنَ…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت

سريراڳ: شاستري سنگيت جو ھڪ مکيہ راڳ
ٺاٺ: پوربي (پوروا)
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: سا ري ما پا ني سا
آوروھا: سا ري ني ڌا پا ما پا ڌا ما گا ري سا
ھن راڳ جو وادي سر ”رکب“ ۽ سموادي سر ”پنڇم“ ٿئي ٿو.
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
