Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر سريراڳ جَي جيون ۽ جھاز جو بيت
اَڳِينءَ جان آئُون، جَرِ پَلَئُہ ٿِي پايان،
تَہ آيَلِ وَڻِجارَنِ جُون، ٿِيُون ڌَڳَنِ ڌَڄائُون،
مَنجهان رُوحَ رَءِ ٿِئا، مُحَّمَدُ مَڃِيائُون،
پُنِيَنِ مُدَعائُون، کَنڊَ کيڙائُو آيا.
رسالن ۾ موجودگي: 24 سيڪڙو
سمجهاڻي
ٻنپھرن جي وقت مون (اڃان مس) سمنڊ تي اچي باس ۽ مڃتا پوري ڪئي تہ اي امڙ، مون ڏٺو تہ پري کان انهن جا ٻيڙا آهستي آهستي نظر اچڻ لڳا. (انهن تي مالڪ جي مهرباني ٿي) انهن جا روح صاف سچا (ايمان وارا) ٿيا ۽ محمد (صلي الله عليه وسلم) کي دل سان مڃيائون. الله سائين سندن دل جون اميدون ۽ مرادون پوريون ڪيون ۽ هو (دنيا جا) سمنڊ جهاڳي موٽي پنھنجي ماڳ آيا.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود راڳ، بيت نمبر : 1434
اَکِيْ جَا آَءٌ جَرِ پَلَىءُ ٿِيْ پَائِيَا﮶
تَہ آَيَلِ وَنِجَارَنِ جِيٌ ٿِيٌ ڌَکَنِ ڌَڃَاءٌ﮶
مَنجَا رُوْحَ رَءِ ٿِئَا مُحَمَّدُ مَڃِئَاءٌ﮶
پُنِيُنِ مَدَاءٌ کَنڊَ کٖيْرَائُوْ آَئِيَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
अगीं॒अ जां आऊं। जरि पलउ थी पायां।
त आयलि वणिजारनि जूं। थियूं धग॒नि धजा॒ऊं।
मंझां रूह रइ थिआ। मुहम्मदसलम मञियाऊं।
पुनियनि मुदआऊं। खंड खेड़ाऊ आया।
ROMAN SINDHI
Agyen jaan Aun, jar palh they payan,
Ta Aayal wanjharan joon, thiyon daghan dhajaon,
Manjhan rooh reh thia, Muhmmad machayon,
Piyen mudaaon, khand kherhao Aaya.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) توڙي تَوائِي، توءِ تُنھِنجي آسِري،…
- (بيت) تَنَ ۾ طَراَزَ توھَ جِي،…
- (بيت) جوڙي جُنگَ جِھازَکي، ڀورا تُون…
- (بيت) جَنِي جي جَھازَ کي، سَڳو…
- (بيت) جُتو وانءُ جَھازَ، گَڏِئو غُرابَنِ…
- (بيت) جُهونُو ٿِئو جَھازُ، سَٽَ نَہ…
- (بيت) جِتي لَهِرِنِ لَکَ، ڪَنِ ڪَرڳَلُ…
- (بيت) جِتي وَنجَهہ نَہ واھَ، چُپا…
- (بيت) دُنِيا سَڀَ دَرياھُ، ڪو ڪو…
- (بيت) سامُونڊِي ٿو سَنبَھين، ساڄو جَهلِ…
- (بيت) سوداگَرَ سَمُنڊَ جا، لاڄُو لالَ…
- (بيت) ناکُئو نِگَھِبانُ، مُعلِمَ مُجي خَبَرُون،…
- (بيت) وِساڻُو سو واءُ، جَنھِن ڀَرِ…
- (بيت) وچِينءَ جان ويھِي، جَرِ پَلَئُہ…
- (بيت) گهاتُو گهڻيئِي ھُئا، مَٿي ھِنَ…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت

سريراڳ: شاستري سنگيت جو ھڪ مکيہ راڳ
ٺاٺ: پوربي (پوروا)
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: سا ري ما پا ني سا
آوروھا: سا ري ني ڌا پا ما پا ڌا ما گا ري سا
ھن راڳ جو وادي سر ”رکب“ ۽ سموادي سر ”پنڇم“ ٿئي ٿو.
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
